من کي جنهن جي تات رهي آ من کي جنهن جي تات رهي آ سوچ ۾ ساري رات رهي آ ڪوري ڪاغذ تي لفظن جي رات سڄي برسات رهي آ ماٺ چپن تي آهي پنهنجي نيڻن ۾ ڪا بات رهي آ هن جي سونهن سندرتا آڏو چانڊوڪي ڀي مات رهي آ گل جي اوسي پاسي ڇا لئه ڪنڊن جي ڪائنات رهي آ