عقل جي واٽ تان ڀليو ناهي
عشق جي راهه ۾ رليو ناهي
بند سدائين آ ڪنهن ڪتاب جيان
رازُ ان جو ڪڏهن کُليو ناهي
تنهنجي اکڙين جي بي رُخيءَ وارو
سور ڪنهن ساڻ مون سليو ناهي
سو ٿو پارس ۽ پارسا سڏجي
جنهن کي موقعو ڪڏهن مليو ناهي
سنڌ تي هيڏيون ڏسي هي يلغارون
ڪنهن جو اندر آ جو جليو ناهي
گُھٽ ڪومائي پئي ٿي گل کي
ڇو اڃان واءُ ڪو گھليو ناهي