شاعري

پيار جي پهرين بارش

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2529
  • 830
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي پهرين بارش

هي شعر منهنجي اندر جا اڌما (شاعر پاران)

شاعريءَ سان منهنجو تمام گھرو سٻنڌ آهي، شاعري منهنجي روح ۾ ائين سمايل آهي جيئن رڳن ۾ گردش ڪندڙ لهو. جيڪو جيستائين گردش ڪندو تيستائين ساهه هلندو پر جڏهن اها گردش رڪجي ويندي تڏهن ساهه نڪري ويندو. بلڪل ائين ئي شاعريءَ مون کي هر پل هر لمحي جيون جي مونجھارن ۾ آڪسيجن ۽ اتساهه بخشيو آهي. ڀٽائيءَ جو رسالو هجي، شيخ اياز جي شاعري هجي يا استاد ۽ وفا جا غزل، بيت، نظم ۽ وايون هجن، مون جيون جي نٽهڻ اس ۾ سدائين انهن مان ڇانورو حاصل ڪيو آهي. جڏهن به من ۾ مونجھ محسوس ٿيندي آهي ته مان شاعريءَ ۾ ئي پناهه وٺندو آهيان. جيتوڻيڪ منهنجا ادبي دوست مون کي هڪ نثر نگار جي حوالي سان وڌيڪ سڃاڻن پر مان پاڻ کي بنيادي طور شاعر ئي سمجھان ٿو ڇالاءِ ته مان لکڻ جي شروعات ئي شاعريءَ سان ڪئي هئي. اها ڳالهه درست آهي ته مون شاعريءَ جي ڀيٽ ۾ نثر ۾ وڌيڪ لکيو آهي اهو ئي سبب آهي جو منهنجا هن کان اڳ آيل ٻه ڪتاب نثر جا ئي آهن. ان حوالي سان مان هتي اهو اعتراف به ڪرڻ چاهيان ٿو ته منهنجي شاعري منهنجي نثري لکڻين جي ڀيٽ ۾ اڃا معصوم ٻار جيان آهي جنهن کي اڃا وڌڻو ويجھڻو ۽ جوان جماڻ ٿيڻو آهي.
هي منهنجي شاعريءَ جو پهريون ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” مون جيئن جو تيئن پنهنجي روح جي سمورين سچائين ۽ سادگين سميت اوهان جي هٿن تائين پهچايو آهي. هي بارش، پيار جي بارش آهي جنهن ۾ مان ڪيترائي ڀيرا پُسيو آهيان، پوءِ اهي سنڌ يونيورسٽي جا ڪشادا روڊ هجن، ڄامشوري جون سوڙهيون گھٽيون هجن يا لاڙڪاڻي جا اهي رستا هجن جتان جي چپي چپي سان منهنجو ننڍپڻ وابسته آهي. منهنجي انهن شعرن ۾ ڄامشوري جون هوائون به موجود آهن ته اهي پٿريلا رستا به جتي پيار جا ڪيترائي وچن ۽ واعدا به ٿين ٿا ته نيڻن ۾ لڙڪ جون لارون وهائيندي ڪيترائي وڇوڙا پڻ ٿيندي نظر اچن ٿا. اکين ئي اکين ۾ شرارتون به ٿين ٿيون ته نظرن ئي نظرن ۾ موڪلاڻيون به ٿين ٿيون. جڏهن مان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهندو هوس ته صبح جي وقت هاسٽل کان جاگرافي ڊپارٽمينٽ تائين ايندي هر روز ڪيترائي منظر اکين جي آسمان تي اڀرندا هئا جيڪي ڊائريءَ تي ڪوتائن جي صورت ۾ جيئن جو تيئن چٽجي ويندا هئا. خوبصورت اکيون، گلابي ڳل، ريشمي وار، قاتل ادائون ۽ ٻيا ڪيترائي منظر شعر لکڻ تي مجبور ڪندا هئا، اها شاعري جيڪا ان ماحول ۾ ڪيل آهي سا منهنجي جيون جي انهن ڏينهَن جي جھڙوڪ ڊائري به آهي. اهي ڏينهن اڄ به ياد ڪجن ٿا ته من مهڪي پوي ٿو، رابيل جي خوشبو سان پورو وجود واسجي ٿو وڃي، اندر جي جهانَ ۾ هلڪي بوندا باندي به ٿيڻ لڳي ٿي ۽ دل جي ڌرتيءَ تي خوبصورت گلاب ٽڙي پون ٿا.
مان سنڌي ٻوليءَ جي سيبتي شاعر ۽ پنهنجي پياري دوست سعيد ميمڻ جو ٿورائتو آهيان جنهن طبعيت جي ناسازيءَ باوجود به هن ڪتاب لاءِ پيار جا ٻه لفظ لکيا. مان سائين اياز گل، سائين ادل سومري، سائين محمد علي پٺاڻ، پياري ساجد سنڌي، پياري بابا ڊاڪٽر بشير احمد شاد، پياري احسان دانش ۽ پياري رياضت ٻرڙي جو پڻ ٿورائتو آهيان جن هن ڪتاب آڻڻ ۾ مون سان سهڪار ڪيو ۽ پيار جا ٻه اکر لکيا.


رضوان گل
هيڊ آف جاگرافي ڊپارٽمينٽ
گورنمينٽ ڊگري ڪاليج لاڙڪاڻو

Cell # 03337553823
, Email: rizwangul46@yahoo.com