ٿو ملي اندر ۾ ڪو پٿر رکي
گلَ ڏئي ٿو ڪڇ ۾ خنجر رکي
تو بنان ويران ۽ سنسان آ
ڇا ڪندس مان هيءُ خالي گھر رکي
تو چيو هو ياد ٿئي هڪڙي دفعي
تنهنجي آهيان منهنجي سيني سِر رکي
پيار جا ڪي مينهن برسائين نه ٿو،
منهنجي دل ۾ ڇو ويو آن برُ رکي.
درد جا بادل ته ڌوئي ٿا ڇڏن
تو اندر ۾ ڇو اڃا آ مَرُ رکي!