اسان کي ياد آيون هن هوائون ڄامشوري جون
وساري ڪيئن ٿيون سگھجن وفائون ڄامشوري جون
اهي لمحا اهي راتيون هيون جاڳي جي گڏ گھاريون
اڃان تائين اندر ۾ هن سنڀارون ڄامشوري جون
ٺهي اُڀ تي ڪري واڪا وسي جي اوچتو پيئون
نه ٿيون وسرن اسان کان سي گهٽائون ڄامشوري جون
ڪري مڌ مست ماڻهوءَ جي تن من کي ڇڏن جيڪي
اهي اڄ ڀي سلامت هن ادائون ڄامشوري جون
هجي ڀل بوربن، ڪشمير يا ڪيلاش جي وادي
اسان جي سنڌ سهڻي، درسگاهون ڄامشوري جون
ڪري ٿي آجيان سڀ جي اها ساڃاهه جي نگري
کليل هر پل رهن ٿيون اڄ به ٻانهون ڄامشوري جون
ويون گهايَل ڪري مَنَ کي اسانجي روح کي رولي
اڃا ڀي ياد آهن سي نگاهون ڄامشوري جون
اسان جي دل جي دنيا کي اجاڙي جا هلي وئي آ
اها ڪاٿي آ ڳولهي ڏيو هوائون ڄامشوري جون