مڱڻيءَ جي مُنڊي
ڪنھن سٺي فيملي سان تعلق رکندڙ ھڪ دوست جي مڱڻي ٿي ھيس. ٻہ چار ڏينھن کان پوءِ مڱڻي جي پروگرام جون تصويرون کيس ڏيکاريون هيائين...
ھڪ تصوير سندس اکين مان ٿيندي ذھن جي اسڪرين تي ڄڻ ڄمي وئي ھئي. تصوير ۾ سندس اھو دوست مسڪرائيندي پنھنجي مڱينديءَ کي مڱڻي جي منڊي پارائي رھيو ھيو. مُنڊي پارائڻ وارو اھو منظر ھن جي ذھن تان ڪيئي ڏينھن نہ لٿو.
نيٺ ھن فيصلو ڪيو ”آءٌ بہ جنھن ڇوڪريء سان مڱڻو ڪندس ان کي ضرور مُنڊي پارائيندس ۽ ائين فوٽو ۽ وڊيو رڪارڊنگ ڪرائيندس“
پر اھو ڪم ھن لاءِ ايترو آسان نہ ھو. ھُو پاڻ بہ ان ڳالھہ کي سمجهي رھيو ھو، ڇو تہ ھنن جي خاندان ۾ ھڪ تہ مرضي جي شادي ڏکي ڳالھہ ھئي، ٻيو تہ مڱڻي ٿيڻ سان ئي ڇوڪري، ان ڇوڪري جو نالو ٻڌي اُتان اٿي ويندي ھئي. ۽ ائين مڱڻي جي مُنڊي پارائڻ ناممڪن ھو.
”جنھن کي منھنجي اھا شرط قبول نہ ھوندي آءٌ اتي مڱڻي نہ ڪندس“
ھن پڪو پھھ ڪيو.
ھڪ ڀيري ڪپڙا دير سان استري ڪري ڏيڻ جي ڪاوڙجڻ تي سندس ماءُ چيس
” ابا ھاڻي مونکا ايترا ڪم ڪو نہ ٿا پڄن... ھاڻي شادي ڪر..“
اُن وقت ھو چپ ٿي ويو ۽ جڏھن ڪنھن ٻئي ڀيري سندس ماءُ کيس ائين چيو تہ ھن چيو
”ٺيڪ آھي امان.. ھاڻي واقعي شادي ڪرڻي پوندي..“
سندس ھا ڪرڻ تي ماءُ جو چھرو ٻھڪي پيو ھو.
”ڪا بہ ڇوڪري پسند ڪر امان پر منھنجي ھڪڙي شرط اٿئي...“
”شرط؟ ڪھڙو شرط پُٽ؟“
ھن جي اکين اڳيان دوست جي مڱڻي جي موقعي تي نڪتل تصوير ڦري آئي.
”امان! جنھن بہ ڇوڪريءَ سان منھنجي شادي ڪرايو ان کي مڱڻي جي موقعي تي مُنڊي مان پارائيندس“
ھن جي خواھش تي سندس ماءُ حيران ٿي ھئي.
”ابا اسان جي مائٽن ۾ ڪڏھن ڪو ائين ٿيو آھي ڇا؟“
”ھا امان اڳ تہ ائين نہ ٿيو ھو، پر ھاڻي ائين ٿيندو... ۽ جنھن بہ منھنجي اھا شرط نہ قبولي... اتي آءٌ مڱڻو ئي نہ ڪندس“
۽ ان کان پوءِ بہ جڏھن سندس شادي جو ذڪر نڪتو ھن اھا شرط رکي.
ھن جي پراڻي خيالن جي مائٽن مان ڪنھن کي بہ اھو شرط قبول نہ ھجي ھا، بلڪ ھن جي ماءُ، ڀَوَ ۽ شرمندگيءَ کان تہ ڪنھن سان ڳالھہ ئي نہ ڪئي.
سندس ماءُ، ڀينرن، ڀائرن جڏھن بہ کيس شاديءَ لاءِ چيو ھن اھا شرط رکي.
سندس مُنڊي پارائڻ واري خواھش، سندس ضد بڻجي چڪو ھو.
ڪجهہ وقت کانپوءِ، ھڪ دوست جي معرفت کيس ڌارين مان شاديءَ جي آفر ٿي، ھن جي ماءُ وڃي ھن ڇوڪريءَ کي ۽ ھن جي خاندان کي ڏسي آئي کيس ڇوڪري ۽ خاندان پسند آيا.
ھن وري ماءُ آڏو اھا شرط رکي.
ھنن کي چئو تہ ”ڇوڪري کي مڱڻي جي مُنڊي آءٌ پاڻ پارائيندس“ .
ھن جي ان شرط تي پھرين تہ ڇوڪريءَ جي مائٽن انڪار ڪيو پر پوءِ ٿورو زور ڀرڻ تي راضي ٿيا.
ھو ڏاڍو خوش ٿيو ھو.
مڱڻي جي لاءِ تاريخ طئي ٿي، ھو بي صبري سان ان ڏينھن جو انتظار ڪرڻ لڳو ھو.
ھن سوچيو
”ھاڻي آءٌ بہ ان دوست کي مڱڻي جي موقعي تي نڪتل تصوير ڏيکاريندس ۽ ثابت ڪندس تہ مان بہ جديد- ترقي پسند خيالن جو آهيان“
نيٺ اھو ڏينھن بہ اچي ويو، ھو وڏين تيارين سان خوش خوش ڇوڪري وارن وٽ پھتا. جتي ڇوڪري وارن بہ سندن سٺو آڌرڀاءُ ڪيو. ھن جو ھڪ مائٽ ڪيئمرا سنڀالي فوٽو ڪڍي رھيو ھو.
۽ نيٺ کيس سندس ماءُ مُنڊي ڏيندي ڇوڪريءَ کي پارائڻ لاءِ چيو. ھو مسڪرائيندي اڳتي وڌيو ۽ ڇوڪريء جي ڀرسان اچي ھن ھڪ نظر ڪيئمرا تي وڌي ۽ پنھنجي چپن تي دلڪش مسڪراھٽ آڻيندي منڊي اڳتي وڌائيندي ڇوڪري کي ھوريان چيو.
”ھٿ اورتي ڪيو“
ڇوڪريءَ جو منھن ڳاڙھو ٿي ويو ۽ ھن پنھنجو ھٿ ٿورو پوئتي ڪندي ڄڻ لڪائيو. ھن وري دل ٻڌي، ھمٿ جو مظاھرو ڪندي ڇوڪريءَ جي ھٿ کي پڪڙي پاڻ ڏي ڇڪيو.
ٻئي لمحي، مُنڊي ھن جي ھٿن مان ڪري پئي،
ڇوڪريءَ جي ٻاچ آڱر ڪٽيل ھئي.