پيار جو پهريون اظهار (پبلشر نوٽ) ـــ رياضت ٻرڙو
* آهي رشتن ۽ ناتن جي انبوهه ۾،
زندگي پاڻ لئه ڀي بچي ڪونه ٿي.
* ڇــو ٿـا نـفـرت جـي آڳ ڀــڙڪـايــو؟
ايئن ته سارو شهر ٻري ويندو.
* ســڄـــو ڄــامــشــورو ويـــــو واســـجـــــي،
گھمي ٿي ائين گل هڻي ڇوڪري.
* تـو پنهنجي لـڙڪـن ۾ ڇـو وهـايـو؟
اکين ۾ تنهنجي ٻڏڻ ٿي چاهيو!
رضوان جا ٻيا ڪيترائي اهڙا شعر آهن، جيڪي ڪشش ڪن ٿا. مان جڏهن به رضوان سان ملندو ۽ سندس شاعري ٻڌندو هيس ته اچرج لڳندو هُيم، ته رضوان شاعر به آهي! ڇاڪاڻ ته مونکي سندس انداز شاعراڻو محسوس نه ٿيندو هيو. پر، بعد ۾ جڏهن هن جون ڪوتائون ٻڌيون ته هُو واقعي به هڪ حساس شاعر لڳو. سندس احساس ۽ جذبا، سندس اُمنگون ۽ ارمانَ، سندس سوچون ۽ سپنا، سندس ڌڙڪنون ۽ نظرون، ۽ سندس اتساهَه ۽ چاهَه سڀئي اهڙو اظهار ڪندي نظر اچن ٿا ته هُو سچُ به شاعريءَ جي راهَه جو اهو پانڌيئڙو آهي جنهن جي وجود ۾ هڳاءَ ۽ هِيرون آهن ۽ جيڪو فطرت کي چاهيندڙ آهي.
رضوان جي شاعري مختلف صنفن ۾ آهي، جن مان موجوه ڪتاب ۾ غزلَ، آزاد نظمَ، نثري نظمَ، هائيڪا، وايون ۽ تروينيون شامل ڪيون اٿائين. مون سندس سموري شاعريءَ جو مطالعو ڪيو آهي ۽ منهنجي ذاتي راءِ ۾ هُن سهڻا غزل به سرجيا آهن، پر سندس نثري نظمن ۾ وڌيڪ سگھ آهي:
جيئن خزان جي موسم ۾
وڻن جا سڪل پن
رستن تي وکري
ڀُري پوندا آهن،
وڇوڙا به
ائين ئي انسان کي
سڪل پنن جيان
ڀورا ڀورا ڪري وجھندا آهن. (“وڇوڙا”)
ان کان سواءِ هُن جا نثري نظم “عشق جو اظهار”، “رانديڪا”، “ڪُوڙِي شانتي”، “دل جون اکيون” ۽ ٻيا پڻ وڻندڙ آهن. “پيار جي پهرين بارش” واقعي به رضوان جي پيار جي پهرين برسات آهي، جنهن جون ڪَڻيون پنهنجي وجود تي ان احساس وانگر وَسن ٿيون، جن کان پوءِ اُجري فطرت کي پَسڻ ۽ انڊلٺ جي نظاري ڪرڻ جي آس ڪَر موڙڻ لڳندي آهي.
ڪاش! تون اچي وڃين
ته ڪي محبتن جا مينهن وسن
۽ منهنجي من کي اجرو ڪري
منهنجا سڀئي غم به ائين ئي ڌوئي ڇڏن
جيئن سڄي رات برسات وسڻ کان پوءِ
شهر جا سڀ رستا
وڻ ٽڻ ۽ وليون
ڌوپجي اڇا اجرا ٿي پيا آهن. (“برسات وسڻ کان پوءِ”)
آس اٿم ته رضوان گل جي پيار جي هن پهرين بارش / پهرين شعري مجموعي کي به اوهان سندس اڳ واري ادبي پورهيي وانگر دل کولي قبول ڪندا.
رياضت ٻرڙو
14 مارچ 2012، لاڙڪاڻو