شاعري

پيار جي پهرين بارش

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2534
  • 836
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي پهرين بارش

مزو آ چاهه ۾ جاني

پرين رک ساهه ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني

نه کاتا رک حسابن جا
وفا جي راهه ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني

نشو آ چاهتن ۾ جو
نه آهي ڊاهه ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني

اجالو ڪر حياتيءَ ۾
نه رهه اونداهه ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني

هليو اچ دل اندر هاڻي
اسان جي ساههَ ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني
مزو آ چاهه ۾ جاني