قسط 8
پنهنجي شفا لاءِ توکي اهڙو ئي شفا خانو تصور ڪندو هئس! جيئن ڪنهن سرڪاري اسپتال جي زناني وارڊ ۾- نرسن سان گڏ گٺل ۽ پوڙهيون ٻليون به ڊوڙنديون آهن.
هر لڙهيل شيءَ تقريبن مئل هوندي آهي يا تڪڙو مري پوندي آهي- پر ڪا اهڙي لوڙهه به هوندي آهي، جنهن ۾ ماڻهو لڙهندا ته رهندا آهن. ليڪن مرڻ تائين سندن ساهيءَ تمام وڏي هوندي آهي.
سمنڊ جي ڇوليءَ ۾- وهڪري جي تري تائين وڃي. جڏهن موٽي وري مٿاڇري تي ايندا آهن. تڏهن ڪجهه ساعت جيئڻ لاءِ وري به ڪجهه ساهه پٽي وٺندا آهن.
پر نينهن جي نديءَ جو وهڪرو به ڪو جهڙو تهڙو ته ناهي هوندو منهنجي من تي به تنهنجي نينهن جي نديءَ واري وهڪري پنهنجي ريلي جا ڪيترائي يادرگار ريٽ ڇڏيا آهن.
سندس اُبتا آر دل جي ٻنهين ڪنڌين کي پائي ويا. سکن لاءِ سانڍيل- سمورا وڻ پاڙان پٽي- ٻانڌي بنائي ڇڏيائين- سانوڻي رُت ۾ ته حوصلو ئي پئي ڇڏيو وڃي!
اميدن جي سهاري، ترندڙ ننڍڙيءَ ٻيڙيءَ کي ته- ٻوڙڻ تائين نيو هئائين!
سِير کي سامهون، سيني ساهڻ جي مجال نه هئي!
چانڊوڪين واري چاڙهه ۽ اونداهين واري دهشت- هينئون ڦاڙي پي ڇڏيو!
پنهنجي ٻاجهه سان ٻوڙي به وجهي ها- ته اهڙو ڀاڳ مون اڀاڳ کي نصيب ئي نه پي ٿيو!
ڪيترا ٻيڙياتا ته- اهڙي اوڙاهه جو دم جهلي نه سگهيا- ۽ لڙهي ويا!
ڪي ته ڪنڌي تان ئي ميهار جيئان موٽي ويا-
ڪِن ته پنهنجو پاڻ- اهڙي اوڙاهه ۾ اڇلي وڌو!
ڪن کي ڀيلي ڀُري ٻوڙيو!
ڪيترن ته دم دلاسي ڪنهن- وچ سير وڃي- پوءِ ڪئين پُڪارون ۽ سڏ پچارون ڪيون!
ڪن ويچارن کي ته- پرزو به هٿ نه آيو!
مان ته مورڳو اڻتارو- جَر جوکي کان به اڻڄاڻ- مئي متو مهراڻ- ڪُنن جا ڪڙڪا ۽ سِير جي سَٽ- دل کي دڙڪا ڏئي من پي ٻوڙيو-
مان لڙ ۾ لڙهي پيس!
ٻڏندي ٻوڙن جي سهاري- جيئڻ جا جتن ڪري- مڙئي پي ساهه پٽيم! نه ملاح نه مُڪڙي- نه ڪنڌي نه ڪنارو!
جيڏانهن پي ڪيم نگاهه ته مڙهه، مڏيون مڙئي محبت!
