هن ڪھاڻيءَ جو ڪو عنوان ناهي
ساجد تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟“
آئون ڪجهہ دير حيران ٿي وَيَس. ڇو تہ آءُ ان سوال لاءِ تيار ڪو نہ هُيسَ. مون ان سوال کي بہ شادي جي پھرين ڏينھن جو لاڏ سمجهيو پر جواب ڏيڻ ۾ دير ڪئي تہ هن وري کلي چيو:
”ڇو پريشان ٿي وئين؟“
مون بہ کلي چيو:
”صفيھ اصل ۾ آئون توسان جيتري محبت ڪريان ٿو ان جي ماپ تور لاءِ ڪائي ترازي، ڪي وَٽ اڃان ٺھيا ئي ناهن.“
هن کي خوش ٿيڻ کپي ها پر ڪجهہ سوچيندي چپ ٿي وئي.
”ڇو اعتبار نٿو اچئي؟“
”نہ نھ، اهڙي ڪائي ڳالھہ ناهي.“
هن جلدي ۾ چيو ڳالھہ آئي وئي ٿي.
ڪافي ڏينھن کان پوءِ هڪ ڏينھن وري ساڳيو سوال پڇيائين.
”ساجد تون مون سان ڪيتري محبت ڪرين ٿو.؟“
پھرين تہ آئون حيران ٿُيس. وري دل جي ڪنھن ڪُنڊ ۾ چڙ بہ محسوس ڪيم پر وري بہ چهري تي مُرڪ آڻيندي ڪو فلمي ڊائيلاگ سوچڻ لڳو هيس تہ هُو منھنجي چهري کي غور سان ڏسندي هلي وئي مون سوچيو شايد هن منھنجي چڙ کي محسوس ڪيو آهي ۽ هاڻي ٻيھر ڪڏهن بہ اهو سوال نہ پڇندي. پر هڪ ڏينھن هوءَ پنھنجي ماءُ، پيءُ يعني منھنجي ساهرن کان ٿي موٽي آئي تہ ڪنھن ڳالھہ جي وچ ۾ وري مون کان ساڳيو سوال پڇيائين.
”تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟
سوال تي مون کي ڪاوڙ تہ آئي پر اوچتو هڪ خيال ذهن ۾ آيو تہ آخر هوءَ جڏهن بہ پنھنجي ماءُ، پيءُ جي گهر مان گهمي موٽي ايندي آهي تہ ان ڏينھن اهو سوال ضرور پڇندي آهي.
”آخر ڇو؟؟“ مان حيران ٿيندو سوچيندو رهيس. ڳالھہ سمجهہ ۾ نہ آئي تہ مون ان ڳالھہ کي بہ ٽارڻ، وسارڻ جي ڪوشش ڪئي.
هڪ ڏينھن آئون تيار ٿي آفيس لاءِ نڪرڻ لڳو هئس تہ هن فرمائش ڪئي تہ آئون کيس بائيڪ تي سندس والدين جي گهر تائين ڇڏيو وڃان.
آئون کيس ساڻ ڪري بائيڪ تي کڻي پنھنجي ساهرن يعني صفيھ جي والدين جي گهرواريءَ گهٽيءَ جي مُنڍي تائين جيئن پھتس تہ هن هوريان مون کي بائيڪ اتي بيھارڻ لاءِ چيو. مون بائيڪ بيھاري منھن ورائي هن ڏانھن سواليھ انداز ۾ ڏٺو.
هن انتھائي عجيب انداز ۾ هوريان چيو.
”ساجد آئون، اڪثر تون کان پڇندي آهيان تہ تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟
مون کي هڪ لمحي لاءِ خوف ٿيو تہ ڪٿي هُو وري هتي رستي ۾ ئي اهو سوال پڇڻ ٿي چاهي ڇا؟
دل ئي دل ۾ ڪاوڙ کي ضبط ڪري خاموش رهيس. هن هڪ طرف اشارو ڪندي چيو:
”هو ڏس“
روڊ جي هڪ طرف ان گهٽيءَ جي مُنڍي ۾ هڪ ڀتِ جي ڇانوَ ۾ هيٺ زمين تي هڪ فقير ويٺو هيو جڏهن تہ ان جي بلڪل اڳيان فرش تي هڪ ڪُراڙي فقيرياڻي سُتي پئي هئي.
