ماڻهپو ۽ محبت
سي هوائون گھٽائون
۽ پنهنجون صدائون
جي ٻُرنديون هيون پاهڻي پنڌ تي
پنهنجا پيرا هيا
ڇا سويرا هيا
پيار جي رند تي
۽ جھڙاليون هوائون
جي تنهنجي بدن جي سڳنڌن کي
ميڙي سهيڙي کڻي مون ڏي اينديون هيون
سرمئي شام ۾ گڏ گذاريل گھڙيون
آءُ ڳوليون ٻئي...... آءُ ڳوليون ٻئي......
سارا منظر اهي جيڪي موهيندا ها
پيار جا سي پهر ڪاڏي گم ٿي ويا!
ڇا ته شامون هيون هن شهر جون ڪڏهن
پيار ڳالهيون هيون
مڌ ماٽيون هيون
روشنيون روشنيون سارا رستا هئا
پوءِ ڇا ٿي ويو هن شهر کي پرين!
ڪنهن ندوري جي هن کي نظر وئي لڳي
ڪاڏي وکري ويا ٽهڪ هن شهر جا
ماڻهپو نيٺ ڪاڏي هليو ويو پرين
دهشتن دنگ آهن جھليا هلي ڳلي
ماڻهو سارا ڏڪن ٿا پيا ڊپ ۾
پيار وارا هيا جيڪي انسان سڀ
ڪاڏي گم ٿي ويا
آءُ ڳوليون ٻئي........ آءُ ڳوليون ٻئي......
ڪالھ جيڪي هوائون ٿي چنچل لڳيون
ساھ کي ٿيون گھٽن اڄ الائي ته ڇو
ها ڏسان ٿو پيو سو سڃو پيچرو
جيڪو تنهنجا قدم روز چمندو هيو
تون نه آهين مگر تنهنجون يادون اڃان
منهنجي دل ۾ ڏياٽين جيان ٿيون ٻرن
نيڻ منهنجا ٺرن
جي وڃايل گھڙيون مونکي موٽي ملن
شهر جون رونقون مونکي موٽي ملن
امن جا ڪي ڪبوتر اچن ڀونءِ تي
رت جون هوليون هي ختم ٿي وڃن
ماڻهپي ۽ محبت کي ڪاٿان پرين
آءُ ڳوليون ٻئي.... آءُ ڳوليون ٻئي .....