ڪنهن کي به محبت جي مام کان آجو نه ڏٺم:
پنهنجي اندر جو اجهو به جُهري چڪو هئم-
ڪير هو- جنهن منهنجي جيءَ تي ڇپر ڇانوَ اڏيو- ها! اهو تنهنجو احسان هو- من جي آسڻ تي بيٺڪ ته صرف تنهنجي ناز ونياز جي هئي-
جڏهن ڪتيون ڪر کڻي آڌيءَ تي اينديون هيون- ته تنهنجي جوٽ تي پنهنجو سر سمهاري- لکيل تنهنجو نانءُ- توکي پڙهي ٻڌائيندو هئس. هڪ رات وڏي ويرم کان کانپوءِ تو چيو هو ”ڪافي دير ٿي وئي آهي فتاح! اٿ ته هلون... ڏس ڪُتا به هاڻ اوناڙيون نه پيا ڪن...“
”شايد اڄ قدر جي رات آهي آسا- چون ٿا قدر جي رات ڪتا اونائيون نه ڪندا آهن!“ قدر وارن لاءِ هر رات قدر جي هوندي آهي“. اهوڪنهن شاعر جو مقولو هو- تو منهنجي لاءِ استعمال ڪندي چيو هو- تڏهن مون توکان پڇيو هو ”آسا ماڻهو جو قدر ڪندي آهين“ ۽ تو چيو هو،
”ماڻهپو ڪٿي رهيو آهي فتاح! جو تون مون کان منهنجي انصاف جي حد ٿو پڇپين!؟
خبر ناهي ڪهڙي ڳهر هيئي- جو مونکي اهڙو سٺو جواب ڳهلائي ۾ ڏنو هيئي- تو پنهنجي من ديوالي ۾ مونکي ويٺل نه ڏٺو هو- جنهن کي مان جاڳي چراغان ڪندو هئس.
تنهنجي من ديواليءَ جو مشتاق بڻجي- پنهنجي سيني اندر سمائجي ويل خيالن سان- عبارت جي اهڙي عمارت اڏڻ به چاهيم- جنهن ۾ پورهيت جي بک، بيماري ۽ اگهاڙي انگ لاءِ ڪا سام هجي ۽ ڪو حيلو وسليو هجي.
اهڙي عبارت! جيڪا سندس محرومي، بي قدري جو سبب- نفعي خور زماني کان- ان کان جو ضمير پڪڙي ان کان پڇندي هجي. ۽ ناجائز نفعي خوري واري خاتمي جو حل- پاڻ ڳولي لهندي هجي-
سماج ۾ قائم ڪيل رشوت خوري- بدمعاشي ۽ بي ايماني- بداخلاقي ۽ بي حيائي،
بدسلوڪي ۽ بي رحمي،
بدنيتي ۽ بي شرمائي،
بد عهدي، بد انتظامي ۽ بي غيرتائي جي شهنشاهي کي ذلت جو موت ڏيئڻ لاءِ، پنهنجن خيالن جي تشبيهه کي اهڙي تحرير بنائڻ پي چاهيم- جيڪا سچائي پاڻ ڳالهائيندي رهي ۽ پنهنجي لفظي جنگ- اهڙن مضبوط هٿيارن سان وڙهي جيڪا فتوائي ملائيت جا پٽڪا چنڊي! انسان، فڪر جي آزادي، امن، اخوت ۽ اقتصادي خوشحالي جي نمائندگي ڪري سگهي.
پر جيئن پنهنجائپ جي احساس ۾- ٿوري ۽ ننڍڙي ڏکوئيندڙڳالهه تان به- درديلو روڳ اندر کي ڳارو لڳي ڳاريندو آهي، تيئن تنهنجي هر ننڍي، وڏي، مڙئي گفتي ۾ به اهڙي بي رُخي هوندي هئي، جنهن کي مان پنهنجي لاءِ چرچو ۽ ٺٺول سمجهي پنهنجي اندر جون اکيون روئنديون محسوس ڪندو هئس.
