ها مزو آ چاههَ ۾ ها مزو آ چاههَ ۾ محبتن ۽ ٺاهَه ۾ فائدو نقصان ڇاجو پيار واري راهَه ۾ راس ٿيو آهيان پچي عشق جي آڙاههَ ۾ ناوَ ٿي ترندي رهي دل سندي درياهَه ۾ زندگي گذريٖ پئي بس رڳو ڀڃ ڊاهَه ۾ تون فقط آهين سمايل منهنجي هر هڪ ساههَ ۾