ناول

لفظن جي خواهش

حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book لفظن جي خواهش

قسط 1

ڪيئن چوان، ته ڪڏهن کان- دلين اهڙو فيصلو ڪري محبت جا مضبوط پيچ پاتا؟
پيار ته مهل موقعي جو پابند نه هوندو آهي.
ان ڏينهن کان شايد،
جڏهن محبت جي فلسفي تي- ڳالهائيندي، ڳالهائيندي ”محبت زندهه آباد“ جا لفظ اُچاريا هئاسين.
ها!
ان عيد واري ڏينهن کان ئي-پنهنجن دلين به اهڙي عيد ملهائي- جو زندگي جي هر لمحي لاءِ- اسان محبت ۾ هڪٻئي جا ٿي ويا هئاسين.
توکي به ته ياد هوندو،
جڏهن تو هڪ عجيب انداز ۾، مونکي چيو هو ”توکي محبت جي ايڏي هوس ڇو آهي؟ ڇا توکي پنهنجو موت ياد نه ايندو آهي؟ تڏهن مون تنهنجي اهڙي سوال تي- بغير ڪنهن سوچ- ويچار جي چيو هو ”مان موت کي ايتري اهميت ناهيان ڏيندو. موت کان نٿو ڊڄان- مونکي محبت سان جيئڻ جي خواهش آهي- موت صرف مذهب سيکاري سگهي ٿو- محبت نه- بس ايسيتائين مون سان محبت ڪندي رهجان- جيسيتائين تنهنجي محبت جي نالي سان- مان پنهنجو ناول لکي ان جو آخري Page مڪمل ڪري سگهان؟“
پر تون بار بار موت جي ياد ڏياري، مونکي مايوس ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئينءِ.
تنهنجو اهو اڪثر ورد هوندو هو- موت بابت ته، انسان ٽي موت مري ٿو،
هڪڙو- جڏهن جواني وٽانئس موڪلائي ٿي!
ٻيو-جڏهن سندس اميدن تي پاڻي ڦري ٿو وڃي ۽ سندس هر خواهش- کيس لاءِ- ڏانئڻ بڻجي، سندس ذهني- وسعت جو رت پيئڻ لڳي ٿي.
۽ ٽيو- جنهن کي دنيا موت ته چوي ٿي- پر سندس فلسفو سمجهي نه سگهي آهي- صرف کانئس زندگي جي انت واري خوف کان ڊڄي ٿي- يعني خوف!“
۽ ان کي سامهون جواب ۾- مون هميشہ ايئن پي چيو ته ”مان جڏهن به ڪنهن ماڻهو مان سندس ساهه نڪرندي ويجهي کان ڏٺو آهي، ته مونکي پورو يقين نه آيو آهي ته ان شخص يا شيءَ پنهنجي طبعي موت ڪا وفات ڪئي آهي“
منهجني اهڙي جواب کي- تو هر دفعو منهنجو ٻاراڻو خيال پي سڏيو.
ها! البت مان اهڙي غم کان خوف واقعي کائيندو رهيس جنهن ۾ هڪ زنده انسان جي دل کي موت ايندي هجي پر منهنجي اهڙي ڪمزوري جي توکي ڪائي ڪل نه هئي ۽ نه ئي توکي اهڙو انت به ڪڏهن ڏنم.
تو جڏهن به مونکي موت پي ياد ڏياريو- ته مون دل ۾ هميشه انسانن جون دليون آباد ۽ زنده رهڻ لاءِ دعائون گهريون.
دل جي موت کان مان نفرت ۽ ڪراهت ڪندو رهيس- اهڙي خيال جي وقت منهنجي ڪيفيت- رئان يا کلان- کلان يا رئان واري فيصلي جي ڪشمڪش ۾ عجيب بڻجي پوندي هئي.
