شاعري

پيار جي پهرين بارش

ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” لاڙڪاڻي سان تعلق رکندڙ بهترين شاعر، ڪهاڻيڪار ۽ مضمون نگار رضوان گُل جي شاعريءَ تي مشتمل آهي.
  • 4.5/5.0
  • 2529
  • 830
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • رضوان گل
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book پيار جي پهرين بارش

گل بڻجي پئو خار ڇو ٿا ٿيو (مهاڳ) ــــ سعيد ميمڻ

منهنجي خيال ۾ زندگيءَ جي هر عمل ۾ هر منظر ۾ جيڪو معنائن ڀريو تصور لڪل آهي ان کي ڀرپور نموني ظاهر ڪرڻ جو نالو فن آهي. پنهنجي خوبصورت پيشڪش ۽ نرالي ڏانءَ سان ئي فنڪار ۾ انفراديت پيدا ٿيندي آهي. جيڪا سندس تخليقن کي ٻين کان ڌار ڪري بيهاريندي آهي. سنڌي شاعرن جي هيڏي وڏي آدم شماريءَ ۾ مون کي تمام ٿورا شاعر نظر اچن ٿا جن جي شاعري ٻين کان منفرد هئڻ جو احساس ڏياري ٿي. رضوان گل جي شاعري شاعرن جي ان وڏي آدم شماريءَ جي وچ ۾ پنهنجي نرالي شناخت قائم ڪرڻ جي جستجو ۾ مصروف آهي ۽ اهو احساس ڏياري ٿي ته ڪائنات جون ڪيتريون ئي نيون ڏسائون ۽ وسعتون سندس نيڻن آڏو آهن. اسان جو هي سندر شاعر، شاعريءَ جي شاهراهه تي هڪ عزم سان روانو ٿي چڪو آهي مون کي اميد آهي ته سندس هي شاعراڻو سفر ضرور اعلى منزل ماڻيندو.
اها حقيقت آهي ته اهو شاعر ئي آهي جيڪو هن ڪائنات جي معمولي منظرن کي پنهنجي لفظن سان غير معمولي حسن عطا ڪري ٿو. معمولي ڳالهه ۾ غير معمولي معنى ڳولهي لهي ٿو. جنهن شيءِ تي نظر پويس ته اها کيس حيرتن جي وچ ۾ بيهاري ڇڏي ٿي. شاعر گٺل پيٺل لفظن ۾ نئون روح ڦوڪي ڇڏي ٿو. ۽ ها، انهن انوکن شاعرن جي سنڌ ۾ کوٽ ناهي. سڀني وٽ ڏات جي پنهنجي الڳ دنيا آهي، پنهنجا رنگ ۽ روپ ۽ پنهنجون سندرتائون آهن. ڪنهن کي ڪنهن تي فوقيت ڏيڻ جي ضرورت ئي ناهي. پر اهو ضرور ڏسڻو آهي ته؛
ڪنهن جي شاعراڻي ڪائنات ڪيتري وسيع آهي؟ منجھس موضوعن جو ڪيترو ڦهلاءُ آهي؟ ڇا اها شاعري انسان سان لاڳو ازلي سوالن جا جواب ڏئي ٿي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ انسان جي بنيادي مسئلن جو ذڪر آهي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ سمنڊ جيڏي گھرائي آهي؟ ڇا ان شاعريءَ ۾ ڪنهن ٻار جھڙي معصوميت ۽ سادگي آهي؟ ڇا ان شاعريءَ جي سٽ سٽ پڙهڻ سان لونءَ لونءَ ڪانڊارجي وڃي ٿي ۽ من کي روحاني خوشي نصيب ٿئي ٿي؟ ۽ اها آخري ڳالهه ته، اهو ڏسڻ گھرجي ته ڇا هن شاعر جي شاعري، ساحريءَ ۾ تبديل ٿي وئي آهي؟ يا نه؟ ان قسم جو فيصلو ڪو مون جھڙو ماڻهو يا نقاد ته نه ٿو ڪري سگھي. ڇو ته، شاعريءَ جو صرف اهو ئي نقاد ٿي سگھي ٿو، جيڪو تخليقي سطح تي ان شاعر کان به مٿي بيٺو هجي، جنهن جي شاعريءَ تي هو تنقيد لکي رهيو آهي. اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ تنقيد جي کوٽ آهي. شايد اسان وٽ ڪو نقاد اهڙو نه بچيو آهي جيڪو تخليقي سطح تي به مٿاهون بيٺل هجي.
پر مان ڀانيان ٿو منهنجي اها سوچ درست نه آهي. سنڌ ۾ اڃا ڪجهه اهڙا ماڻهو آهن جيڪي تنقيد جي سِرَ تي تاج پارائي سگھن ٿا. جتي پٽڪو لاهڻ وارا ڪيترائي ماڻهو موجود هجن، اتي ڪجهه حقيقي قدردان موجود هوندا آهن.
مان پنهنجي اگھائيءَ سبب رضوان گل جي شاعريءَ تي تفصيلي ته نه ٿو لکي سگھان پر مختصر لفظن ۾ اهو چوندس ته کيس مون هڪ بي چين روح رکندڙ شخص وانگر ڏٺو آهي جيڪو ڪڏهن ڪنهن ڳوڙهي موضوع تي تحقيق ڪندي نظر آيو اٿم ته ڪڏهن ڪهاڻيون لکندي نظر آيو آهي، ڪڏهن ڪالم لکندي نظر آيو آهي ته ڪڏهن ترجما ڪندي ۽ ڪڏهن خوبصورت ۽ دل کي ڇهندڙ شاعري ڪندي. سندس من جو رجحان ڀلي مختلف پاسن ڏي ورهايل هجي پر الائي ڇو مون کي شدت سان محسوس ٿيندو آهي ته مون جيان سندس اصل شناخت صرف Poetry ئي آهي. جنهن سان جنون جي حد تائين سندس وابستگي محسوس ٿيندي آهي. مون رضوان جي من ۾ سدائين اظهار جي لاءِ آنڌ مانڌ ڏٺي آهي. پر ڳالهه رڳو اظهار ڪرڻ جي ئي نه آهي. اهميت ان ڳالهه جي آهي ته ان اظهار ۾ اثر هجي، سحرڪاري هجي، منجھس فن جي پختگي هجي ۽ اها من جي ڳالهه تخليقي ۽ آرٽسٽڪ هجي ۽ رضوان جي شاعريءَ ۾ اهي مٿيون خوبيون گھڻي حد تائين موجود آهن، ان حوالي سان سندس ڪجهه شاعري مان اوهان سان شيئر ضرور ڪندس:
ڪنهن کي آٿت ڏين ٿا روئارن به ٿا
لفظ مرهم جي آهن ته گھائن به ٿا
__ __
آخري ڀيرو پرنم اکين سان جڏهن
اک ملايئي ته لڙڪن جون لارون هيون
__ __
نيڻ تو جو کڻي نهاريو آ
ساري محفل جي ڌيان ۾ آهيون
__ __
اندر جون موسمون پن ڇڻ
ته ڪهڙيون رونقون آهن
__ __
اسان سر اڏيءَ تي رکي ٿا ڇڏيون،
زبان ڪوڙ تي جو، وري ڪونه ٿي.
__ __
آدم جو اولاد سمورو
ڇا لئه هيڏيون ذاتيون آهن
سادن ماڻهن سان هت اڪثر
ٿينديون ويسهه گھاتيون آهن

