قسط 13
هڪڙي ڀيري جڏهن Romantic خيالن جي ڏي وٺ ڪندي ان دوران منهنجو هٿ تنهنجي ڪنهن حساس عضوي تي لڳي پيو هو. ۽ تو ڪنهن بخشش جي بجاءِ پنهنجي طبيعت موجب سوال پڇندي چيو هو ته ”دليون ڪمزور ڪيئن ٿينديون آهن؟“
شايد منهنجي ان هٿ جو لڳي وڃڻ تنهنجي دل تي اثر ڇڏيو هو موقعو مهل مون به هٿان وڃڻ نه پي ڏنو بغير ڪنهن بد نيتي جي چيو هئم ”شهوت واري ڪشمڪش ۾ ماڻهو پنهنجا دماغ ۽ دليون ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن.“
تنهنجي مراد وٽان جواب هو تووري پڇيو ”ان جو احساس جنم ڪيئن وٺندو آهي؟“
”خواهش سان“ تمام ڌيرج ۽ سڪون سان چيو هئم پر تو پنهنجي من جي منشا لڪائيندي پنهنجي گلي جو آواز دٻائيندي منهنجي جواب تي قابض پوڻ لاءِ چيو هو ”ڪهڙي زندگي چئبي جيڪا خواهش کان سواءِ به زندگي سڏجي؟ مرڻ وقت به ماڻهو ڪفن جي خواهش رکندا آهن.“ ڪافي ڪوشش ڪئي هيئي پنهنجي اندروني آتشي خواهش کي زندگيءَ جو روپ ڏيڻ لاءِ پر مان هئس سو جهڙو ڪاٺ جو گھوڙو.
ڇاتي تي رکيل سوف لاءِ به ٻين کي چوڻ جي ضرورت هئي ته کڻي کائي ڇڏن.!
ڪجهه سمجھڻ جي حالت ۾ به چيو هئم ته ”ماڻهو پنهجي وجود ۾ نظر وجهڻ کان پوءِ شهوتي باهه کان ته دل کي آزاد رکي سگهي ٿو“
”ڪهڙي ماڻهوءَ جي ڳالهه پيو ڪرين؟“ منهن جي پڪائي ڪندي پڇيو هيئي ۽ مون به ٺڙپڙ جواب ڏيندي چيو هو ”جنهن به ماڻهوءَ لاءِ سندس خواهش بابت تو پڇيو آهي.“
کلي پئي هيئين شايد دل سان ڳالهه لڳي هيئي من جي مراد تان دستبردار ٿي وئي هيئينءِ يا منهنجا لفظ تنهنجي جواب جي ٻرندي باهه تي پاڻيءَ جا ڇنڊا ٿي لڳا هئا. ڪيڏي چاهه سان مونکي ڀاڪر ۾ ڀريو هيئي هڪ چمي ٻي چمي وري به هڪ وڌيڪ چمي ڏئي مون کان چمي گهري هيئي.
وائڙو تي ويو هئس ان رات چمين جي ڪيڏي نه خيرات ڪڍي هيئي. شايد سڀ 70 ستر آخرت جي اميد تي-!
منهنجن دوستن جئيان تو کي به عشق جا جهٽڪا اچڻ لڳا هئا.
ڏاڍا وجهه ڏنا هيئي ڪنهن Sexual حرڪت لاءِ پر ڪوئي معاملو ذهن تي تري آيو هئم. جنهن من تي مانڌاڻ مچائي ڏني هئي. ۽ تو جهڙو ڪنهن ميت کي پي چميون ڏنيون. پنهنجي من جي امنگ کي به سمجهي نه پي سگهيس لطيف جو بيت ذهن تي هو ته،
پاڻي مٿي جهوپڙا، مورک اڃ مرن. (شاه)
من ڳاهي وڌو هئائين. ويٺي، ويٺي خود کي وڃائي پي ڇڏيم، تو واپس پي آ ندم. ته وري واپس الائي ڪيڏانهن هليو پيو وڃان!
ڪنهن جي تلاش هئي، ڪا خبرنه هئي،
ڪهڙي ضرورت هئي،؟ ڪا خبرنه هئم،
ڇو ڀي ائين ٿيو، ان حقيقت منجهائي وڌو هئم-، طبيعت به بي جان بڻجي پئي هئم.
پاڻي جي دٻن ۾ ڊوڙندڙ ننڍڙي مڇي جيئان- منهنجا خيال گهتو پائڻ لڳا هئا.
تنهنجي ڪنهن به خيال کي غور سان ٻڌي جواب نه پيو ڏيان.
تو کي ڪجهه مٺيان ته لڳي پي پر در گزر ڪرڻ ته تنهنجي طبيعت ۾ شامل هو.
