وقت واريءَ جيان...
تنهنجو سرتين سان گڏجي گھمڻ ۽ کلڻ
ڏاڪڻيون چڙهندي لهندي
وڏا ٽهڪ ڏيندي
ڏسي مونکي هڪ دم صفا چپ ٿيڻ...
منهنجي گذري وڃڻ کانپو سنجيده ٿيڻ...
سمجھ ۾ ڪونه ايندو هيو اڳُ پر.....
هاڻي سالن پڄاڻان
مون تنهنجي لکيل هڪ ڪهاڻي پڙهي ..
سا ڪهاڻي نه هئي
جو اهو ئي قصو تو لکي هو ڇڏيو
جنهن کي من منهنجو ڪڏهين نه سمجھي سگھيو.
۽ تڏهن هڪ جڳهه تي ويس مان ڄمي
جيئن ڪو پٿر هجي
يا وري ڪوئي درياهه يڪدم ڄمي برف ٿي.
اڄ ... خبر پئي ته تو
مون کي چاهيو هيو
مون هو سمجھيو ته مان
تنهنجي لئه غير هان!
پر ! الائي ته ڇو تو ڀي ڪجهه هو نه چيو
مان به پنهنجي محبت کي سانڍي رکيو
۽ ٻنهي ٻڙڪ ٻاهر نه ڪڏهين ڪڍي..
وقت واريءَ جيان مٺ مان ويو وهي.....
هاڻي سوچيان پيو
منهنجو ماضي ته ڪائي ڪهاڻي هيو!!
منهنجو ماضي ته ڪائي ڪهاڻي هيو!!