تروينيون
سال ٿيا ناهيون مليا
هو سدائين دل ۾ آ
•
درد جي شدت منجھان
لڙڪ ٽمندا ئي رهيا
سامهون آئينو هيو
•
ڊوڙندو هو رهيو
نفرتن کي کڻي
ڌوڙ ئي پيس پلئه
•
زماني کان مليا آهن
اسان کي لڙڪ ۽ سڏڪا
اڃا ڀي درد جاڳن ٿا
•
مرڪي ٿي هوءَ باغ ۾
پوپٽ ٿا جھومن پيا
منظر ڪيڏو موهيندڙ
•
ڏيئا ٽمڪن ٿا
يادن جا دل ۾ سوين
توڙي اوندهه آ
•
منهنجي ديد هلي وئي هئي
تو سان گڏجي ٽرين ۾
هاڻي نيڻ ڪيان ڪاڏي؟!
•
زلزلو آيو وڏو
پٽ پيون جايون سڀئي
دک پٽِ پوندا ڪڏهن!؟
•
ڊائريءَ تي ڳڙيل لڙڪ
ڪجهه اکر ڌنڌلا هيا
تو پڙهيو هو منهنجو غزل
•
خاموشيءَ کان ڊپ ٿيو
ديوارن سان ڳالهايو
سڏ ڪٿي گم ٿي ويا!
•
تو ڏني مون کي مٺي
تيز دل ڌڙڪي پئي
خواب ساڀيان ڇو نه ٿيو
•
يادگيريون ساڻ هن
ڄامشوري جون اڃان
پر نه هوءَ آ ساڻ ڇو
•
ڪيترا رستا هيا
دور سانجھيءَ ڏي ويا
تنهنجي گھر ڪوئي نه ويو
•
چيم دل کي ڪيان پرزا
مگر ناڪام ٿي سوچيو
اتي تون ڀي ته ڌڙڪين ٿي
•
ساري ٿو ملاح
سڪل سنڌوءَ ڪپ تي
ڇولين جا جوڀن
•
تون جڏهن ساٿ ڇنو
ايئن لڳو تنهن پل
ڄڻ ڪِريُس آڪاش تان
•
نيڻ مون توڏي مُڪا
خط ۾ آهن وجھي
تنهنجو من درشن ٿئي
•
لڙڪ سُڪي ويا هن
منهنجي ڪوتا ۾ شايد
هوندو ڪو سڏڪو
•
ڊائري کولي ڏٺي
شعر پيا جاڳن اتي
تون ڪڏهن پڙهندينءَ اچي!؟
•
دروازو آهي کليل
ورهين کان تنهنجي پرين
آهي دل اوسيئڙي ۾