اهڙي حالت دوران،
دم جو گهٽجي وڃڻ،
وڏو ساهه کڻي، ٿڌا شوڪارا ڀرڻ،
ڪنهن کي توجهه سان نه ٻڌڻ
ذهن جو منتشر ٿيڻ،
ڪنهن جو ڪجهه چوڻ ۽ منهنجو ڪجهه نه سمجهڻ،
خود کان پري هليو وڃڻ،
۽ هر ماڻهو جي صرف منهن ۾ غور سان ڏسڻ،
خبر ناهي منهنجو سو عمل فطري هو يا غير فطري بڻجي پي پيو؟
مونکي اهڙي ڪيفيت ۾ ڏسي، تون ٺٽي وارن قبرستانن مان اڪثر مڪلي تي گهڻو ڳالهائيندي هيئن، پوءِ خبر ناهي اسان ان ضلعي جا رهندڙ هئاسين ان ڪري يا توکي منهنجي اهڙي اڌ مئل ڪيفيت واري وضح مان وڌيڪ لطف ايندو هو.
پنهنجي اهڙي حالت وقت توکي چوندو هئس ته ”تنهنجي محبت هڪ اهڙو مڪمل ناول آهي، جنهن ۾ منهنجي زهر آلود زندگي جون ڪوتائون ۽ ڪم عقليون مڪمل طرح سمايل آهن“.
شايد منهنجو ايترو ئي حق هو محبت ۾- جو پنهنجون صرف ڪم عقليون ۽ نوڙتون پي بيان ڪري سگهيس.
ان ڪري جو ڪنهن ملول ۽ ناڪام حسرت زده ماڻهو جيئان مان محبت جو بکيو هئس.
راتين جون راتيون توسان گهاريندي به- محبت جي صرف ڳالهين مان به مان پورو ڍئو ڪڏهن به نه ڪيو جو به پل توکان ڌار گهاريم، ته ائين لڳندو هو- جهڙو من جون ڳالهيون من ۾ رهيون- جيڪي چوَڻَيون هئم سي ته چيم ئي ڪو نه- من وياڪل، وياڪل-!
جيئن ملا خدا کان وڌيڪ مسجد سينگاري ان جو وڌيڪ احترام ڪندا آهن- تئين منهنجو ذهن هر وقت تنهنجي لفظي سينگار ۽ احترام ۾ رهيو سوچيندو هئس- دنيا ۾ اهڙو ڍئو شايد ڪنهن کي به ٿيڻو ناهي. جنهن جو مان آرزو مند هئس شايد منهنجي اهڙي لاچاري کي ئي- تون محبت جي هوَس چوندي هئين.
ڪيڏي نه اياڻي چئييئن-
چوندو هئس نه-! ته اي عشق کان غافلو- محبت ۾ موت خود، پنهنجي موت جي تلاش ۾ رهندو آهي! ۽ اي دل جي سمنڊ جا قذاقو- اوهان روح جي ٻيڙي ۾ ويٺل موت جي مسافري- محبت کانسواءِ ڏسي نٿا سگهو“.
پر منهنجي ان چوڻي- تنهنجي دريا دلي تي ڪو طوفان ته ڇا؟ پر ڪو واچوئڙو به نه آندو- ويتر خود کي- ملڪ الموت بنائي- ابت ڪنڊڙيءَ جيئان مونکي چهٽي پوندي هئين ۽ مون کي اهو اوسيئڙو ٿي پوندو هو ته ڪڏهن ٿو اهڙو ناول مڪمل ڪري سگهان- جنهن کانپوءِ تون مونکي موت جا دڙڪا ڏيئڻ ڇڏي ڏئين.
اهڙي خبر ڪجهه ڪجهه مونکي به هئي- حقيقت کان ڪنهن حد تائين واقف به هئس، ته محبت ڪرڻ ۽ لکڻ- دنيا ۾ ٻئي، سي ڪم پاڳلپڻو ۽ چريائپ وارو عمل سڏيو ويندو آهي!
پر دنيا بي پرواهن کي صرف چريو ئي ته سڏي سگهي ٿي!