شايد ان فقيرياڻي جي چهري تي ڪو زخم هيو يا منھن نہ ڌوئڻ ۽ ڪنھن گندگي جي ڪري چهري تي شايد مکيون پئي آيون ۽ ڪُراڙي فقير مسلسل. ڪنھن مشين وانگر هٿ هلائيندي مکيون تڙي رهيو هيو مون صفيھ ڏانھن نہ سمجهڻ واري انداز ۾ گهوري ڏٺو.
هوءَ چوڻ لڳي:
”هي ٻئي ڪراڙا فقير، فقيرياڻي زال مڙس آهن. آئون وڏي عرصي کان هنن کي اتي ئي ڏسندي پئي اچان.“
هوءَ هڪ لمحي لاءِ چپ ٿي وري چوڻ لڳي.
”هي ڪراڙو فقير .. ائين ئي ھميشہ کيس هٿ سان هوا اڏائي پيو يا مکيون اڏاري پيو. ڪڏهن ڪڏهن ڀر ۾ پيل ڪپڙي سان سندس منھن تان مٽي ۽ پگهر اُگهي ٿو.“
مون ڪجهہ تيز لھجي ۾ چيو.
”ان ڳالھہ مان تنھنجو مطلب؟“
هوءَ بائيڪ تي ويٺي ويٺي مون ڏانھن ٿورو سُرڪي آئي ۽ هوريان چوڻ لڳي.
آءُ اڪثر توهان کان پڇندي آهيان تہ تون مون سان ڪيتري محبت ڪندو آهين؟... تہ بس.. تون مون سان.. ايتري محبت ڪر جيتري محبت هي فقير.. ان ڪراڙي فقيرياڻي سان ڪري ٿو.
منھنجي عجيب ڪيفيت ٿي وئي هئي.
ڪاوڙ، کِل، ٽوڪ، سڀئي ڪيفيتون گڏجي پيون هيون مون هڪ نطر وري انھن ڪراڙن فقيرن ڏانھن ڏٺو ٻئي ساڳي حالت ۾ نظر آيا.
”صفيھ... هي فقير، ان ڪراڙيءَ جو ان ڪري بہ خيال ڪندو هوندو تہ هوءَ ڏسڻ ۾ ڏاڍي مظلوم، قابل رحم نظر اچي پئي ۽ ان جي ڪري کيس هر ڪوئي ڪجهہ نہ ڪجهہ ڏئي پيو وڃي.“
منھنجي لھجي ۾ ٽوڪ هئي.
صفيھ مون ڏانھن عجيب نظرن سان ڏٺو ۽ بائيڪ تان لھي هوريان چيائين.
”تون نہ سمجهي سگهندين.“
صفيھ گهٽيءُ ۾ داخل ٿي هوريان هوريان اڳتي وڌندي وئي.
مون بائيڪ ڦيرائي ۽ آفيس هليو آيس.
پر ان ڏينھن کان پوءِ ڪافي ڏينھن تائين صفيھ مون کان اهو سوال وري ڪو نہ پڇيو.
ڪافي ڏينھن بعد هڪ ڏينھن آفيس جي ڪنھن ڪم سان منھنجو اتان گذرڻ ٿيو تہ اوچتو انھن فقيرن جو خيال آيو.
اتي اچي بائيڪ بيھاري ڏٺم.
ساڳئي جاءَ تي فقير تہ ويٺو هيو، ڪراڙي فقيرياڻي ڪو نہ هئي؟
”ڪراڙي فقيرياني شايد مري وئي“
منھنجي اندر مان آواز آيو.
ڇرڪ ڀري ڏٺم.
فقير اڪيلو ساڳئي حالت ۾ ويٺو آسمان ڏانھن ڪجهہ تَڪي رهيو هيو پر سندس هڪ هٿ هاڻي بہ ائين لڏي رهيو هيو ڄڻ ڪراڙيءَ جون مکيون اُڏاري رهيو هجي يا هٿ سان هوا ڏيئي رهيو هجي.