دونھين مان ٺھيل لفظن جي ڪھاڻي
زيبو تون مرڻ کان پوءِ بہ منھنجي ڪم آئي آهين.
ان کان اڳ آءُ جڏهن بہ زيبو جي قبر تي ايندو هُيس تہ سندس قبر مان ڪريل مٽي کي هٿن سان وري قبر مٿان رکندو هُيس.
اڄ پھريون ڀيرو آءُ سند قبر مٿان ڏنل مٽيءَ کي هوريان هوريان هٽائي، قبر کي پراڻو ۽ بي نشان ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هئيس.
ڪافي دير کان پوءِ مون سوچيو تہ قبر جي مٽي لھي وئي آهي. قبر جي ڀرسان ٿڪيل انداز ۾ ويھي زيبو جي قبر ڏانھن ڏسڻ لڳس.
مون کي ائين لڳو قبر ائين آهي اڳ جھڙي ...
مٽي لڳل آڱرن سان اکيون مھٽي ڏٺم
قبر مان مٽي ڪافي هٽي چڪي هئي پر مون کي ائين پئي لڳو ڄڻ اها قبر منھنجي دماغ ۾ وري ٺھي هجي.
آءُ قبر جي باقي بچيل مٽيءَ مان ٻُڪ ڀري غور سان ڏسڻ لڳس
مٽي ..
جيڪا وطن جي هجي تھ، حفاظت لاءِ رت.
ٻنيء جي هجي تہ هاريءَ جو پگهر
۽ قبر جي هجي تہ دعا لاءِ ڪجهہ گهڙيون گهرندي آهي.
۽ آءُ هت زيبو جي قبر تي دعا گهرڻ ايندو هئيس.
”ڪُوڙ“
زيبو جو آواز ٻُڌو هئيم پر خبر نہ پئي، تہ هُن مٽيءَ جي قبر مان ڳالھايو يا منھنجي ذهن ۾ ٺھيل قبر مان،
”تون هن قبرستان ۾ خيرو شاھہ کان پُڙي وٺڻ ايندو آهين اها پُڙي جنھن جو دونھون، تنھنجي زندگي آهي“ ذهن ۾ ٺھيل قبرون ڪڏهن بہ ڪوڙ ناهن ڳالھائينديون زيبو پنھنجي حياتيءَ ۾ بہ ائين سچ، بي خوف ٿي ڳالھائيندي هئي جڏهن تہ مون ۾ سچ ڳالھائڻ جو حوصلو ڪڏهن بہ نہ رهيو آهي
ان ڪري ئي تہ شاديءَ کان پوءِ جڏهن مون پنھنجا خواب ٽٽندي محسوس ڪيا تہ سچ ڳالھائڻ ڄڻ مون کان وسري ويو هيو.
منھنجا خواب شادي ٿيڻ ڪري يا زيبو سان شادي ٿيڻ ڪري ڪو نہ ٽُٽا هيا. زيبو تہ منھنجي تصور کان وڌيڪ سُهڻي ۽ صابر طبعيت جي هئي.
بس منھنجا خواب بہ انھن لکين نوجوانن وانگر ان وقت ٽُٽي پيا جڏهن ڊگرين جو انبار گڏ ڪرڻ باوجود بہ مون کي گذر سفر لاءِ رڪشو هلائڻو پيو خبر ناهي ڪنھن ۽ ڪڏهن مون کي سمجهايو هيو تہ تنھنجا خواب ٽُٽا ناهن پر دونھين پويان گُم ٿي ويا آهن ۽ پوءِ مان خيرو شاھہ کان ورتل خاص سگريٽ پي، ان مان نڪرندڙ دونھين ۾ پنھنجا خواب ڳولھڻ لڳو هيس.
پوءِ واقعي بہ اهو دونھون منھنجي زندگي بڻجي ويو مون کي ان دونھين ۾ پنھنجا خواب نظر ايندا هيا آءُ انھن جي ڪڍ لڳندو هئيس تہ هو ڪجهہ قدمن جي فاصلي تي محسوس ٿيندا هيا پوءِ آءُ سڄو ڏينھن انھن جي ڪڍ لڳو رهندو هئيس.
شايد ان ڪري بہ منھنجو ڌيان گهر ۽ زيبو جي ذميدارين کان هٽي ويو هيو ۽ گهر هلائڻ جي ذميداري بہ هوريان هوريان ان مٿان اچي وئي هئي..
