قسط 21
ها! انهيءَ ڏينهن تي مان پنهنجي زندگيءَ ۾ پنهنجي محبت سان آخري ڪوڙ ڳالهائي توکان بغير چُميءَ جي موڪلائي پنهنجي گهر اچي سمهڻ جي ارادي سان بي وقتو ليٽي پيو هئس.
دل جي ارمان کي ته ننڊ ايندي بي وقتي آهي، نه هُل ڏسي نه هيڪلائي پوءِ جڏهن غم غائباڻا بيدار ڪن!
مان پنهنجي گهر وارن سڀني کي چئي ڇڏيو هو ته، ”منهنجي ڪير به اچي پڇا ڪري يا ٽيليفون ڪري ته ان کي چئجو ته گهران ٻاهر نڪتو آهي، ٻُڌائي ڪونه ويو آهي، خبر ناهي ته ڪيڏي مهل موٽندو؟“
دلين جا فيصلا به ڪڏهن ڪڏهن ڪيڏا غلط، ڪوڙا، چور ۽ رهزن فيصلا هوندا آهن؟ سڄي گهر کي ڪوڙ ڳالهائڻ لاءِ تلقين ڪري رهيو هئس.
گهر وارن کي اهڙي ڪوڙ جي Rehersal ڪرائي مان پنهنجي ڪمري جو دروازو اندران لاڪ ڪري کٽ تي ليٽي پيو هئس. ننڊ لاءِ ته ڪيفيت ئي آماده نه هئي، جڏهن به ننڊ نه ايندي هئم ته شاهه لطيف جو رسالو پڙهڻ شروع ڪندو هئس، جنهن ۾ سسئيءَ جي ننڊ ۽ سهڻيءَ جي جاڳ تي سوچيندي جيءُ کي جهڙو ننڊ اچي ويندي هئي، يا سڄو سرير ڄڻ فوت ٿي ويندو هو، پر ان ڏينهن زندگيءَ جو اڪيلو بڻجي وڃڻ واري ڏائڻ سوچ ڏنڀي وڌو هئم.
نيرڻي وچينءَ مهل چند گهڙيون ڪمري کان ٻاهر نڪتس ته پنهنجي ئي گهر جي ماڻهن جا مُنهن ڏسي ايئن محسوس ڪيو هئم جهڙو گهر جي ڪنهن فرد جو ميت، تازو گهر مان قبرستان ڏانهن کنيو ويو هجي! اهڙي مايوس ڪيفيت کان ڊڄي خود کي واپس پنهنجي ڪمري ۾ لاڪ ڪري ڇڏيم ۽ پوءِ مختلف ڪتاب کوليندي پڙهندي پنهنجي اها ڊائري به کولي ويٺس، جنهن ۾ تنهنجي هٿ اکر جا ڪيترائي خيال قلمبند ٿيل هئا، جنهن ۾ هيءَ مقولو به تنهنجو ئي لکيل هو ته، ”عورت پنهنجي زندگيءَ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي غلاميءَ تي روئندي آهي، دنيا شايد غلاميءَ جو ٻيو نالو عورت رکيو آهي!؟“
تنهنجو اهو مقولو پڙهي ان جي هيٺان مون پنهنجو خيال قلمبند ڪندي لکيو هو ته، ”دنيا ۾ شايد عورت ئي واحد جنس آهي، جيڪا پنهنجي غلاميءَ جا فيصلا باخوشي قبول ڪندڙ آهي.“
ڏينهن جو باقي وقت اها ڊائري پڙهندي، ان ڪمري ۾ ئي بند هئس. خبر نه رهيم ته انهيءَ ڏينهن وارو سج، اُلهڻ وقت ان رات لاءِ ڪهڙو نياپو ڇڏي ويو هو.
رات جو تقريبن 9 لڳي ڌاري گهر وارن مون کي ماني کائڻ لاءِ چيو هو، پر گهر وارن کي اها خبر نه هئي ته مان پنهنجي ارواح تي ختمو پڙهي چڪو هئس، ۽ سوچن جي زهر پيٽ جو خاتمو ڪري ڇڏيو هو، تنهن ڪري پيٽ جو عذر ڏئي ماني کائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو هئم.
رات جو 12 وڳي تائين ٽيليفون رنگ جون رڙيون ٻُڌي رهيو هئس ۽ صبح جو مون کي ٻُڌايو ويو ته اُها بار بار رنگ تو پئي ڪئي. ماڻهو بي رحم هوندا آهن، پر دليون رحيم هونديون آهن. دل جي پٿر به بڻجي پوي ته محبت جو زهر کيس جلد ڳاري وجهندو آهي. ڪافي خود کي توسان ملڻ کان روڪيو هئم پر منجهند کانپوءِ دل جي رحماني قوت توسان ملڻ لاءِ مجبور ڪري وڌو هئم ۽ دل جي طرفان بيوس بڻجي اهو سوچي تو ڏانهن نڪتو هئس ته، ”ٺيڪ آهي، وڃان ٿو، آسا اڪيلي هوندي ته ايتري دير وٽس نه ويهندس!“
پوءِ جنهن مهل تنهنجي گهر آيو هئس ته صرف تنهنجي اُن مائٽاڻي خادم، ڪاڪا صالح کي لان ۾ وڻ جي ڇانوَ هيٺ ويٺل ڏٺم. باقي ڪو بني بشر نه هو. بلڪل ايئن سناٽو ڇانيل هو، جيئن محفلن ۾ سڄي رات جي جاڳ کانپوءِ- ڏينهن جي وقت اهي هنڌ قربستان جيان ويران هوندا آهن.
ڪاڪا صالح کان تنهنجو پڇيم ته چيائين، ”اقرار صاحب سان ٻنيءَ تي ويل آهي، بس ٿوري دير ٿي آهي.“
وري پڇيو هومانس ”ڪاڪا رات آسا جي سالگره جو پروگرام ڪيئن سٺو رهيو؟“
چيائين ”ها، ها سٺو پروگرام ٿيو تقريبن سڀ دوست آيا هئس پر توهان ڪونه آيا هئا نه؟“
چيو مانس ”نه ڪاڪا، ته پاڻ وڌيڪ چوڻ لڳو- سڀئي دوست تقريبن خوش ٿي ويا ۽ وڏي خوشي جي ڳالهه اها هئي رات بي بي ٻڌايو ته اقرار سان هن جي مڱڻي ٿي چڪي آهي ۽ شادي جو پروگرام به تڪڙو ئي آهي! ”بيوقوفي پئي ڪري.“ تمام آهستگي سان چيو هئم-
”جي؟“ هن پنهنجو ڪن ويجهو ڪندي پڇيو.