ماڻهو کي خدا کان وڌيڪ خوف- پنهنجي محبوب جو رهندو آهي، مان به خائف واقعي ٿي پوندو هئس- جڏهن تون- مڪليءَ وارن جي موت تي ڳالهائيندي هئينءِ.
پر موت کان نه پنهنجن اهڙين رچنائن کان- جيڪي اڃان دل جي ڳالهين جيئان- اڻپوريون ۽ اڌوريون رهيل هيون-، تن جي اهڙي خوف کان مايوس ٿي پوندو هئس- ته ڪٿي، سي اڌوريون ۽ اڻپوريون نه رهجي وڃن-، پوءِ اهڙي خوف ۾ خود کي مئل پيو- تصور ڪندو هئس ۽ تون موت سان گڏ وڌيڪ ياد اچڻ لڳندي هئين. پوءِ مُنجهي پوندو هئس ته ناول جي ابتدا ۽ اسٽوري جو اختتام ڪهڙو، ڪٿي ۽ ڪيئن آهي!؟
گهڙين جو بيوقوف هيس-،
جيڪي لکندو هيس، ڦاڙي ڦٽو ڪندو هئس!
جڏهن پنهنجي شروعات، سمجهي نه سگهندو هيس- ته فراق جي جوش ۾ پنهنجا هٿ مهٽڻ لڳندو هيس.
هٿ مهٽيندي، هٿن جي تمام باريڪ ريکائن ۾ لفظ موت سان گڏ لکيل، لفظ وهم۽ تنهنجو نانءُ به پڙهي ورتو هئم.
شايد لڪير جو فقير بڻجي پيو هئس!،
يا بقول شاهه لطيف جي ته: ”جيڏانهن ڪريان پرک، تيڏانهن سڄڻ سامهون“ (شاه)
لکڻ جي وقت جڏهن ڪو شاهه لطيف جو اهڙو بيت ذهن ۾ ايندو هئم- ته دل جي نسن ۾ رت نه- جهڙو لوڻ ڊوڙي رهيو هجي!
لکي، لکي جڏهن ٿڪندو هئس- لوڪ لقاءُ به سمهي پوندو هو-، تڏهن پنهنجا هٿ مهٽي، انهن باريڪ لڪيرن کي مِٽائڻ جي ڪوشش ڪندو هئس- جن مان مونکي موت جي شڪل لکيل نظر ايندي هئي.
پر هٿن مان صرف پگهريل ميري مٽي حاصل ٿيندي هئي.
۽ لفظ موت کان وڌيڪ تنهنجو نانءُ واضع لکيل نظر ايندو هو.
ان کي پڙهي، بس پوءِ لکندو ئي رهيس ۽ هٿ مهٽيندو رهيس- ۽ مون ۾ ماڻهپو وڌندو رهيو ۽ منهنجا ويچار مونکي همٿائيندا رهيا-،
مون ۾ هڪ قوت پيدا ٿي پئي-،
پوءِ هٿ جي لڪيرن ۾ لکيل، لفظ موت-هميشه ڪاڻ مٽائڻ لاءِ- هٿ جي کل جا اهي ٽڪرا پٽي- چرين جيئان چٻاڙي-، مون موت کي ڳڙڪائي ڇڏيو- ۽ مونکي ڪا به ڪراهت ڪان آئي هاڻ سو- منهنجي ذهن ۾ نه- پيٽ ۾ آهي!.
مان کانئس ذرو به نٿو ڊڄان-،
هاڻ جسم جو گوشت- ڪوئي مرض کائي پيو ته صرف اهو خوف پيو کائي- ته تون موت کي گهڻو ياد ڪندي آهين ۽ مان توکي-!
بس توکي خدا جيئان- مونکان گهڻو وڌيڪ جيئڻ گهرجي.
توکان وڌيڪ عمر جيئرو رهڻ- واري پڇتاءُ کان ڊڄندو آهيان!
ڪير جيئي- ڪير اڳ مري!؟
اهڙي ڳڻتي جو ڳارو- ڳاريندو پيو وڃيم.
