نالي جي ريکا تنهنجي نالي جي ڪا ريکا ڪونهي شايد منهنجي هٿ ۾ تنهنڪري ئي مون کان ڪالهه ائين تو هٿ ڇڏايو هو ۽ چئي ڏنو هو مون کي: “هاڻي پنهنجي راهه الڳ آ... رستو ڌار... ۽ منزل ٻي آ...!!”