شاعري
باهه جي کوري ۾ پچندي
محسوس ٿيندو آهي
يارن ۽ دوستن جا منفي روّيا
جيءُ جھوري وجھندا آهن
تڏهن مان
پناهه ڳولهڻ لاءِ
شاعريءَ جي جهانَ ۾
جھاتي وجھندو آهيان
۽ پوءِ قلم جي نوڪ تي
اندر جون اهي وارتائون
۽ سڀئي تلخيون پنن تي خود بخود
اچي وينديون آهن..!!
ائين شاعري مون کي پناهه ڏئي
پنهنجي جھوليءَ ۾ سمهاري ڇڏيندي آهي.