ڪتاب جِي فھرست

سنڌسلامت پاران

سنڌ سلامت ڪتاب گهر پاران نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نگار ۽ نقاد شيخ عبدالرزاق راز  جو سنڌي شاعريءَ بابت لکيل مضمونن تي مشتمل ڪتاب ”سنڌي شاعري صدين جي آئيني ۾“ اوھان اڳيان آڻي رھيا آھيون. ھن ڪتاب ۾ شامل مواد جي سھيڙ ۽ ترتيب مختيار احمد ملاح ڪئي آھي.
هن ڪتاب ۾ موجود مضمون، پنجن قسمن جا چئي سگهجن ٿا، هڪڙا شاعريءَ جي مختلف صنفن جي هيئيت ۽ تاريخ جي باري ۾ آهن. ٻيا مضمون شاعري جي فڪري پسمنظر ۾ آهن. ٽيان مضمون، مجموعي ادبي تاريخ جي سلسلي ۾ اچي وڃن ٿا، چوٿان مضمون سنڌي شاعريءَ جي تاريخ جي نالي وارن شاعرن جي باري ۾ آهن ۽ پنجان مضمون شاهہ لطيف ۽ سچل سرمست جي باري ۾ آهن، جن ۾ سندن شاعريءَ  کي مختلف رخن کان پرکيو ويو آهي. هن ڪتاب جو خاص ۽ اهم مضمون”مقدمو- سنڌي شاعري ادبي عدالت عاليہ ۾“ آهي.  
ھي ڪتاب ڪنھن بہ اداري پاران اڃا تائين ناھي ڇپايو ويو، پر سنڌ سلامت ڪتاب گهر جي ويب سائيٽ تي آنلائين اپلوڊ ڪري رھيا آھيون. ٿورائتا آھيون مختيار احمد ملاح جا جنھن ڪتاب سنڌ سلامت ڪتاب گهر تي اپلوڊ ڪرڻ لاءِ موڪليو.



محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي ) ، ڪراچي 
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
sindhsalamat.com
 books.sindhsalamat.com

2024 - 2016 سنڌ سلامت ڪتاب گهر
حق ۽ واسطا محفوظ