پر هن کي تفصيل ٻڌائڻ مان فائدو به ڪهڙو ٿئي ها- تنهن ڪري مان پنهنجو خيال بدلائيندي- تنهنجي بيڊ روم ڏانهن ڏسڻي آڱر سان اشارو وٺندي کانئس پڇيو هو ته ”ڪاڪا! هي سامهون وارو ڪمرو کليل آهي؟“
”جي ها! اهو ڪمرو ته بابا سائين! توهان کي خبر آهي- کليل ئي رهندو آهي!“ تڏهن مان ۽ ڪاڪا صالح ٻئي ان ڪمري ۾ آيا هئاسين- تنهنجي بيڊ تي وڇايل چادر ائين بي ترتيب پيل هئي- جو جيڪو ڏسي سو ائين محسوس ڪري ته- ڄڻ ڪي ٻه جوان زندگيون- بستري تي وڏي کينچل ڪري- تازو هينئر ئي ڊوڙي ٻاهر نڪتيون آهن- بيڊ جي سيرانديءَ کان- الماري جي مٿان- اها ڊائري رکي هئي- جنهن ۾اهي ڳالهيون لکيل هيون- جيڪي تون هڪ رات ڪاوڙجي پئي هئينءِ- ته تنهنجي فيصلي مطابق پاڻ هڪٻئي سان تحرير جي صورت ۾ پي ڳالهايو- مان اها ڊائري اتان کنئي ۽ ڊائري کوليم ته- ڪيتريون ئي سوچون- گڏرن جيئان ذهن پٽڻ لڳيون هئم- ڪنهن مهل سوچيم پي ته- اڄ هن ڊائري ۾- پنهنجي رت سان اهڙا ته الوداعي لفظ لکي وڃان- جو آسا پڙهي ته- هينئون ڦارون، ڦارون ٿي پويس، ته ڪيڏي مهل دل پي چيو ته- نه اڄ پنهنجو مقصد ڪڍي هن ڊائري ۾ رکي وڃان- ته ڀل سڀاڻي آسا جو اولاد به آسا کان پڇي ته- هي بد ذهن، بيوقوف ذهن ڪنهن جو آهي امي؟ قلم ته منهنجي کيسي ۾ هميشه رهندو هو- پر وري به کيسي تي نظر وجهي- قلم جي تسلي ڪري- ڪاڪا صالح کي التجا ڪندي چيم ته ”ڪاڪا! مونکي هن ڪمري ۾- ڪجهه دير لاءِ اڪيلو ڇڏيندا؟“ ته هن خلوص وچان چيو هو“ ها! بابا سائين- توهان کي ته ڪجهه چئي نٿو سگهجي نه!!
هو ايترو چئي ڪمرو ڇڏي ٻاهر لان تي انهيءَ ساڳي وڻ جي ڇانو ۾ وڃي ويٺو- جتي هو پهريان ويٺل هو- ائين پي لڳو جهڙو هو منهنجي لاءِ- ٻاهران ايندڙ ماڻهو جي سنڀال رکندو هجي.
حالانڪه مارچ مهيني جو پهريون ڏهو هو- ايتري گرمي به نه هئي جو وڻ جي ڇانو جو سهارو وٺجي- پر پنهنجي ضعيف عمر جي ڪري- هو سج جو تڙڪو شايد سهي نه پي سگهيو.
مان سڪون بخش اڪيلائي محسوس ڪندي- پنهنجن خيالن لاءِ لفظن جو گهاڙيٽو شروع ڪري ڏنو هو- بس پنهنجي طرف کان محبت جي پڄاڻي لاءِ- منهنجا اهي آخري خيال هئا- جيڪي مون گهڙيل لفظن سان- تنهنجي ڊائري ۾ تنهنجي اجازت جي بغير لکيا هئا-
جيئن رشتن، ناتن ڇڄڻ وقت- هر ماڻهو پنهنجي مرضي مطابق خود مختيار لفظ ڳالهائيندو آهي- شايد انهيءَ وقت نه مونکي ڪنهن لفظ معاف ڪيو ۽ نه مون ڪنهن لفظ کي بخش ڪيو هو-
پنهنجا خيال ڊائري ۾ لکڻ وقت- تنهنجي چُميءَ واري نشي مونکي ايتروئي ستايو هو- جيترو ان وقت مونکي لفظن جي خواهش ولوڙ ۾ وڌو هو.
شايد اهڙي حقيقت به انهيءَ مهل حاصل ٿي هئم ته- لفظ ذهن جا غلام هوندا آهن ۽ ذهن لفظن جو ٻانهو هوندو آهي ڊائري کولي ٽيبل تي رکي- قلم هٿ ۾ پڪڙي، ڊائري ۾ ڪجهه لکڻ اڃان شروع مس ڪيم ته- اندر جي دانهن هي- نُڪتو نروار ڪندي چيو هو ته ”محبت زنده باد- ۽ اسان جي الوداع“
شايد دل جون نسون- جسم کان ٽٽي- لفظن سان ڳنڍجي ويون هيون-
دل روئي پنهنجي افساني جو اختتام- ڊائري ۾ هن طرح بيان ڪيو هو ته ”منهنجون نظرون توکان پوءِ ته آزاد آهن آسا!
پر پوءِ به، ڪٿي ڪنهن مهمان جيئان ڪا مهل ڪٿي ٽڪي نه سگهن شايد- ۽ نه ڪڏهن محبت ڀريون حاسد نظرون به تنهنجون وسري سگهنديون! جيڪي تنهنجي سچائي جو معتبر ثبوت هيون- ۽ منهنجي دل تي سي، اعليٰ درجي جي عبارت رهيون!
چنڊ، ڪڪر ۽ تارا، ڪتيون به توئي ڏيکارڻ سيکاريا- جيڪي ازل کان اڳ اڀريل هئا!
ان کان اڳ، مان انڌو ان ڪري هئس- جو شايد پنهنجي سرڪشيءَ جو ()عِنانِ بڻيل رهيس!
سياهه راتين جا سناٽا- توبن منهنجو ماڻهپو قبول ڪئين ڪندا؟
تنهنجو روشن مُک ته، منهنجي هر واٽ جي لاٽ هئي، آسا!
جڏهن ماڪ ۾ تنهنجا وار ڀڄندا هئا- آڌي پڄاڻا انهن سان پنهنجو منهن ڌوئيندو هئس!
پر هاڻ ته- ماڪ مُنهن ڀڄائي زنگي ڇڏيو آهي؟
تون ته قلعي گر هيئن منهنجي سيم () تن روح ۽ زنگيل انسانيت لاءِ!
سانوڻي رُت ۾ تنهنجون جهڙاليون اکيون به ڪافي هيون جن جي گهنگهور گهٽا، چنڊ رات کي به مات ڏئي- جهڙالي موسم ٺاهينديون هيون-!
جي ماڻهو، جي مٿي تي، زلف انگور جي ان ڪندا هجن ها؟- ته خدا جي ذات جو قسم تهنجن وارن جو ٻج-
چانڊائڻ ۾ پري کان نظر ايندڙ- سنڌ جي کيتن ۾- ضرور پوکيان ها!
۽ پوءِ ماڪ ڀڄايل پنهنجو منهن به- تنهنجي وارن جي سَلن سان- ڌوئيندو اُجاريندو رهان ها!
ڪيڏي نه وساري ٿي پئي آهين- ڪڏهن ته پنهجا اِهي ريشمي وار- منهنجي لاءِ ويهاڻو ڪري وڇائيندي هيئن-
اکيون بند ڪري چوندي هيئينءِ- اڄ ڀلي منهنجي نصيب جو نطام چمي وٺ!
ياد هوندئي آسا! مون تنهنجي کاڏيءَ واري کڏ جو نالو- سنڌو نديءَ رکيو هو-
توڻي جو خود کي تنها ڪري ويٺو آهيان،
تڏهن به تنهنجي کاڏي واري کڏ مان- اڃان اُهي ڇوليون پيو پسان- جنهن تي منهنجا چپ ٻيڙي مثل ترندا هئا!
ويسر ته مونکي به آهي، جو توکي وساري نٿو سگهان،- تو پاڻ چيو هو آسا! ته هڪ جي بدلي، ڪنهن ٻيءَ جڳهه تي ٻه ڏئي وٺ-
۽ پوءِ ٺڳي ڪئي هئم- ته تو مونکي چيو هو ۽ مون توکي چيو هو ته ”بَيمان!“
شايد تڏهن ٻئي بي ايمان هئاسين!
گهڙيءَ جو ڍڪ ڀڃڻ واري اڃ ڪٿي هئي؟- حالانڪ عضوا گڏي، هڪ جسم ٿيڻ وارو هُول، تنهنجي نيت ۾- وڏا خلل وجهندو هو!