يقين ٿي پيو اٿم- ته موت کانپوءِ ۽ موت واري حالت ۾ به- ڏاڍو سڪون آهي.!
پر پنهنجي اهڙي ڪنهن سڪون جو به- الائي ڇو دشمن ٿي ويٺو آهيان- شايد پنهنجي حقيقي موت کان وڌيڪ- تنهنجي فراق واري موت ۾ سڪون نظر اچي ويو اٿم.
شايد ان ڪري به جو- تنهنجو مونکي بار، بار موت ياد ڏيارڻ، سان- مون تو منجهان- پنهنجي موت مرڻ واري ذائقي جي ڪيفيت حاصل ڪري ورتي.
جڏهن کان اهڙي ڪيفيت حاصل ڪئي اٿم- تڏهن نه چاهيندي به گهڻو پيئڻ لڳو آهيان- ۽،
ماڻهو مونکي چاهڻ لڳا آهن!
مان شهرت جي شورش ۽ هنگامي کان خفي ٿي- ناول جي اسٽوري جو ٽائٽل بڻبو وڃان.
پراڻن دوستن سان، وڌيڪ گهرو ٿيندو وڃان!-
مون کي سندن زندگيون مٺيون ٿيڻ لڳيون آهن!-،
ها! مٺيون ٿيڻ لڳيون آهن!-
منهنجي انهن دوستن کي، تو جيئان موت جا دورا پيا پون-،
انهن مان سمجهه واري قوت موڪلائيندي پئي وڃي-،
مونکي بدحواس معلوم ٿيڻ لڳا آهن-!
انهن مان ڪڏهن، ڪنهن مهل ائين به معلوم ٿيڻ لڳندو آهي ته ڪير جيئي پيو؟ ڪير مري پيو؟
ڪجهه ته توکي به خبر هئڻ گهرجي- ته سچائي شايد پنهنجي نالي اڃان ڪجهه جيئي پئي.
پر منهنجا دوست- منهنجن اهڙين ڳالهين تي- چرس پياڪ موالين جيئان- ڇوهه پيا ڇنڊن-،
مونکي چريو چوڻ لڳن ٿا،
مونکي بي همٿ ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش پيا ڪن،
مان سندن اهڙي چريائي تي ششدر ٿيندو آهيان،
اهي فنا پيا ٿين،
مون تي غير فاني هئڻ جون، مسڪريون ڪري،
مون تي چرچا پيا ڪن
مونکي دوستي ۾ دڙڪا پيا ڏيئن،
زندگيءَ جي تڪڙي موت جا اشارا، دليل، مثال ۽ وڏا حوالا پيا ڏيئن،
انهن مان ڊپ پيو ٿئي
ڪٿي اهي وقت کان اڳ- مونکي ماري- مونکي مئل تصور نه ڪن؟
جڏهن ته مان اڃان پنهجي آدرش ۽ مقصد واري منزل جي مُنڍ، مُهڙ تي بيٺل آهيان،
اڃان ته ڪئين ڪشالا ڪڍڻا آهن،
ڪيئين ويلا وچ پوڻا آهن،
ويندي واٽ ڪيترا ساٿ به ملڻا آهن،
پر هُو- منهنجا دوست!
جيڪي زندگي جي- بي مقصد ۽ مقصد جي وچ واري فلسفي جي مٿاڇري تي سوچي- زندگيءَ جي ڌرتيءَ کي سوڙي ۽ اڻپوري چوڻ جي حق ۾ آهن-،
۽ زندگي جي حسين وفائن کي- صرف بي وفا جواني جو رنگ ڏيئڻ لڳا آهن-،
۽ باقي زندگي- شايد سندن سمجهه کان ٻاهر آهي،
مان پنهنجن دوستن- انهن کان- پاڻ بچائڻ جا- وڏا جتن ۽ احتياط پيو ڪيان،
سو ان ڪري-،
جو موت سندن مٿي ۾ آکيرا ڪري چڪو آهي!!