خبر ناهي تو منهنجي ڪيفيت ڏسي چيو هو يا پنهنجي ئي خيال سان چيو هو ته ”هڪڙي ڳالهه ٻڌايئين فتاح؟“
”ڪهڙي؟“ لفظ پاڻهي زبان تي آيا هئم ۽ تو اوڏايهن ڌيان نه ڏيندي چيو هو ته ”ماڻهو جو گوشت حلال هجي ها ته روز هڪ چڪ تنهنجو گوشت ضرور کاوان ها!“
منهنجو ذهن هونئن به هڪ ٽڪاڻي نه هو ويتر تنهنجي ان آدم خور خيال منهنجن خيالن جي اڏام ۾ واڌارو ڪري وڌو هو. مغز هيلي ڪاپٽر جي پکن جيئان ڦرڻ لڳو هئم.
پر تو ان بابت نه پڇيو پي نه ڄڻ محسوس به ڪيو پي.
ڏينهن ۾ ڏهه گهمرا اهڙي ڪيفيت ۾ ڀوڳيندو هئس. پر تو سان گڏ هجڻ وقت طبيعت ايڏي خشڪ ڪڏهن به نه ٿي هئي. ڏاڍي اڻ، تڻ ۽ آنڌ مانڌ هئم اندر ۾ الاءِ ڪنهن پي هينئون لتاڙيو حالانڪه اذيت کان واقف به هئس پر اهو شخص اسان ۾ موجود ته نه هو پر ان جي طرف کان قنڌاري چوٽ سمجھي ويٺو هئس جنهن من ۾ ممڻ مچائي رکيو هو تو ۾ پي ڏٺم ته تو کي جهڙو ڪنهن رڌي ساڳ بنائي ڇڏيو هو. پر منهنجو سو وهم هو جنهن هوا جو هر ٿڌو جهونڪو مون لاءِ لُڪ بڻائي رکيو هو. من ۾ جا اڻ، تڻ هئي تنهن مام کي سلجهاءِ نه پي سگهيس. من سڄو، سمنڊ جيئان لوڻيل پي محسوس ڪيم ۽ تون هيئين جيڪا هڪ ناول جي صورت ۾ رومانس ڀريا پنهنجا مڪالما ڳالهاءِ رهي هيئينءَ.
خود تي ڪسر ڪندي منجهائيندڙ ڳالهه تو ڪيڏي فخر سان ڪئي هئي ته ”فتاح! مان آسمان تي ۽ تون ڌرتي تي ويٺل هجين ها ته پوءِ هڪٻئي سان ائين ملي سگهون ها؟“.
وقت ته اسان کي ايئن ويهاري ڇڏيو هو بس تو رڳو حقيقت جي ابتڙ ڳالهه ڪئي هئي. آسمان تي تنهنجي بدل ان وقت مان ئي ويٺل هئس. جتان کان هيٺ به مون کي توئي لاهي پي آندو.
تو کي پنهنجي بيان ڪيل اهڙي خيال جي جواب جي ڏاڍي طلب هئي. پاڻ کي مظبوط رکي. تو سان پنهنجي هم خيالي ڪندي مون چيو هو. ”عورتون جي آسمان تي ويٺل هجن ها ته گھٽ ۾ گھٽ مون جهڙا شاعر ته، آسمان کي به خيالن سان لتاڙي ان جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏن ها!“
ڪيتري نه خوش ٿي هيئنءَ منهنجي انهيءَ اهڙي هم خيالي تي پر جڏهن اقرار جو ذڪر ڇيڙيم جنهن منهنجو جيءُ پي کپايو ڇو ته ان ڏينهن جو ان کي تنهنجي جيپ ۾ تو سان گڏ ويٺل ڏٺو هئم. ڊرائيونگ پي ڪيائين سو به تنهنجي جيپ جي.
ڪيئن نه ٿٿر جي پئي هيئين جڏهن مون اقرار جو نالو کنيو هو. هالانڪه هو تو کان وڌيڪ ته منهنجو دوست رهيو هو. جنهن بابت تو ئي چيو هو ته ”هي اقرار 100 سؤ مان پنجون نمبر اهو ماڻهو آهي. جيڪو اخبار ايئن ٿو پڙهي جهڙو سڄي اخبار ڌوئي مغز کي پياريندو هجي.!“
سندس سياسي سرگرمين جي به ڏاڍي واکاڻ ڪندي هيئينءَ اقرار جو اهو شعر به ياد اچڻ لڳو هئم جيڪو هن تنهنجي سالگرھ ۾ تنهنجي نانءُ منسوب ڪندي پڙهيو هئائين پنهنجن سياسي نظرين کي طلاق ڏئي ڏئي پنهنجي هڪڙي زال کي ته طلاق ڏئي چڪو هو. وري هاڻ تو کي آيتون ٻڌائڻ شروع ڪيون هئائين ڏاڍي هُرکر ٿي پئي هئم. اقرار تي ڳالهائڻ جي.