ان ڏينهن تون لنچ دوران اها به ڳالهه ڪئي هئي ته ”فتاح! توکي ٽيليفون ڪرڻ لاءِ مون رسيور کڻي نمبر ڊائل ڪيو ته وچ ۾ ڪنهن گار ڏيندي چيو ته، نمبر انگيجڊ آهي، شايد ڪوئي آپريٽر هو“ تو اهڙي گندي حرڪت کان نفر ڪندي وڌيڪ چيو هو، ”فتاح! تون جنهن انسان دوستي جي ڳالهه ڪندو آهين، سان ها ڻ فون آپريٽر تائين به نه رهي آهي- اسان جي حالت اها آهي- جو سئو مان پنج ماڻهو اخبار پنهنجن پيسن سان وٺي پڙهن ٿا، سي به ڪنهن ذاتي ضرورت جي مجبوري کان، استاد، جيڪو وقت جو پيغمبر هوندو آهي- تنهن کي بازارين جي هوٽلن تي گارين سان ياد ڪيو ويندو آهي. هر Teachable فرد رسوا ۽ ذليل ڪيو پيو وڃي- هزار بيمار مريض ماڻهو تي هڪ ايماندار ڊاڪٽر مقرر آهي، سو به پنهنجي مرضيءَ سان، پنهنجي ئي گهر ويٺي، جنهن کي جيئاري!؟هڪڙو هاري ٻه سئو ماڻهن لاءِ اناج اپاءِ انهن جي روزي روٽي جو سبب بڻيل آهي.
سؤ 100 مان ستر 70 عورتون Delivery ڪيس ۾ مرن ٿيون، ٽيليفون آپريٽر گارگند کانسواءِ ته، ڪنهن سان ڳالهائن ئي ڪو نه.
ٻارڙن سان رڳو ڪوڙ ڳالهايو ويندو آهي!
مطلب ته اسان جو سماج- بس رڳو ايترو سڌريو آهي، جو هاڻ ڪتي کي به چڪ پائيندي دير نٿا ڪن“.
تنهنجون ڳالهيون ته ڪيڏيون نه سهڻيون هيون، پر اهڙن خيالن سان- تون محض مون کي Teach ڪندي صرف پنهنجي طرف کان رڳو مطمئن ڪندي هئين- جيڪا منهنجي دل وٽان هوندي هئي.
هڪڙي ضرورت ئي هزار خواهش جا ارادا جاڳائي وجهندي آهي. ماڻهو پنهنجي ضرورت لاءِ- پنهنجيئي خيال سان- پنهنجا مٿا ڪٽيندا آهن.
عام ماڻهن جيئان- تون به پنهنجي خيال کي سر جو سنوهڙو سمجهي سر تان اڇلي ڦٽو ڪندي هئين- ۽ مان پنهنجي شڪي حالت سان- توتي ائين سوچيندو هئس- ته تو پنهنجي طرف کان جو ڪجهه چيو پي- ان حقيقت کي پنهنجي فڪري پهلوءَ ۾- تو ڪا به جاءِ نه پي ڏني.
شايد پنهنجي گيرپ ۾- منهنجي گيان کي- گم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي هئين.
ڪيڏي نه بي خيالي رهندي هئين- مان ته تو ۾ ئي گم رهي رِچي رهيو هئس.
منهنجي من جي مڙهيءَ ۾- تنهنجي مستي سمايل هئي.
تنهنجي پاٻوهه ۾ ئي پلجي رهيو هئس- جنهن منهنجو من ٻيڙي جيئان ٻڌي ڇڏيو هو.
تنهنجي رخسارن جي رِم جهم ڪمالي ڪيفيت رسائي ڇڏي هئي، تنهنجي هر خود فريب خيال ۾- مومل جيئان پاڻ وڻائڻ جا وجهه سمايل هئا.
هن ڪمپيوٽر ايج دور ۾- اهڙا ماڻهو ڪنهن نه ڏٺا- جيڪي پنهنجي ڪپڙن ۾ ننگا ناهن هوندا!
تو شايد اهڙا ماڻهو نه ڏٺا هئا- جيڪي پنهنجي ڪِياڙيءَ ڏانهن لوڻو هڻي، پنهنجي اگهاڙي پٺ ڏسي ٿا وٺن ۽ پنهنجا پير- پنهنجي منهن تي رکي ٿا سمهن!
ڪنهن جي اندر جو انياءَ ڳولڻ به ڪا ضرورت آهي!
اندر جو انسان- جيڪو صرف نيت جي نالي سان زنده آهي- ان جو هر عضوو صرف صلاحون ڏيندو آهي.