هوءَ پاڙي جي عورتن جا ڪپڙا، رليون سَبي گهر سان گڏ مون کي بہ هلائڻ لڳي هئي بغير ڪنھن ڪروڌ جي
مون کي اڪثر هن جي صبر تي حيرت ٿيندي هئي
صرف شروع واري ڏينھن ۾ اڪثر هوءَ پڇندي هئي
”فهيم .. ايتري دير ڪٿي ٿو رهين؟“
”هوائن ۾.... آءُ کلندي چوندو هئيس
”ڇا مطلب؟“
”منھنجي پياري ... مطلب تہ آءُ رڪشو هلائيندو نہ آهيان پر سمجهہ تہ اُڏاريندو آهيان“
مون هٿن سان پکين وانگر هوا ۾ اڏرڻ جو اشارو ڪندي چيو هيو
هن ڇرڪ ڀري ائين پنھنجي سيني تي جلدي هٿ رکيو ڄڻ هن مون کي اڏرندي، ڪرندي ڏٺو هجي
” ۽ پياري زيبو ... آءُ هوائن ۾ اُڏرندي ڪئي خوبصورت محل ڏسندو آهيان .. ۽ انھن مان خوبصورت ترين محل جھڙو محل تنھنجي لاءِ ... پنھنجي اولاد لاءِ...“
هن منھنجي ڳالھہ ڪٽيندي چيو هو
”اسان ... توسان گڏ جٿي آهيون جيئن آهيون خوش آهيون ... تون گهڻي جي لالچ نہ ڪر ...“
ڪڏهن ائين بحث تہ ڪڏهن خاموش رهي منھنجي چهري ۾ تڪيندي رهندي هئي
ان وقت مون کي پنھنجو چهرو دونھون دونھون ٿيندي محسوس ٿيندو هيو ۽ آخر هن کي بہ منھنجي چهري تي دونھون نظر اچي ويو هيو
مون کان اعتراف ڪرائڻ کان پوءِ هوءَ ان ڏينھن ڏاڍو رُني هئي
بس اهو هڪ ڏينھن
ان کان پوءِ ڪڏهن بہ ڪائي گِلھ، ڪوئي ڪروڌ نہ ڪيائين بس سندس خاموشي وڌي وئي هئي.
ڪجهہ عرصي کان پوءِ مون سان رڪشي جي ڪمائي ۾ ڀائيوار ۽ رڪشي جي مالڪ رحمت خان رڪشو بہ ان خوف کان واپس ورتو تہ متان آءُ سندس رڪشي کي کي بہ دونھين ۾ گم نہ ڪري ڇڏيان.
آءُ ڪافي ڏينھن پريشان رهيسُ پر پوءِ زيبو کان ڪڏهن پيار سان تہ ڪڏهن مار سان سندس ڪيل پورهيئي جي رقم وٺي، وٺي مون ان پريشانيءَ مان بہ جان ڇڏائي.
مون کي زيبو کان پيسا ملندا رهيا تہ منھنجي ۽ منھنجي خوابن جي ان دونھين جي وچ ۾ اک ٻوٽ بہ جاري رهي.
مون زندگيءَ ۾ کيس ڪجهہ ڏنو ايترو نہ هيو جيترو هن کان وٺندو هُيس.
هوءَ بہ وڏي صبر ۽ خاموشيءَ سان سڀ ڪجهہ ڏيندي رهي. پنھنجي راتين جون ننڊون، ڏينھن جو آرام، صحت، اکين جو نُور.. سڀ ڪجهہ تہ ڏيندي رهي. ۽ آخر هڪ ڏينھن پنھنجو ساھہ بہ ڏئي ڇڏيائين ماڻھو تہ سمجهن ٿا تہ کيس ڪينسر ماريو.
ٿوريئي ڏينھن ۾ مون کي احساس ٿيو تہ هوءَ اڪيلي ڪو نہ مري وئي پر پنھنجي ٽن ٻارن سان گڏ مون کي بہ ماري وئي هئي.
گهر جي چُلھي مان بہ دونھون نڪرڻ بند ٿيو هيو ۽ سگريٽ جو دونھون جيڪا منھنجي زندگي هئي ۽ ان ۾ منھنجا خواب نظر ايندا هيا اهو دونھون بہ منھنجي وس کان ٻاهر ٿي چڪو هيو گهڻن ڏينھن کان دونھين جي طلب ۽ بي قراري کان پوءِ آءُ زيبو جي قبر تي آيو هئيس شايد دل جي ڪنھن ڪنڊ ۾ کيس گلا ڏيڻ جي خواهش هئي.
