پاڻ ڪيڏو پري جمالن کان
زندگي ڏور آ اُجالن کان
ميڻ وانگر ڳري رهيو آهيان
تو پڄاڻان مان ڪئين سالن کان
ذهن تي ضبط ٿو ڪيان پو ڀي
تنهنجي پلجي نه ٿو خيالن کان
پيار انڌو ۽ حسن ظالم آ
سوچ اتهاس جي حوالن کان
دوستن جي آ نُهنڊ ڀي گهري
دشمنن جي هزار ڀالن کان
گل جو اندر زخم زخم ٿي ويو
تنهنجي تلخيءَ ڀريل سوالن کان