اهي ماڻهو معذور ذهن ٿا رهن- جيڪي صرف ٻين جو اندر ٿا کوٽين-
ڪيڏو پاڳل هئس- پنهنجي اندر جي اوگهڙ به توکان لڪائي رکي هئم- تو ته پنهنجي وڏائي کي وندر بنائي رکيو هو- مون پنهنجي من جو اڱڻ ڪشادو ڪري رکيو هو- منهنجو عقيدو هو ته، بي مقصد زندگي ۽ من سوڙو ڪرڻ ۾ ڪو به سوز ۽ سڪون ناهي هوندو.
انسان ۾ دل نه هجي ها ته، روحن جون رڙيون ٻڌي- ماڻهو ننڊون نه ڪري سگهن ها!
رات کي چنڊ نه هجي ها- ته فطرت به اڻپوري هئي، ائين ڪائنات ۾ انسان جو وجود- ڪنهن اعليٰ آدرش جي تخليق آهي- سندس وجوديت ۽ ماڻهپي جي چنتا ماڻهو ۾ ئي آهي. جيئن تو هڪ لڱا پڇيو ”زندگي ڇا آهي فتاح؟“
ماڻهو اڌ پاڻ ڄاڻندو آهي ۽ اڌ ٻين کان ڄاڻائڻ چاهيندو آهي مون پنهنجي ڄاڻ مطابق جواب ڏيندي چيو هو ”زندگي ڌرتيءَ جي کنڀي آهي- ان جي لتاڙيندڙ کي ڍورن جو ڌڻ چئبو آهي“
خاموش ٿي وئي هئين- شايد زندگي جي لتاڙ تو نه ڏٺي هئي-
تون شايد اهڙي احساس کان محروم هيئن، ته موت جي سزا کاڌل ماڻهو- قانوني موت مرڻ تائين وري به ماڻهن ۾ رهندو آهي-
پر ماڻهن ۾ کيس ماڻهپو سالم نظر نه ايندو آهي- هن کي موت جي سزا ته ماڻهو ئي ڏيندا آهن- سندس لاءِ مقرر ڪيل سرڪاري موت جي مهل کان اڳ سندس خيالن تي جبلن جيڏا ڪتاب لکي سگهجن ٿا.
تماشائي بڻيل پنهنجي انسانيت واري ڪيفيت ۽ ڪربناڪ سوچ ويچار ذريعي ماڻهپي سان ٿيندڙ مذاق جي هو پوري ڄاڻ حاصل ڪري ويندو آهي.
وت جي سزا قبولڻ وقت، پنهنجي وجود کي انسان ڇو هجڻ جا طعنا ڏئي- پنهنجي روح کي ڪتي جهڙي شڪل ۾ به زنده رهڻ لاءِ اوليت ڏيندو آهي.
موت پنهنجي اکين کان به ويجهو ڏسندو آهي- تڏهن انسان جي دنيا جانورن جو جهان تصور ڪندو آهي.
اهڙي مايوسي واري حد تي- هر ماڻهو کيس ڪنهن اڻ ڏٺل خوف ۾ ورتل محسوس ٿيندو آهي.
انسانيت جو ساهه ڳڙڪائيندڙ قانوني ڪرسين کي خيالي بونڊا ڏئي اهڙي منصفي فرض کي دل ۾ گاريون ڏيندو آهي.
ماڻهپي کي ماڻهو جي روپ ۾ ڏسي پنهنجي وشواس ۽ ويساهه تي چڙ کائيندو آهي.
پنهنجي جيوت لاءِ، جيئڻ رهڻ ۽ کٽڻ، هارڻ وارا سڀئي وجهه وڃائي وينتي وارا خيال به پنهنجي خام خاموشيءَ ۾ کائي ختم ڪري ڇڏيندو آهي.
ليڪن پوءِ به- پنهنجي محبت وارا عظيم خيال ۽ يادون پنهنجي سقيم دل سان پنهنجي يتيم ذهن ۾ سانڍي سلامت رکندو آهي-!