تڏهن اهڙو وهم به- تنهنجي وجود ۾ ويٺل هو ته- ڪٿي منهنجو جسم- پنهنجن عضون سميت- ڪنهن ٻيءَ جوڳياڻي سان نه جڙجي وڃي!
هڪٻئي کي رُکو رکي- اڃان ته ايترو پراڻا به نه ٿيا آهيون- جو سانوڻ جي سانجهه به نه ساريان؟
ناسيندي نگاهه- اڃان اول توڏانهن هئي آسا! – پر هاڻ ويلا ٽري- ٽڪار جو ٽڪو هڻندا وڃن!
هاڻ خود سان وڙهي- ڌرتيءَ جو به وڙ وساري- بي وڙو بڻجي- پنهنجن خوشين جا ککراٽ ڪري- ڏند ڪنهن کي ڏيکاريان؟
ڪنهن کي کلايان- ڪير کلائيندو مونکي هاڻ- خودي کي به کائي- ايترو باقي ڇڏيو اٿم- جيتري گونگي جي ٻولي ۾ گيرپ آسا!
پريت جي ريت ۾- رُسڻ جي روڳ کي- تو شاعري چيو هو- پر منهنجي تخيل اڃان ته هڪ سڏڪو به نه ڀريو هو.
شايد ڪنهن رُسامي لاءِ- ڪا ويساهي ساک نه هئس ۽ نه ڪنهن ستايل آدميت جو- ڪوئي احساس به کيس هو؟- پوءِ مرثيا خواني ڪري به ڇو ها؟-
جو مرڻا اڳ مري- ان جو اوتار ڪڏهن مئو به آهي؟
اکين ۾ آگم آهن آسا. – پر وسڻ جي ويس ۾ ناهن-
جي وسي پيون- ته اڻتارو الاءِ ڪيترا ٻوڙي چٽ ڪنديون؟
توکي شايد دل جي قحط- ڏکيا ڏينهن نه ڏيکاريا آهن تڏهن توکي شاعرن جي خودڪشيءَ واري پچار لطف ڏيندي رهي!
ڏڪاريل اکيون- جڏهن برسنديون آهن- تڏهن دل جي صحرا ۾ رت پياڪ وڻ ڦٽي پوندا آهن- جن کي درد جو وڻ چئبو آهي-
پوءِ من جو بي مدو سانوڻ- بس ئي نه ڪندو آهي- جيستائين سندس پلر جي پالوٽ ۾- روح لڙهي ٻڏي نٿا وڃن!
اڪيلي دل بيوس هوندي آهي آسا!
سانوڻ جي سانجهه ۽ سياري جي رات ۾- آسمان جيئان تون ڪيڏي اُجري ۽ ڌوتل نظر ايندي هيئينءِ.؟
چانڊائڻ ۾- سنڌ جي کيتن تي- ڦلاريل سرنهن جو گل- توکي ڪيڏو نه پيارو لڳندو هو؟-
تو پنهنجي هڪ سالگرهه جي موقعي تي- اهڙي رنگ جو رئو- مونکان گفٽ طور- تو پاڻ گهري ورتو هو- ۽ مون سرنهن گُل جي رنگ جهڙو اهو رئو توکي گفٽ طور پيش ڪيو هو.
جنهن ۾ سرنهن جي ٻوٽي جو به ڇاپ لڳل هو- جنهن جو هڪ پتو ائين پي لڳو- ڄڻ ته ان پتي جو گوشت- ڪنهن جيت ٽڪي- لفظ محبت لکي ڇڏيو هو!
ياد اٿئي؟
تنهنجي هڪ هارياڻي- سرنهن جي گلن ۾ ڦرندي، هلندي ڏسندا هئاسين- جنهن جا پير اگهاڙا- ۽ مٿي جو ڪپڙو ڦاٽل ڏسي- منهنجي دل غربت تي لعنت وجهندي هئي! هُن هارياڻي ۽ تو ۾ ڪيڏو نه فرق آهي؟- هوءَ ويچاري ته سرنهن جو ساڳ بڻيل آهي- ۽ تون ته انگوريل آهين. – تنهنجي ڦُل ڦلاري ڦلواري تي ته- ٽانڊاڻا پيا ٽمڪن.
چانڊائڻ ۾ کيت کلندي ڏسان ٿو ته- تنهنجا اُهي مڌ ماتا جهوٽا ياد ايندا اٿم- جن دوران توکي چمي ڏئي- سجاڳ ڪندو هئس.
تون ته بجليءَ جي مصنوعي روشنيءَ کي- ڏانئڻ چوندي هيئنءِ- ڇا اها ڏائڻ- تنهنجو خون- هاڻ ڪون ٿي کٽو ڪري،
پپر جڏهن پيلا پن ڪندا هئا – ته انهن کي مصنوعي روشني جي تشبيهه ڏيندي هيئينء.
جيت جهومريون پائي- جڏهن سرگم جا سر آلاپيندا هئا- ته رات روئي ماڪ ڦڙا وسائيندي هئي- تنهنجو من ڪيڏو شانت هوندو هو- پنهنجو ڀنل بدن مون تي اڇلي ڇڏيندي هيئينءِ-
۽ مانِ! تنهنجن وارن جي خوشبوءَ ۾ واسجي ويندو هئس- اهڙي حالت ۾- هڪ رات تو چيو هو ”فتاح! تنهنجي وارن مان مونکي بارود جي بانس پئي اچي؟“
مان ڇرڪي پيو هئس- پوءِ پاڻ سنڀاليندي مون چيو هو- ”شايد منهنجي کيسي مان- قلم ڪري مس هاري آهي آسا.“ ۽ واقعي هو به ائين- پر قلم کيسي مان هيٺ نه ڪريو هو- کيسي ۾ ئي کُلي پيو هو- ۽ مس جي خوشبوءَ اٿاري هئائين- جنهن کي تو بارود جي بانس پي چيو.
مس ۾ رڱيل اهو کيسو تو ڏسي- چڱي طرح سان سونگهيندي چيو هو ته ”واقعي مس آهي فتاح. ڪيڏي پياري خوشبو، اٿس.“ ۽ مون چيو هو ”اهوئي ته ادب جو بارود آهي آسا!“
پوءِ تو پنهنجي نا بالغ عقل ۽ معصوم لهجي ۾ پڇيو هو ”ان سان ڪڏهن ڌرتي جي سالگرهه لکي اٿئي فتاح؟“
اهڙي سوال پڇڻ جو- توکي اهڙو عقل الاءِ ڪيئن آيو هو- تو حقيقت بيان پي ڪئي- يا الائي مذاق ڪيو هيئي- پر مان بلڪل لاجواب ٿي ويو هئس.
جواب ڪرڻ لاءِ- نه ان وقت منهنجي عقل پي ڪم ڪيو ۽ نه ڪوئي لفظ پي هٿ چڙهيم- ائين سوال ڪيو هيئي- جيئن ڪوئي ٻار انگل ڪري ته ”چنڊ لاهي ڏيو؟“
ڪنڌ جهڪائي پنهنجي شرم ۾ ٻڏڻ پي چاهيم- پنهنجي ڌرتي لاءِ وارثي جي دعويٰ به ڪندو هئس- پر تنهنجي ان ٻاراڻي سوال تي- خود کي به لاوارث ڪري ويٺو هئس.