هڪڙي ڳالهه مون رضوان جي غزلن ۾ خاص طور محسوس ڪئي آهي ته سندس غزلن ۾ قافيي ۽ رديف جو دلڪش رچاءُ ملي ٿو. شاعر جيڪڏهن رديف جو خوبصورت استعمال ڄاڻي ٿو ته اهو غزل سونهن کي چوڏنهن چنڊ لڳائي ٿو ڇڏي. غزل جي هڪ رديف جي حوالي سان مون کي نارائڻ شيام جو هڪ شعر ياد اچي ٿو، جنهن مان رديف جي اهميت جي خبر پوي ٿي ته اهو غزل لاءِ ڪيترو اهم آهي؛

آکيرو جيئن پکيءَ لئه، غزل لئه رديف آ
هي ڇيهه بيت بيت جو، هُو هَر اڏار جو.

آءٌ اوهان سان رضوان جا ڪجهه خوبصورت شعر شيئر ڪري رهيو هوس؛
سڀئي ڇوڪريون مينهن جون ڄڻ ڪڻيون
تون منهنجي حصي جي ڪڻي ڇوڪري
__ __
ڪنهن جو آنچل هوا اڏاريو هو
ويڪرا روڊ ويڪريون ڇاتيون

ڄامشوري يونيورسٽي جي حوالي سان سندس ٻه پيارا هائيڪا آهن: رستا ڪشادا
يونيوسٽي جي روڊ تي
جوڙا هن پيادا
__ __
ڄامشوري جو سج
ڪئمپس ۾ ڇٽي ويو
محبت جو آ ٻج

مان ڀانيان ٿو شاعر جنهن ماحول ۾ پاڻ رهيو آهي ان ماحول جي سهڻي عڪاسي ڪري سگھي ٿو ۽ ٻي ڳالهه ته ذاتي مشاهدي کي جڏهن اسين بيان ڪريون ٿا ته ان ۾ هڪڙي ياد يا خواب جھڙي ڪيفيت پيدا ٿيو وڃي. رضوان سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙهيو آهي جتان جو مشاهدو سندس شاعريءَ ۾ پڻ موجود آهي.
مون رضوان جي شاعريءَ تي تفصيلي لکڻ پئي چاهيو پر طبعيت جي ناچاڪيءَ سبب اڄ ڪلهه گھڻو نه ٿو لکي سگھان. باقي سندس ڪتاب “پيار جي پهرين بارش” جي شاعري پڙهي اٿم. جھڙو هن جو غزل سهڻو آهي تهڙو سندس هائيڪن ۽ نثري نظمن ۾ حسن آهي. هن ڪتاب ۾ غزلن، هائيڪن ۽ نثري نظمن سان گڏ آزاد نظم، وايون ۽ تروينيون پڻ شامل آهن. رضوان جي شاعريءَ ۾ ٽڪ جي رلهيءَ جھڙو تناسب رکندڙ رچاءُ به آهي ته سنڌ ڌرتيءَ جي ڪلچر جي خوشبو ۽ رنگيني به موجود آهي.
سنڌ ڌرتيءَ کي خوشبو سان واسي ڇڏيو
گل بڻجي پئو، خار ڇو ٿا ٿيو!؟

سعيد ميمڻ
عاقل _ 15.01.2012