هر موڙ تي آ ماري هر موڙ تي آ ماري ڇو ڳوٺ ڳوٺ ڪاري هرڻيءَ جيان هيسيل هن ڀونءِ جي آ ناري ايمان اٿس مايا رشتن جو آ واپاري ڪيئن ٻوجھ سهي دک جو هي من جي ٽٽل ٽاري ڪجهه مرڪُ انڌيري ۾ ٿئي رات ۾ ڪا ڏياري هي نيڻ اُڃايل هن صحرا جي ڄڻ واري