منهنجي ڊگهي خاموشي ڏسي- منهنجي ستل غيرت کي تو ڄڻ چونگ ڏيندي وري چيو هو ”ٺهيو- سالگرهه نه لکي سگهيو آهين ته ڇا ٿي پيو- پر ڌرتيءَ جي ورسي ته ضرور لکجان؟؟“ منهنجي خاموشي به خفيءَ ۾ بدلجي وئي هئي- منهنجي ادبي غيرت کي- تو نه رڳو چونگ ڏني هئي- پر ٿڏو به هڻي ڪڍيو هو- جنهن منهنجي ادبي ڪاوش سڀ- لتاڙ ۾ آڻي ڇڏي هئي! – تڏهين تنهنجا چيل اهي لفظ به ياد پيا هئا- جڏهن تو سنڌ جي ڪنهن نامياري شاعر جي حادثاتي موت تي چيو هو ”فتا! تون خودڪشي ڪندڙ شاعرن تي نوحاگري ڪندو ڪر!“
مرڻ جي گهڙي هئي مون لائي- پاڻ کائڻ لڳو هئس- پنهنجي ڪُل هستي- ماڪيل رَنگ محسوس ٿيڻ لڳي هئم.
پنهنجا خيال، ارادا، عمل ۽ پنهنجي تخليق جو هر تخيل- سڀ هوائي ڳالهين سان ڀريل- المياتي بحث سمجهڻ لڳو هئس- لفظن جو گهاڙيٽو منهنجو گريبان چاڪ ڪرڻ لڳو هو!
توکانسواءِ ان مهل ٻيو ڪير هو آسا؟- جو محسوس ڪري ها ته- مونکي پنهنجي ڌرتيءَ سان- ڪيتري محبت رهي ٿي؟.
ڌرتي به ان مهل- مونکي پنهنجو ڪنڌ هيٺ جهڪائڻ نه پي ڏنو- منهنجي سچائي جو مون وٽ ڪو ثبوت نه هو- ڪجهه چوڻ ۽ توکي مڃائڻ لاءِ ته- خود به ذهني طرح معذور ٿي پيو هئس.
ڪيئن چوان ها ته؟-،
منهنجا خيال، منهنجون رچنائون، منهنجا ارادا سڀ ڪنهن بهاني جو سٻنڌ ناهن!
فاني ۽ غيرفاني واري دعويٰ سان- جنهن ويهه واٽي ٽياس تي- خود کي ٽنگي ڇڏيو هئم- ان جو به ٻنڌڻ ٽٽي باقي هڪ، اڌ تند تي اچي بيٺو هو- جنهن جي مڪمل ٽٽي وڃڻ سان- اهڙي کاهي ۾ وڃي ڪربو آهي- جتي سڀ مئل ماڻهپا هوندا آهن! – جن کي پنهنجن جيون ۽ جوڀن جي سالگرهه کانسواءِ- ڌرتي جي دز به ياد نه هوندي آهيِ! تنهنجن وارن کي- رات جي گهٽا سان- تشبيهه ڏيڻ به- ان مهل نه پي آيم،
الاءِ ڪهڙي شي هئي- جنهن هينئون ڪُٽي- ٻئي ڦڦڙ هوا سان ڀري ڇڏيا هئم- جنهن کي اندر جو اڌمو چئبو آهي! – ڪنهن ٿڌي شُوڪاري جي بجاءِ- ڇاتي تي اهڙي باهه کي ٻرندو رهڻ تي اوليت ڏني هئم.
تون ته پوءِ به چوندي ويئينءِ، چوندي چوندي ويئينءِ
الاءِ ڇا پي چيئي- لاشو بڻيل هئس،
ڪُتي کان سکيل- پنهنجي غلامي لاءِ وفا- لعنت جو طوق هو منهنجي لاءِ!
پنهنجي زخميل روح جي قبر ته نظر ئي نه پي آيم-،
دل کان پڇيم ” جيئرو آهيان- مئل آهيان!؟“ ڪوئي جواب نه مليو ٻنهين کان الڳ، پري هئس-
اڳ به- بلندين ڏانهن اڇلي ڦٽو ڪندي هيئينءِ- پر ان رات ستارن کان به اڳتي- اڃان به پري اڳتي اڇلي ڇڏيو هيئي- شايد اتي به پنهنجا خيال پڪڙي نه پي سگهيس- جتي ڌرتين جون سالگراهون ملهايون وينديون آهن، مان ان تلاش ۾ هئس- ستارن کان سندن سالگرهه جو پڇڻ پي چاهيم- پر اهي ڌرتي ڄايا هئا- خود تي ڪارنهن جو داغ- هڪ وڌيڪ لڳرائڻ شرم جي ڳالهه هئي!
مرڻ مهڻو ٿي لڳو هئم- ڌرتيءَ جو ڪهڙو وارث هئس؟- پنهنجي ڌرتيءَ جي جنم ڏڻ کان اڻڄاڻ هئس؟؟
مغز ۾ خيال چڪ پائيندي چوڻ لڳا ”محض موت جي ذائقي لاءِ ڄايو آهين؟“
وري هڪ ٻي خيال وڙهندي چيو ”نه! شيطاني خيال آهي اهو بزدل ۽ ڪمينو تصور آهي!“
الاءِ ڪهڙو عضوو هو- جنهن تي درد دکي پيو هو- پر ڳالهائڻ جي شڪستي نه هئس.
ڇا ڳالهايان ها؟- دل جو خون ڪنهن ڪُتي خيال چٽي- سندس سگهه وڃائي ڇڏي هئي،
انسانيت جي الوداعي غم ۾- دل آهستي روئي رهي هئي- شايد تو به نه پي ٻڌو آسا! سڄو آسمان- منهنجي ماڻهپي تي- مذاق اُڏائي- ستارن کي کلائي رهيو هو-
ذهن خود تي لعنت وسائيندي چيو هو ”ڇا؟ اهي ٺٺول ڪري هاڻ مون تان کلندائي رهندا!؟“
وري ذهن ئي جواب ۾ ڀڻڪيو ”نه! مايوس خيال آهي.“ سوچيندي، سوچيندي پوري همٿ- دل جي گوشت مان نڪري- آرس بڻجي- ڪفن جيئان بدن تي ويڙهجي وئي- ننڊ جو هلڪو خمار چڙهي ويو هئم- پنهنجن اکين ۾ خود کي دفن ڪري- مئل ماڻهو جيئان سمهي پيو هئس- هاڻ تو جو ڪجهه چيو پي- سوڄڻ تو منهنجي زندهه قبر تي قل پي پڙهيا! ۽ منهنجن ارواحن کي پي بخشيا.
پر پاپي روحن- منهنجي خاموش روح کان- اهو نيڪ عمل اڳ ۾ ئي جهٽي پي ورتو!
مون پنهنجي ڌرتيءَ لاءِ- سالگرهه جهڙي خوشيءَ ۾- پاڻ موکي نه ملهايو هو- خدا منهنجي حصي واري بخشش- ٻين روحن کي خيرات ۾ ڏيندو رهيو-
دل صدمو کائي چيو هو ”ماڻهو منهنجي قبر تي- هاڻ ٿُڪون- اڇلائيندا!“
ها! ضرورت هئي ڏاڍي- مئي پڄاڻا قبر تي گل- مونکي روح مٿان رکيل پٿر لڳندا آهن-
ماڻهن جي اها مون تي مهرباني ٿيندي- جي منهنجي قبر تي- ٿُڪن سان گڏ- ٿُڏا به هڻندا رهن!؟
ٿڏا هڻندي- سندن بوٽ جي ٽٽي پون ته اهي جوتا به منهنجي قبر تي ئي رکندا ويندا- ته سندن هڪ وڌيڪ مهرباني هوندي ۽ مان خوش ٿيندس! – جو منهنجي مزار جي توهين تان- منهنجي ڌرتي ماءُ خوش ٿيندي-
جنهن کي مون صرف- پنهنجا پير سيني تي هڻي- لتن سان لتاڙڻ سکيو هو.
مون سندس هر فرض قضا ڪري ڇڏيو،
مون سندس هر حق- خطا ڪري ڇڏيو!
