ڪري اسان کان ويو ڌار رستو،
اسان جو جنهن سان هو پيارَ رستو.
ڪکائين گھر ڏي نه ٿو اچي ڇو!
خوشين جو ڪوئي به يار رستو.
محبتن جي تلاش ۾ هان،
جو هر طرف آ ڌڪار رستو.
جهَانَ جي هن رڻ تتل ۾،
آ ڇانورو تنهنجي سارَ رستو.
تو جيڪا نظرن سان مئي پيئاري،
ويو سڄو ٿي خمار رستو.
نوان ڪي پنڇي ٿا پنک کولن،
کپي انهن کي اڏار _ رستو.
گلن جي موسم ۾ خارَ مليا،
خزان ويو ٿي بهارَ رستو.