مرڪي ڏسنديٖ هوءَ، ڪجهه شرمائي پئي
نيڻ کڻي پوءِ هيٺ، ڪنڌ جھڪائي پئي
ڪوئي پيو ٿو يارَ ائين مَٽي هر روز
ويس وڻن جا رُتِ، جيئن مٽائي پئي
جيئري ساڻس گڏ ڪوئي ڪونه رُنو
جيئن وڇڙي ويو دنيا، لڙڪ وهائي پئي
پيار اسان جو شايد کيس نه آيو راس
گھورَ اسان ڏي هاڻ، هوءَ گھٽائي پئي
ٿورين گھڙين لئه مرڪَ ڏنئين جيڪا
ٿورا هاڻ اسان تي ڪيئن جتائي پئي