آءُ کيس چوڻ پئي چاهيو تہ هُن مرڻ ۾ ايتري جلدي ڇو ڪئي ؟
هوءَ زنده هئي تہ گهر جي چُلھي مان بہ دونھون نڪرندو هيو تہ منھنجي سگريٽن مان به.
آءُ زيبو جي قبر تي اچي خاموشيءَ سان ويھي رهيو هئيس ... ڪافي دير گذري تہ مون کي محسوس ٿيو ڄڻ ڪو ٻيو بہ اتي موجود آهي
ڇرڪ ڀري ڏٺم تہ قبرستان جو گورڪن بيٺو مون ڏانھن ڏسي رهيو هيو
”تنھنجي گهرواري ڪا خوش نصيب عورت هئي“
هن ڳالھايو، هو مون کي سڃاڻيندو هيو ۽ سمجهندو هيو تہ مون کي پنھنجي گهرواريءَ سان شديد محبت هئي.
”هوءَ نصيب واري هئي جو کيس مرڻ کانپوءِ اهڙي خوبصورت جڳھہ تي قبر نصيب ٿيو“
هن قبر جي چؤطرف نظرون ڦيرائيندي چيو مون بہ ڪيئي ڀيرا اها ڳالھہ محسوس ڪئي تہ زيبو جي قبر قبرستان جي سڀ کان خوبصورت جڳھہ تي هئي جتي وڻ، ٻوٽا ڏاڍو خوبصورت منظر پيش ڪري رهيا هيا ۽ قبرستان واري اُداس ڪندڙ ماحول کان بلڪل مختلف منظر هيو
مون بہ سوچيو هو تہ زيبو کي زندگي ۾ سٺو گهر تہ نصيب نہ ٿيو پر قبر واري جڳھہ ڏاڍي خوبصورت مليس.
اڄ هڪ وڏي سيٺ جي گهرواري مري وئي آهي ...
سيٺ کي شايد پنھنجي گهرواريءَ سان ڏاڍي محبت هئي“
گورڪن چوندي چوندي چپ ٿي منھنجو منھن تڪڻ لڳو هو
” گهرواريءَ سان محبت؟؟ بڪواس“ مون چڙ مان سوچيو پر خاموش رهُيس گورڪن وري ڳالھائڻ لڳو
”اهو سيٺ پنھنجي گهرواريءَ لاءِ قبر جي جاءِ چونڊڻ لاءِ پاڻ آيو آهي پر.... پر کيس ڪا ئي جڳھہ وڻي ئي نٿي جيڪا سندس شان مطابق هجي“
مون ڇرڪ ڀري هن ڏانھن ڏٺو
هن جي هٿ ۾ سگريٽ هو ۽ مون ڏانھن غور سان ڏسي رهيو هيو.
مون کي لڳو هن جملو نہ ڳالھايو هيو ڄڻ مون ڏانھن سگريٽ جو دونھون اڇلايو هيو
دونھون ... منھنجي طلب
آءُ تڪڙي اُٿي بُيٺس
”تہ ...؟ “ مون بہ کيس چتائي ڏٺو هن جواب نہ ڏنو صرف هڪ نظر زيبو جي قبر ڏانھن ڏٺو هُن وري ڪجهہ ڳالھايو، مون کي سندس لفظ دونھين جي شڪل ۾ نظر اچڻ لڳا هيا.
هُو واپس ويو
ڪجهہ لمحن بعد آيو تہ هن سان گڏ هڪ ٿلو متارو خوش لباس شخص آيو ۽ هڪ نظر ۾ ئي ماحول ڏسي ڪنڌ لوڏي کيسي مان ڪافي سارا نوٽ ڪڍي مون ڏانھن وڌايائين
مون تڪڙ ۾ نوٽ ورتا.
مون کي هر طرف دونھون ئي دونھون نظر اچڻ لڳو هيو ۽ زيبو جي قبر بہ دونھين ۾ گُم ٿي وئي هئي
اعتراف زيبو ... تون مرڻ کان پوءِ بہ منھنجي ڪم آئي آهين.