کيت چانڊاڻن ۾ وري پيا کلندا آسا! – پر انهن کي چئجان ته- منهنجي اُجڙي قبر تان کلن- ته جيئن اهڙي ٺٺول تي- مونکي پنهنجي ڌرتيءَ جون اهي ڀيڻيون ياد پون- جتي مان تنهنجي جوٽ تي سمهي- توسان ستارن جون ڳالهيون گهڙي ڪندو هئس؟.
سرنهن جي گلن ۾ گُهمندڙ- ان هارياڻي ڏانهن ضرور وڃجان- پر جي سندس پير اگهاڙا ۽ سر جو ڪپڙو ڦاٽل ڏسين- ته منهنجي قبر تي- اميد ته ڌرتي ڄاون جوتا گهڻا ڇڏيا هوندا- سندس پير ۾ جيڪو پورو ٿئي- کيس پارائجان؟
سندس سرجي ڦاٽل ڪپڙي جي بدلي- منهنجي ارواحن جي نيت سان- سرنهن- رنگ جهڙو ڪو ڪپڙو ٽڪر وٺي- کيس مٿي ڍڪڻ لاءِ ڏجان- منهنجو روح توکي صرف دعائون ڪندو خدا ڪندو توکي اقرار جي ٻج مان- اقرار جهڙو ئي پٽ ڄمندو-
پر جڏهين منهنجي قبرستان تي اچين- ته اُن هارياڻي کي ساڻ وٺي نه اچجان؟
مان ان جي سادگي ۽ غربت سان محبت ڪندو رهيس- ان کي ڏسي تنهنجي محبت مونکي ستائيندي- پوءِ توکي ڏسي، مونکي متان تنهنجي نراڙ چمڻ جي هَوَس نه جاڳي پوي- ۽ توکي متان وري Jealousy جو مرض نه ٿي پوي.؟ -
Jealousy جو مرض!
جنهن تنهنجي سچائي لاءِ سوين چنڊ به شاهد بڻائي ڇڏيا هئا
۽ چميءَ جي هَوس!
جنهن منهنجي چپن کي- رومانٽڪ رقص ڪرائي- پنهنجي ڌرتيءَ جي سونهن کان لاتعلق رکيو،
جيلسي جو مرض ۽ چميءَ جي هَوَس! – اهي اهڙا لفظ آهن- جن کي نه ڪڏهن تو تلاش ڪيو هو، نه مون- خبر ناهي- اهي لفظ شيطان جا ابا آهن- يا ڌرتي جي پهرئين آدم کان سندس اولاد کي مليا آهن؟
پر سي وسارجانءِ هاڻ نه- اهي لفظ وري به ڪڏهين ڪم ڏئي وجهندئي.
جنهن ڏينهن منهنجي مزار تي اچين- ته اتي پيل جوتن مان ڪو جوتو کڻي منهنجي قبر جي سيرانديءَ کان رکي- مون کان اهو پڇڻ نه وسارجان ته- ماڻهو پنهنجا پير- پنهنجي منهن تي رکي ڪيئن ٿا سمهن؟“
پر اهو هرگز نه پڇجان ته- ماڻهو پنهنجي ڪياڙي طرف لوڻو هڻي- پنهنجي اُگهاڙي پٺ ڪيئن ڏسندا آهن؟“
ڌرتي ماءُ جا حق ادا نه ڪري- پنهنجي پٺ جي اوگهاڙ- جيتري مون ڪئي- ايتري شايد فرقا پرست ملن به- اسلام سا نه ڪئي هوندي آسا،
۽ ها!
پنهنجي کاڏڙيءَ کي- ڪنهن ڪپڙي پلاند سان ڍڪي لڪائي اچجان؟- لفظن جو گهاڙيٽو مون تي لعنت وسائي- مونکي سنڌو نديءَ جون ڇوليون ياد ڏياريندو- مونکي سنڌو ندي ماءُ جون، اهي ڇوليون ياد اچي وينديون- جيڪي منهنجي ادبي غيرت کي جاڳائينديون رهنديون هيون- پر لفظن جي خواهش مونکي رومانس جي دريا ۾ لوڙهي- ڪمينو بنائي وڌوو هو!
منهنجي مزار تي- منهنجو ڪوئي شعر به نه پڙهجان- توکي پنهنجا ديسي شاعر سڀ،
اڻڄاڻ،
ڪوڙا،
لذت پرست،
ذاتي خواهش ۾ ٻڏل،
عورت جا پوڄاري،
لفظن جا ڪوڏيا،
حسن پرست،
نه مئل نه زندهه،
ديوانا، پاڳل، خودڪشي ڪندڙ، غيرت ۾ ڪمزور،
۽ جنسي نيچر جا ڪيڙا معلوم ٿيندا! ڪوشش ڪري منهنجا شعر وساري ڇڏجان؟
ڇو ته- منهنجي قبر جي اڱڻ تي- توکي صرف ٿُڪ ۽ جوتا نظر ايندا!
ٿُڪ ٿي سگهي ٿو اُس ۾ سڪي وڃي- باقي توکي شاعرانا لفظن جي بجاءِ- رڳو ٽٽل، ڦٽل جوتا نظر ايندا!
اهي منهنجي ڪنهن محنت جو اجورو ته ضرور چئبا- پر توکي ڪوئي شعر ٻڌائي نه سگهندا!
ياد هوندئي آسا- توکي منهنجي ان لڙهي ويل شاعري تان رنج رسيو هو پر منهنجي قبر جي اڱڻ تي پيل اهي پراڻا جوتا- منهنجي قبر تان چوري ڪري- نه ڪنهن پاڻي ۾ ڦٽا ڪجان- ۽ نه سي پاڻ وٽ محفوظ ڪرڻ جي ڪوشش ڪجان! – منهنجي دل ڏکندي- منهنجي روئڻي روح کي رنج رسندو- ڇو ته- اهي منهنجي محنت جو ڦل- ۽ پورهئي جو اجورو هوندا!
مونکان چنڊ بابت ڪجهه پڇندينءِ- ته ٿي سگهي ٿو-
چنڊ بابت ڪجهه توکي ٻُڌايان، سو انهيءَ لحاظ کان جو منهنجي ڪفن جو رنگ، گهڻو ڪري چنڊ جهڙو هوندو.
پر ستارن ۾ لکيل تنهنجو نانءُ- توکي پڙهي ٻُڌائي نه سگهندس، منهنجي قبر کي ڪاٺ هڻي- مٿان مٽي ورائي ڇڏيندا!
مون کان ڌرتيءَ جي اُها ڀيڻي، ڀُون نه پڇجان، جتان کان شام جا ڪڪر لنگهندا هئا؟؟
ڇو ته- ڪڪرن جي وندر ۾ پنهنجا خيال ڊوڙائي پنهنجي ڌرتيءَ جي هر ڀيڻي، ڀُونءِ ۽ سونهن، سوڀيا سڀ وساري ويٺو هئس. ڌرتيءَ جي چنتا، هينئن سان هنڊائي چيتي ۾ نه رکي هئم. مون زندگيءَ سان صرف خوابن ۾ وچن ڪيا! خاموش قبرستان مان لنگهندڙ کي ڪهڙي خبر ته- ڪوئي زندهه دفن به ٿيل آهي!
منهنجي اِها آس اڃان اڌوري رهيل آهي آسا!
مان تنهنجي ڀاڪر ۾ تنهنجي آخري چُميءَ وارو موت ماڻي نه سگهيو آهيان؟
منهنجون رچنائون اڃان اڌوريون آهن؟
روح لفظن جي طوفان ۾ وڃائي گم ڪري چڪو آهيان!
منهنجو ناول اڃان اڌورو آهي؟
لفظن جي خواهش- غير فاني،
۽ من جي خواهش- ضخيم!