جنهن جو اظهار پنهنجي دل جي ديوار کان ٻاهر ڪڍي نه سگهندو آهي. اندر واري اهڙي هُل ته امن ڪڏهن به ڪنهن سان ناهي رکيو.
پنهنجي من جي اهڙي اڪيلي گهر ۾- تو بن تنها- مان به اهڙي سزا جو قيدي بڻيل رهيس- پوءِ به منهنجي ڏات جو ڏيئو- تنهنجي اوسيئڙي ڪٿي اُجهاڻو هو.
ٻانگون ٻڌندي ڪيئين راتيون ويهاڻيون- نه کٽو ٻري تيل ڏيئي جو- نه جيءَ جو جيل ٽٽو.
ڳل ڳراٽڙيون ڏئي- ويهڻ وارا ويلا ٽري ويا-
پرهه جو پهر پسي- هيئن سان هاڃو ٿيندو رهيو- نهال نيڻن کي- ننڊ سان ته ڪا نسبت ئي ڪا نه رهي-،
ڪتيون ته ڪر کڻي روز پي آڌيءَ تي آيون، پر تو بن تن جي تونس کي تنهنجي تلاش هئي.
ننڊ جي نينهن ۾- جوين کي ٻک هڻي- اگهور ننڊ ستل ماڻهن جو ماڻهپو به ملائڪن جي حوالي هو-
انسانيت جانورن جي روحن سان ريهاڻيون پي ڪيون-
جنهن ڪتن جي اوناڙين کان ٽاهه کائي- ماڻهپي جي تلاش ۾- هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙون پائي- مونکان تنهنجو پڇيو هئائين-
شايد تو بن مون ۾ ماڻهپو به نظر نه آيو هئس،
تون خبر نه هئي ته ڪٿي هئين،
مان ساڻس ويساهه گهاتي به نه پيو ڪري سگهان،
منهنجي ساک اڃان سلامت هئي، مان ڪارپت جو ڪوڙو ٿيڻ نه پيو چاهيان- ۽ هُو منهنجي ڪڍ لڳل هئي سو تنهنجي لاءِ.
مان کيس اڌ مئل ماڻهن ڏانهن نه پيو موڪلي سگهان- ڇو ته جوين کي ٻک هڻي گهري ننڊ ستل ماڻهن کي ته- تو اڌ مئل ماڻهن ۾ به شمار ڪيو هو.
منهنجي ڏات جو ڏيئو ٻرندو ڏسي- منهنجي ورهه جو به مونکان پڇيو هئائين.
مان تنهنجي نيڻن واري زندان جي اسيريءَ ۾ زهر آلود هئس- ساڻس پنهنجو ورهه ونڊيان ها- پرمان کانئس خائف هئس مونکي اهو خوف هو ته- ڪٿي مونکي مئل نه سمجهي،
مان کيس تو ڏانهن پيو موڪليان- پر تون شايد ڪنهن ماڻهپي جي تلاش ۾ ڪٿي گم هئين!
مان اگر توڏانهن موڪليانس ها- ته تون کيس ٻڌائي به ڇڏينس ها- ته مئل ماڻهو ڪهڙا هوندا آهن.
۽ پوءِ پنهنجي پسند مطابق- ماياڪوفسڪي، همنگوي- علامه آءِ آءِ قاضي- ماڻڪ، پريمي وغيره وارن جي مزارن جي زيارت به شايد ڪرائين ها!- ۽ پوءِ جي ضرورت سمجهين ها- ته منهنجو ڏيئو اڃان اجهاميو نه هو- مان تنهنجي رخسارن جي ڪيف ۾- پنهنجن- ڪڪوريل نيڻن سان قلمدان تي ويٺل هئس- ۽ منهنجو اڻٿڪ قلم پنهنجي تيز نوڪ جي ڌار سان- لکين امر لفظ ڪاغذ جي سيني تي سمهاري رهيو هو.
پر تو بن صرف اهڙن لفظن جي کوٽ رهي جيڪي مڪمل زندگي جا جملا ٺاهيندا آهن- ۽ انسانيت کي پنهنجي امرتا بخشيندا آهن.