شاعري

پيار جي پهرين بارش

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2529
  • 830
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي پهرين بارش

هائيڪا

ڪڪر ٿي اڏريا
پياس هئس ڏاڍي
ٻڪ جھليا صحرا

سيءَ جي آ لهر
ڏڪڻي جسمن ۾ وڌي
رات پويان پهر

رستا ڪشادا
يونيورسٽيءَ جي روڊ تي
جوڙا هن پيادا

چوڌاري ڪڪر
ڏسي ٿر مٿان
هارين ڪاهيا هرَ

آس جا ڳوڙها وهيا
سچ سوليءَ تي چڙهيو
ٽياس جا ڳوڙها وهيا

ٻوڏ وئي ٻوڙي
نياڻين ڏاج سميت
سڀ ڪجهه وئي لوڙهي

مُرڪي ڏٺائون
اکين ئي اکين ۾
نياپا مڪائون

ڪويل جي ڪوڪو
مند ملهاري آ
ڳيري جي هو هو

درد ڪهاڻي آ
روئندڙ ڇوڪريءَ جي
پيار پڄاڻي آ

پياس وڌي وئي آ
دل ٿي چئي بڻجي وڃي
درياهه هي صحرا

ميلا مچن ٿا
وسڪاري کانپوءِ سڀ
ٿر ڏي اچن ٿا

سياري جي رات
ڪلُ ٻري ٿو ڪمري ۾
۽ چوڌاري سانت

امن ڪٿان ڳولهيون
هر پاسي آهن رڳو
بم، بڙڇيون، گوليون

ڪينجھر ڪناري
ٿڪي پيس تنهنجون
راهون نهاري

ميندي لائن ٿيون
سرتيون تنهنجي چؤطرف
لاڏا ڳائن ٿيون

تنهنجي ڳل جو تِرُ
هر هر گھوريان ٿو پيو
ان مٿان مان سِرُ

چوڙين جو آواز
ناريءَ کي آ پنهنجي
سُندرتا تي ناز

ڪارونجھر جي ڪورَ
سهڻا کنڀ کنڊيڙي
ڪيئن نچن ٿا مورَ

اکين ۾ ڳوڙها
پُٽن گھر بدر ڪيو
روئن ٻه پوڙها

بندوق جو ٺڪاءُ
پکي تڙپي مري ويو
ماڻهن لئه لقاءُ

ڪونجن جي قطار
ڏسن ٿا آڪاس ڏي
هو ڳوٺاڻا ٻار

ٻاهر برف باري
سرديءَ ۾ وٺجي وئي
وادي آ ساري

اکين ۾ پاڻي
ڀاءُ ڏنس دڙڪا تڏهن
روئي ٿي راڻي

گج پهريل ناري
تجلا ڏي ٿي اُسَ تي
ٿر جي ڄڻ واري

نيرو آسمان
جبل تان بيٺو تڪي
ڏور نوجوان

ڪيڏيون هن ساديون
ناريون اتان جون جتي
برفاني واديون

سج جيئن اڀريو
هرڪو پنهنجي ڪم لاءِ
تڪڙو هو سنبريو

سوچي ٿي ناري
ٻڪ ۾ مُنهن رکي
لڳي ٿي پياري

صبح جي پهر ۾
بد امنيءَ جو ڌنڌ آ پکڙيو
ساري ئي شهر ۾

تنهنجا پيارا ٽهڪ
تن مان ٿي اڏري پئي
ڀني ڀني مهڪ

پورَ پوندا ٿا رهن
آبشارن جيان اکيون
لڙڪ وهندا ٿا رهن

ڌرتي ساري باهه
ساهه بچائڻ جي ڪٿي
ڪانه بچي آ جاءِ

يونيورسٽيءَ جا ڏينهن
يارن جون سي ڪچهريون
۽ سانوڻيءَ جا مينهن

ميلا مچندا ها
فيڊرل هاسٽل تي
سنگتي نچندا ها

ڄامشوري جو سج
ڪئمپس ۾ ڇٽي ويو
محبت جو آ ٻج

سامهون آهي ڪڪر
ماڻهو وڻ ڀرسان بيٺل
هيٺان آهي ٽَڪر

کجيون لڏن ٿيون
سمنڊ ڪناري تي
ناريون ڪڏن ٿيون

ماڻهو لڏيندا ٿا وڃن
دور ڪنهن ٻي ديس ۾
شهر اڏيندا ٿا وڃن

پاڻ صفا سادا
ڪي ماڻهو ڄڻ نانگ
ڏنگ گھڻا کاڌا

ڪيڏا هن فنڪار
ڌوڪا ڏيئي ٿا چون
پاڻ ته آهيون يار!


ٿي ويا ڌارئون ڌار
بک وجھي وئي رشتن ۾
هيڏا سارا ڏار

سج ٻڏي ٿو پيو
ساگر ۾ ٻيڙو
ڪيئن لُڏي ٿو پيو

ڏس بُکايل آ
روئي ماني ٿو گھري
ٻوڏ ستايل آ

آهن سڀ مهان
پنهنجي ڌرتيءَ جا
آدرشي انسان

ڪڍ اندر مان مرُ
پوءِ ئي سهڻو گذرندئي
جيون جو هي سفر

ڪونجن جي قطار
ڪيڏي ٻڌي پاڻ ۾
ڪونهي ڪائي ڌار

ڪيئن ٻري پيو
پاڻيءَ لهرن ۾
چنڊ تري پيو

سج لهي ويو آ
صبح ملندا سين
ايئن چئي ويو آ

ٿورو کُٽل آ
خيال ته آ سهڻو
وزن ٽٽل آ

گج پهريل ناريون
چوڙيون ٻانهن ۾
لڳن ٿيون پياريون

ڀِٽُن تي وسڪار
ڀِٽُن تي وسڪار
هير گُھلي پئي ٿڌڙي
مٽيءَ جي هٻڪار

ڀٽن تي وسڪار
ڪارونجھر جي ڪور تي
ٻڪرين جي ٻيڪار

ڀٽن تي وسڪار
دور ٿيندا ڏيهه کان
هي سڀ ڏنڀ ڏڪار

ڀٽن تي وسڪار
پاڻياريون ٿيون ڪن پيون
هڪ ٻئي سان کجڪار

ڀٽن تي وسڪار
“ڀوڏيسر” جي ڀر ۾
هو ڏس ڪڏندڙ ٻار

ڀٽن تي وسڪار
سارنگ ٿا ڳائن پيا
ٿر جا سڀ فنڪار

ڀٽن تي وسڪار
هاڻي هلي آءُ تون
ڍولا منهنجا يار

ڀٽن تي وسڪار
رنج رساما سڀ ختم
هاڻي ڪوبه نه ڌار

ڀٽن تي وسڪار
تجلا کنوڻن جا ٿيا
سرها ٿيا سنگھار

ڀٽن تي وسڪار
ڌرتي سائي ٿي وئي
لٿا سڀ ڏڪار

ڀٽن تي وسڪار
سهڻا مور نچن پيا
پر پکيڙي يار
_ •_ _

سڀ مئا ها پروانه
رات جو شمع ٻري هئي
گڏ ٿيا ها ديوانه

تو ۾ ڪيئي منڊ
هر هر ڇڪجي ٿو اچان
توڏي چوڏهينءَ چنڊ

قيمتي هئي ڪار
روڊ تي چيڀاٽي وئي
مسڪينن جو ٻار

موسم جھڙالي
اچ ته ٿيون پيارا
حالي احوالي