دل جا صفحا ڪيترائي ڀُري رُلي ويا،
لفظن جي خواهش وارا صفحا- اڃان نامڪمل آهن؟
خبر ناهي ته- ڪهڙي مقصد سان؟ خواهش لفظن ۾- اُبت ڪنڊڙيءَ جيان اٽڪي پئي؟
ڪهڙي خبر ته- سا ڏنگيندڙ خواهش- ڪنهن جي هئي دل کي؟
محبت، ماڻهپي يا قوم ۽ انسانيت لاءِ.
ها! توکي به چڱيءَ طرح ياد هوندو آسا!
تنهنجي گهڻو ڪجهه ڳالهائي وڃڻ کانپوءِ به- توکي ڪو جواب نه ڏنو هئم- تو منهنجو نالو کڻي سڏ به شايد ڪيا هئا- پر مون کي تو پنهنجي جوٽ تي- مَيتَ جيان خاموش پيل ڏسي- پنهنجي ڏسڻي آڱر منهنجي ڪن اندر وجهي، مون کي سجاڳ ڪندي تو پڇيو هو، ”ڪهڙي ننڊ ۾ آهين فتاح؟“
”قبر جي ننڊ ۾!“ سجاڳ ٿيندي ئي چيو هئم.
”قبر جي ننڊ ۾!؟“ تو کلندي منهنجو جواب سواليه انداز ۾ دهرايو هو- ۽ مون جواب ۾ چيو هو، ”ها آسا! مون کي ٿڌي ننڊ اچي وئي ۽ مان قبر داخل هئس!“
اهو ايئن صرف هڪ دفعو ٿيو هو آسا! جو تنهنجي جوٽ جي آغوش ۾- خود کي اکين جو ڪفن ويڙهي- سڪون جي ننڊ سمهي پيو هئس- ۽ پوءِ دل جي اهڙي ته ڪا رمز هئي، جنهن من ته مات ڪري ڇڏيو هو، پر دل خود صورت بدلائي سچ جو روپ، سروپ بڻجي پئي هئي.
پر کيس ڳالهائڻ، ٻُڌڻ ۽ ٻُڌائڻ واري شڪتي نه هئي.
پنهنجي پرماتما کي- قبر جي ديوارن تي لکي رهيو هئس.
پنهنجن خوابن جو ٻج قبر مٿان پيل- جوتن جي شڪل ۾ ڏسي منهنجا خيال مکين جيان ٽڙي، پکڙي اُڏامي پيا هئا، شايد ڪو سُندر سپنو هو آسا- جنهن جيءُ جي جاڳتا کي بيدار رکيو هو.
پوءِ به تنهنجي ڪنهن محبوب سڏ تي- سجاڳ نه ٿيو هئس. پر ڪن ۾ آڱر لڳڻ سان ساهه پئجي ويو هئم. جاڳي پيس ته مس جي خوشبوءِ اڃا منهنجي مغز ۾ هئي.
تنهنجو چيل جملو، ”ڌرتيءَ جي ورسي ضرور لکجان!؟“
ڌرتيءَ لاءِ دل تي موريل- محبت واري سَلي کي- بادِ خزان جو جهونڪو ٿي لڳو هو-
جنهن کي پنهنجي اکين واري پاڻيءَ سان سنڀالي رکيو هئم!
چنڊ اُلهي چڪو هو- تو شايد تارا ڳڻيندي مون کي بيدار ڪيو هو.
قبر جي ڪربناڪ ڪروڌي تصور مان منهنجو ذهن ڇڏائيندي تو اُتر طرف ڪنهن تاري ڏانهن اشارو ڪيو هو- پنهنجون اُجهريل ڳريون اکيون- آسمان طرف کڻي ڏٺم ته- سڀ تارا مون کي کڙندي نظر آيا هئا!
منهنجي نظر به مون کي دوکو ڏيڻ لڳي هئي-
ستارن ۾ غور سان ڏسندي مون چيو هو، ”آسا! هو ڏس شايد آسمان جي سالگرهه-؟“
منهنجو سوال وچ ۾ ڪٽيندي پڇيو هيئي ته، ”ٻُڌ، ٻُڌ ستارن ۾ منهنجو نالو ڪٿي لکيل هو؟“
منهنجي بي خوديءَ لاءِ- شرم واري حد هئي! پنهنجي بي اثر ادبي ڪاوش تان پردو کڄندو ڏسي- بي شرمائيءَ وچان، توکي اهڙي سوال تان هٽائيندي مون توکان وري پڇيو هو، ”آسا! آسمان ۾ غور سان ڏس، تارن جي سالگرهه آهي يا آسمان جي؟“
”هي وقت ڌرتيءَ جي سالگرهه جو آهي فتاح- پر اسان آسماني رات جي رنگينيءَ ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه وساري چڪا آهيون. رات جي هن وقت مهل قلم جاڳندا آهن فتاح- هر قلم پنهنجي ڌرتيءَ جي خوشي ملهائيندو آهي!“
ڪيڏو وزن هوندو هو- تنهنجي هر خيال کي.
توسان گڏيل زندگيءَ جو هر لمحو، شعور، لاشعور جي صليب تي- مران، جيئان، جيئان مران جون سراپا صدائون ڏيندو هو.
چاندني تو سواءِ به ٿيندي رهندي آسا- پر منهنجي اُماس ۾ روڳ جو رڌم هاڻ ڪير آلاپيندو-؟
من جي اُداس ڏيهه ۾،
چُمين جا قافلا، نااُميد سرگشتا آهن؟
دل جي دنيا تماشائيءَ جي حيثيت سان- بندوق جي نالي سامهون بيٺل آهي. کيس ڪهڙو آدرش آهي؟ جنهن جي سفر ۾ منزل کان اڳ قافلي ڇني ڦٽو ڪيو اٿس؟
ويچار جي واٽ ۾ ڌوڙ جا واچوڙا اُڏايا ويا آهن!
ڏات ڌڻين جي ڏيهه ۾ امن جا ڏڪاريل ڏوراپا کڻي ڪنهن در دانهين بڻجي ڌوڙ ٿيندر ديس ۾ پنهنجا وسيلا ورنائي والي بڻبا؟
ڪير آهي تو بن؟
جنهن منهنجي ننڍڙي دنيا جي موسمن ۾- زهر ڀري ڇڏيو آهي؟
هوا جي طبيعت ۾ ڇتپڻ جون گُلريون آهن،
هر ماڻهوءَ جو منهن باهه جو ساڙيل ڪاغذ ٿي پيو آهي!
آسمان تي به شايد- دونهيون دُکايون ويون آهن،
بادلن ۾ باهه پئي ٻري!
شايد ڪڪرن به جنگ ڇيڙي وڌي آهي- سڀ پنهنجي پنهنجي محاذ تي بيٺل- مقابل پيا نظر اچن.
سرنهن گل جي خوشبوءِ کان، بهارن منهن ڦيري ڇڏيو آهي!
موسمن اُگهاڙيون ڳالهيون ڇيڙي وڌيون آهن،
رات پنهنجي اُگهاڙي رقص ۾- رازدارن جا ڪپڙا لاهي ڇڏيا آهن،
دنيا اوگهڙ وارا نفيس بدن چٽي، پنهنجي شهوت مستيءَ سان عضوا، عضون ۾ ٽنبي ڇڏيا آهن.
قبرن ۾ مردن جي بدلي، ڪتن کي سمهاريو پيو وڃي،
ماڻهپي جي بي پناهه اُجاڙ لاءِ، چٻرن جا بسيرا به ساڙيا پيا وڃن،
فجر واريون گونگيون دعائون،
بسترن تي سمهاريل، اُگهاڙين عورتن جا خراٽا،
۽ وقت جون رڙيون، ٽيئي ڪتن جي اوناڙين سان گڏجي هڪ ٿي ويون آهن!
