آڇيندي لڄ مَران
هيءَ حياتي ڪيڏي نه ڊگهي، مُسلسل ڏکن ڏولائن سان سلهاڙيل آهي ۽ اڻٿڪ ڪوششن جو نالو آهي.... سموريون ڀوڳنائون ڀوڳيندي به ڪيڏي نه پياري آهي هيءَ حياتي! هڪ پل به کيس وڃائڻ تي دل نه ٿي چوي!
اُها انسان جي ازل کان اُنِس رهندي پئي آئي آهي- جيئڻ جي آس ته پَساهه جي پوئين ويل به قائم رهي ٿي. تڏهن ته اجل جو کاڄ ٿيڻ وارو بي حس، بي سَتو ٿي ڪيڏي نه نماڻائيءَ مان نهار ڪري ٿو. هر هڪ کي پنهنجي چوڌاري موجود ڏسي؛ هر شيءَ جيڪا سندس رت ست سان، پگهر سان ريج ڏئي وڌائي ويجهائي هوندي آهي.... آبياري ڪئي هوندي آهي.
تخليقڪار کي پنهنجي تخليق سان پنهنجي وجود جيان پيار رهي ٿو. هر لکندڙ جي چاهت هوندي آهي ته کيس پڙهيو وڃي، ساراهيو وڃي، هُو سماج کان مان ۽ مرتبو گهُرندو آهي، کيس اُها موٽ ملڻ گهرجي.
”حيدر دريا“ جا به ٻه روپ آهن- هڪ سندس ظاهري روپ نظر اچي ٿو. سادو سودو، ڪنهن اونهي ويچار ۾.... پيڙا ۾ ورتل، ماٺيڻو ماٺيڻو پنهنجيءَ ڌُن ۾ هلندڙ ڦرندڙ آهي پر ٻيو حيدر جيڪو سندس اندر ۾ سمايل آهي، ڏيک ڏيندڙ سندس وجود کان بنهه مختلف آهي ۽ هُو ليکڪ آهي هڪ ڪتاب ”لفظن جي خواهش“ ناول جو.
سندس هيءَ پهريون ڪتاب آهي جيڪو پڙهندڙن جي هٿن ۾ آهي. ناول مختصر ڪهاڻيءَ تي ٻڌل آهي، ۽ مُک ڪردار ”آسا ۽ فتاح“ جي پيار تي مشتمل آهي. سندس پيار ۾ ”اقرار“ اٽڪاءُ ٿو ڪري.
چوٿون ڪردار آسا جو ملازم چاچا صالح آهي.
ناول جي مُک عورت ڪردار ”آسا“ ايتري آزاد ماحول ۾ رهندڙ ڏيکاريل آهي جيڪا پنهنجي زمينداري به سنڀالي ٿي- سندس گهر ۾ صرف هڪ ملازم چاچو صالح موجود آهي جيڪو سندس هر عمل تي ڪجهه به نه ٿو چوي! ساڳئي وقت اوڙي پاڙي وارا، مٽ مائٽ به سندس ڪنهن به عمل تي اعتراض نه ٿا ڪن. فتاح ۽ اقرار ساڻس راتين جو ائين ٿا ملن ڄڻ پنهنجي گهر ۾ ويٺا هُجن!
آسا جي پيار تي ڪي به پهرا نه آهن.
ها! ليکڪ جو اِهو خيال آهي ته سنڌي سماج اڳتي هلي اهڙو جُڙي جنهن ۾ غيرت جي نانءُ تي ٻن دلين جا ڳڀا ڳڀا نه ڪيا وڃن... رڍن ٻڪرين وانگر سندن چاهت جا سودا نه ڪيا وڃن... پيار ڪرڻ جي ڏوهه ۾ پلاند نه پاريا وڃن... سڱ چٽيءَ ۾ سنڌي نياڻي تين وال نه ڪئي وڃي... پر سماج ۾ برابري جو درجو ڏنو وڃي... اسان جو سنڌي سماج ايترو اڳتي هُجي جو جيئي ۽ جيئڻ ڏي جي اصول تي عمل پيرا هُجي ائين جيئن فتاح، آسا ۽ اقرار جي شاديءَ جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجڻ تي پنهنجيءَ ڇاهت جي بي وسيءَ تي ماتم ته ڪري ٿو پر ائين نه ٿو ڪري ته ”آسا جي مُنهنجي نه ٿي ٿئي، ته وري ٻئي ڪنهن جي ڇو ٿئي؟
مٿس نه ڪهاڙيءَ جا وار ڪري ٿو- نه بندوق تاڻي ٿو. نه سندس لاءِ ڌرتي تنگ ٿو ڪري نه تيزاب هاري سندس نازڪ ۽ نفيس حسين بدن جي سونهن ٿو ڦٽائي.... آسا جا مينديءَ رتا هٿڙا رت هاڻا نه ٿو ڪري...!
شال، سنڌي سماج حيدر دريا جي خيال وانگر منزلون ماڻي ۽ سندس ارادن جي حُسناڪي چنڊ جي چانڊاڻ جِيان سنڌ ڌرتيءَ تي وِکري پوي.
حيدردريا جي ناول ”لفظن جي خواهش“ تي ٻه اکر لکندي بنهه محتاط رهڻو پيو آهي. هڪ ڳوٺاڻو پنهنجي قلم جي پورهئي سان ناول به لکي ۽ هڙان وڙان ڇپائي به! هُجي به سندس پهرين ڪوشش!
خير! آءُ کيس مايوس ڪرڻ نه ٿو گهران... پر سندس انهيءَ نيڪ جذبي ۽ عمل کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نه ٿو سگهان! سندس پهرين ڏات به معيار رکي ٿي. لفظن جو جَڙاءُ ڏاڍو سٺو آهي ۽ فلسفاتي خيالن کي لفظن جو بند تمام پختو ٻڌل آهي. کيس لڳاتار لکڻ گهرجي.
مگهن شرما
ميرپور بٺورو
21 سيپٽمبر 2009ع