خاموشيءَ جي لمحن ۾، خواهشن جا ڌڻ رنڀي پيا آهن،
اُگهاڙن خوابن جا لاشا- کليل گهرن جي اڱڻن تان ڊوڙي- ماڻهن جي مغز تي چڙهي ويا آهن.
روحن جي گهراين مان- بارود جا ٽهڪ اُٿيا آهن،
ادبي قلم- لوهار جي سانداڻ تي رکيو ويو آهي،
ذهني وسعتون، ڊٺل ديوار جيئان، ڍير ٿينديون وڃن؛
مان اڪيلو- اکين سان زندهه رهجي ويو آهيان آسا! باقي جسم! قبر جي مٽيءَ کان به وڌيڪ ڪڙهيو آهي-
دل جو پگهر- طوائفن جي ميڪپ جيئان سُڪي ويو آهي!
پر ياد رکجان؟
ٿڪجڻ جي گوهي- منهنجي وسعت ۾ ازل کي لکندي وسري وئي!
چنڊ جو تنها رهڻ سُٺو نه هو آسا؛
وقت تي ڪهڙو وشواس؟
وانڍين جا ويري- پنهنجون بازاريون الڳ نه اَڏيندا آهن.
ڪلهه به ستارن ۾، تنهنجو نانءُ ڪنهن پڙهيو پئي،
پرائي من جو موهه- تنهنجي نانءُ ڏانهن ڪيئن کڄي؟-
پر ستارن ۾ تنهنجي نانءُ جي مايا جا اٽڪيل آهي- جنهن جي چتر وديا سان- هر رات قدر جي رات بڻيل آهي- ڪو ڪيترو ئي پاڻ پلي- پر هڪ نظر ته ضرور هڻندو- تنهنجي نانءُ کانپوءِ ته ستارن خاموشي سکي!
چنڊ ته هر مسافر کي پنهنجي منزل تي نٿو رسائي،
رُتون سانوڻي هجن يا سرءُ
ڪجهه غور ڪجانءِ آسا؟
امن جو پکي به- سمنڊ منهن ڪيو ويٺو آهي، پر سمنڊ اڃان اُسهيو ناهي،
بادبانن جا پاڇا ته ڊگها ٿي ويا آهن، پر سج صورت اڃان ڪٿي بدلائي آهي؟
تنهن ڪري امن پکي اڃا اُڏاڻو ناهي،
جڏهن ملائڪن خودڪشي ڪرڻ شروع ڪئي، تڏهن يقين ڄاڻج ته- مون وارو ملائڪ پهرين صف ۾ بيٺل هوندو!
توکي چنڊ، ڪڪرن جي چاهت ۾- ڪيڏي وسهام ٿيندي هئي، سا تنهنجي ڀلائڻ کان ته وڏي آهي؛
هي ڌرتي واريون- هٿرادو ٺهيل روشنيون، هاڻ ته مون کي به ٿيون ڏنڀين،
چنڊ جي روشنيءَ تي- امن جا پاڇا گهڻا ڳڻي ٻُڌائيندي هئينءَ؟
شايد سرنهن گل جي خوشبوءِ سان گڏ توکي پنهنجي گلبدن جي خوشبوءِ لاءِ به امن جي ايڏي چنتا نه رهي آهي؟
توڻي جو تو ئي چيو هو ته، ”جڏهن گلابن جا لاشا- اُگهاڙي دنيا جي عضون هيٺ لتاڙبا- ۽ ٺري سان مئل ماڻهن کي غسل ڏنو ويندو- تڏهن امن جي تلاش پويان- انسانيت به سمونڊ جو سفر ٻيڙي بنا ڪندي.“
پنهنجن رچنائن کي- هاڻ ڪهڙو نانءُ ڏيان آسا؟ جن منهنجي مغز ۾ رڳو لفظن جا لاشا سمهاري ڇڏيا آهن.
بلندين جي پهاڙن تي- منهنجن خيالن جا اهي قدم هاڻ هوائن ڊاهي به ڇڏيا هوندا- جن کي تنهنجي نظر جو هڪڙو لفظ به- جي اُڇليندو هو- ته اُتان موٽڻ صديون سمجهندو هئس.
جڏهن به جيءُ ۾ جهاتي پائيندو هئس- ته تنهنجي سُندرتا جي اهڙي سانجهه پَسندو هئس، جو خلقڻهار به اهڙي شام اڃا آسمان ۾ نه اَڏي آهي؛
ڪنهن کان پڇان؟ هي ڪهڙي آڳ آهي؟ جيڪا اندر جي ساوڪ کي- ثرن جيان ساڙيندي وڃي؛
ڪير آهي؟
منهنجي من جي چمن جو سونهن ساڙيندو- مساڻ ڪندو وڃي؟
منهنجا دوست به- هڪٻئي پٺيان مري- انهن مان ڪوبه هاڻ اهڙو نه رهيو آهي، جنهن جي ٺٺول مان خبر پوندي هجيم ته من جيئرو يا مئل؟
ماڻهن اُگهاڙي بدن جي طواف ۾ امن ته هاڻ ڏٺو آهي.
روز الائي ڪيترن لاشن جا جلوس ڊوڙندي ڏسندو آهيان، جن کي امن ڪعبو به ڏئي نه سگهيو آهي؛
۽ ها!
جنهن انسانيت کي تون مٽيءَ جو ٺهيل ڍڳو چوندي هئينءَ، تنهن کي ته هاڻ اسٽيل جو پاڻي ڏنو ويو آهي، ليڪن مُلهه ۾ تمام سستو ڪيو ويو آهي، ۽ سندس ٽنگ، ٻانهن جهڙو عضوو ڀڃڻ لاءِ به رمورٽ ڪنٽرول جهڙا سرڪش خيال تمام ڪارائتا ثابت ٿيا آهن.
ڪوڙ کي به شيشي جي بوتل مان ڪڍي وڏن ڪتابن جي پيٽ ۾ وجهي Plastic Coverd ڪري Code ڪيو ويو آهي.
چند ڏينهن ۾ ڪيتري نه دنيا بدلي آهي، ڪير اعتبار ڪندو ته، سرنهن جي گُل ۽ هُن هارياڻي- اڃان پنهنجا ويس ۽ رنگ نه بدلايا آهن،
ڪڪرن جي آباديءَ ۾ واڌ آئي آهي، پر ستارا کُٽندا وڃن،
هُو اُتر طرف کان جيڪو هميشه هڪ هنڌ تارو بيٺل ڏسندا هئاسين، سو به جهڙوڪر هاڻ سُسندو وڃي؛ وقت هجئي ته لان ۾ بيهه ڏسجان!
تون چنڊ ۾ بيٺل جيڪو وڻ ڏيکاريندي هئينءَ، رات مون ڏٺو ته ان جو به هڪ ڏار جهڙو ڪپيل هو!
هاڻ تون ڪيئن ٿي سمجهين؟ منهنجو ڪو سپنو ساڀيان ٿيندو؟- يا واچوئڙي جي اُڏايل ڪنهن ڪاغذ جيئان امن پکيءَ کان اڳ اُڏايو ويندس؟
رات جي مسافر سان ڪيل ڳالهيون- ڪنهن سان اوريندي رهجانءِ- من ڪِٽجي ويندئي!؟
پراڻي سُٽ سان خيالن کي نه سبجان!؟
مان زهر ۽ پاڻي ملائي- لفظ ٺاهي پنهنجا خيال لکي رهيو آهيان. منهنجو ڪو خيال ماڻهن مان رُلي تو تائين پهچي ته کيس پري جهلي پڙهجان، سندن زهر جو اثر مغز تي به چڙهي سگهي ٿو، ڪٿي تنهنجي نظرن ۾ وڌيڪ زهر نه ملي وڃي!
هر لفظ کي سنڀالي پڙهجان، سندن عضون جا زخم نه ڏکن؟
سمهڻ وقت منهنجن خيالن کي ڪمري مان ٻاهر ڪڍي ڪمري جو دروازو بند ڪرڻ نه وسارجان؟
تو ته رت به ڪڏهن نه ڏٺي هئي، پر ڊپ نه ڪجانءِ، منهنجن معذور لفظن جي ڪنهن خيال مان توکي رت پِت جي ايڏي ڇٽ نه ايندي.
تو شايد نه ڏٺو هوندو آسا، رات آسماني ڇت مان به رت رنگا ڦڙا ٽِمي هيٺ ڪريا هئا. ٿي سگهي ٿو ستارا به رات رُنا هجن،
خوف پيو کائي ته ڪٿي چنڊ جو هاڻ وجود نه ڦاٽي پوي، جنهن تي امن جا قافلا ڪوچ ڪري چڪا آهن، ۽ رستي ۾ رزيلن جا به، ڪيترائي راڄ رُليل آهن، جن امن جي ڪوچ مقام جا قلعا اڳ ئي ڀڃي ڀينگ نه ڪري ڇڏيا هجن!
دل جي وحي ڪنهن پروڙي آهي؟
گهٽ ۾ گهٽ توکي ته اهو سمجهه ۾ نه ايندو ته من جي مئڪده ۾ محبت جو ذڪر ڇيڙيندڙ ڪير آهي!؟
تنهنجن شبنمي وارن ۽ سرنهن جي گل جيئان، خود کي به اڃان شانت ۽ شفاف رکيو هئم.
پر هاڻ توکان مليل هر صدمو من اندر چٻري جيئان آکيرو بڻائي ويٺو آهي.
ڪيترو نه رس هو تنهنجي سيني تي جُڙيل مانيري ۾- جنهن تي منهنجا خيال ماکيءَ جي مکن جيان ڪيڏا ڀڻاٽ ڪندا هئا.
ڪيڏو نه امن هوندو آهي؟ رخسارن جي رياست ۾، پر گدڙن جي اوناڙين تي هميشه ڪتا ڊوڙي ايندا آهن- جيڪي جهُلون ڪري هڪٻئي کي ڏاڙيندا آهن.
تو به سچ چيو هو آسا! مان جن کي ماڻهو چوندو هئس، انهن ماڻهپي کي مٽيءَ جو ڍڳو ئي سمجهيو. اڃان جوين کي ٻک هڻي، گهري ننڊ ستل آهن ۽ جيڪي جوين جي ٻک کان پري واءُ سرا آهن، سي زماني جي ذلت ۾ وات اُگهاڙا ۽ واهيات ٿي پيا آهن.
جيڪي مون کي فاني چئي مون تي ٺٺول ڪندا هئا، سي مري پيا آهن؛
سندن مرده جسم جو گوشت- ماڻهو ڊونڍ سمجهي کين ڪاري ڪلر ۾ کڏون کوٽي دفن ڪندا اچن.
۽ ڌرتي ماءُ جي ساڻن وڏي ڪا محبت آهي، سا کين واپس پنهنجي پيٽ ۾ باخوشي قبول ڪري وڏا ٻک وجهي پنهنجي هنج ۾ ليٽائيندي اچين؛
جيئن تون مون کي پنهنجا ٻک هڻي پنهنجي جوٽ تي- سمهاري ڇڏيندي هئينءَ.
آسا! منهنجا هي آخري لفظ ياد رکجان ته امير ماڻهو محبت اڪثر سوچي سمجهي ڪندا آهن، پر تون پنهنجي نصيب جا فيصلا پاڻ ڪندي آهين، ۽ جيڪي ماڻهو پنهنجا فيصلا پاڻ ڪندا آهن، اهي اولاد به پنهنجي پسند مطابق ڄڻيندا آهن، پر شال منهنجي دعا نه اَگهامي، جو تون اقرار جي پسند سان موالي اولاد کي جنم ڏئين؛
مون کي ته ڪجهه نه وسرندو، پر منهنجو نالو به ذهن مان ڪڍي ڇڏجانءِ، ڪٿي بيوقوف ۽ ديش دروهي ٻار نه ڄڻي وجهين!“
اڃان ته گهڻو ڪجهه لکڻ لاءِ دل وسان پئي ويئي، پر ڊائريءَ جا ڪيترائي ڪورا صفحا لفظن سان داغدار ڪري چڪو هئس، ۽ ان کان علاوه مون اهو سڀ ڪجهه تنهنجي ڊائريءَ ۾ تنهجي اجازت جي بغير پئي لکيو، ڇو ته اُصولن هاڻ تنهنجي ڪنهن شيءِ سان به ڪا حجت جائز نه هئي.
ڊائريءَ ۾ پنهنجو پريم ايذاءُ لکڻ وقت مون سان مخاطب صرف لفظ ئي هئا، جن جي سوزش ۾ اُڃ ته الاءِ ڪهڙي لڳي هئم، پر پاڻيءَ جا چار ڪلاس پي ذهن هلڪو ڪري ان ڊائريءَ بابت ڪاڪا صالح کي، تنهنجي حوالي سان سڀ ڪجهه سمجهائي، پنهنجي گهر واپس اچي هاڻ صرف تنهنجي ٽيليفون جو انتظار ڪرڻ لڳو هئس. انهيءَ لاءِ جو مون کي يقين ٿي چڪو هو ته شاديءَ واري فيصلي کانپوءِ اقرار کان الڳ تنهنجو منهنجي گهر اڪيلو اچڻ مشڪل هو. اهڙيءَ حالت ۾ هاڻ صرف ٽيليفون ئي هئي، جنهن جي وسيلي تنهنجي زبان جا لفظ ٻُڌي پنهنجي دل کي امان ۽ ذهن کي سڪون ڏئي پئي سگهيس. ۽ ٿيو به ايئن ئي- زمين تان واپس پنهنجي گهر اچي تو ڪاڪا صالح کان احوال وٺي منهنجا اُهي ڪوڙهيل لفظ ڊائريءَ تان پڙهي رات جو ڪافي دير سان مون کي ٽيليفون ڪئي هئي. ٽيليفون کڻي تنهنجو آواز ٻُڌڻ کانپوءِ دل ڌڙڪڻ لڳي هئي، ۽ ذهن ماتمزده هو. تون ته الاءِ ڇا چوين ها؟ پر توکان اڳ مون تمام ٿورو ڳالهاءِ، فون رسيور، مون تنهنجي فون نمبر ........ ڪاڻ هميشه لاءِ آف ڪري ڇڏيو هو. مون فون تي صرف ايترو چيو هو، ”آسا! اڄ چنڊ به رتول رنگ سان اُڀري پيو، پر اڄ سندس رنگ الاءِ ڇو مئل ماڻهوءَ جي گوشت جهڙو آهي. شايد ڌرتيءَ جي سيني تي وهندڙ آدميت جي رت سان غسل ڪري پوءِ پيو اُڀري. اڄ تون چنڊ ۾ نه ڏسجان آسا؟ تنهنجي ذهن ۾ خوني لفظ ڊوڙي ايندا ۽ رت ڏسڻ سان بقول تنهنجي ته تنهنجي دل خراب ٿيندي آهي. مون کي خوف پيو کائي. ڪٿي اڄ رات وارو چنڊ ڏسي تنهنجي دل اُلٽيون ڪري مري نه پوي، ۽ تون فنا ٿي پوين؟
منهنجو ناول اڃان اڌورو آهي، ۽ مان فاني- غير فانيءَ جي سڪرات ۾ آهيان؛ دل جون نسون سڀ ڀُرڻ لڳيون آهن!
۽ منهنجو ذهن لفظن جو ڪفن ويڙهي چڪو آهي.
*************