اندر جي ڄر ڪڍندي چيو هئم ”آسا! سياست جي لحاظ کان اقرار پنهنجا سياسي مذهب گهڻا بدلايا آهن؟“
وقت ۽ موضوع جي نسبت سان تنهنجي لاءِ بي وقتي ڳالهه هئي منهنجي اهڙي بي وقتي ڳالهه ڪرڻ سان تو کي ته اڃان به وڌيڪ غلط ۽ ڏکي لڳي هئي.
سياسي پهلو رجيڪٽ ڪندي تو مذهبي سهارو وٺندي تمام شوخي سان چيو هو ”ڪيترائي ماڻهو روز مسلمان به ٿيندا آهن!“
”ڪهڙي نيت سان؟“ ائين پچيو هئم جهڙو تو ڪنهن کي مون جيئان تازو مسلمان ڪيو هو.
وائڙي ٿي وئي هئين جواب لاءِ ذهن خالي محسوس ڪندي وڙهڻ وارو رخ ٺاهي ورتو هُيئي پنهنجي بيوس مزاج کان لاچار ٿي اقرار جي سياسي سرگرمين کان لاتعلقي جو اظهار ڪندي چيو هيئي ته ”هو پنهنجا سياسي پاسا بدلاءِ ٿو ته ان سان اسان جو ڪهڙو سروڪار“
لفظ ”اسان“ جملي ۾ استعمال ڪري پنهنجي ارادي موجب مون کي پاڻ سان ضم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هيئي. پر خود کي الڳ رکي بيوقوفي ڪندي مون چيو هو ”آسا! زندگي جي اسٽرينگ تي ڪنهن جو اگر هٿ هوندو آهي ته ان جي هر سرگرم پهلوءَ سان سروڪار رکڻو پوندو آهي.“
ڪاوڙجي پئي هيئينءَ مون به اڻڄاڻائي ۾ شايد جهالت ڪئي هئي محبت جي تاريخ کي هٿ سان نفرت ڏانهن وٺي وڃي رهيو هئس.
سنهي ڀڻ، ڀڻ شروع ڪري ڏني هيئي بلڪل ايئن جيئن عورتاڻو ڪروڌ ٿيندو آهي.
پاڻ مڃائيندي تو کي رخو ڀاڪر وڌو هئم ڪائي لفٽ نه پي ڪرايئي.
”زندگي جي اسٽرينگ تي ڪنهن جو هٿ“ طعنو سمجھي اکين مان پنهنجي رسامي جو اظهار محسوس پي ڪرايئي.
شايد دل ڏکي هئي تنهنجي جنهن کي روز پنهنجو خون پياريندو هئس.
پنهنجي سيني مان دل ڪڍي تنهنجي گوشت ۾ پوکي ڇڏي هئم اکين جو پاڻي ته کٽائي ڇڏيو هئائين!
دعويٰ ته آزادي جي ڪندو هئس پر زندگي تنهنجي غلاميءَ ۾ جڪڙي ويٺو هئس.
ڪيڏو ڪمينو ٿي پيو هئس. تنهنجي غلاميءَ ۾!؟
شايد غلام زندگيون ڪمين گاهه جو شڪار هونديون آهن!
ان وقت تنهنجو غصو ٺارڻ لاءِ پنهنجا ٻئي هٿ تنهنجن پيرن تي اڇلي وڌا هئم.
ڪيڏو نيچ عمل هو اُهو منهنجي غلاميءَ جو ڏاڍو وڻيو هئس توکي شايد سخت دلين کي غلام زندگيون تمام پسند هونديون آهن.
تنهنجي صرف کلي ڳالهائڻ جي اميد ۾ خواهشون چپن ۾ سرڪي رهيون هيون.
تو سادي، سلوڻي مسڪراهٽ پسائي هئي.
وهلوريل ڳالهيون، سڀ وساري ڇڏيون هئم.
اُها اهڙي ڳالهه وري ڇيڙڻ کان ئي تائب ٿيڻ لڳو هئس هونئن ته تنهنجي سنت جو پانبد هئس تنهنجي هر سنت ساهه سان سنڀالي رکي هئم بس! ڪڏهن، ڪڏهن وهم منهنجو به وضو ڀڃي ڇڏيندو هو.
ڪيتري ٿڌي دل سان چيو هيئي ته ”هو ذاتي طرح ڇا به هجي پر منهنجي ته عزت ڪري ٿو.“
ڏاڍي ڪراهت هئم هاڻ ان نالي کان به سهڻي صورت جي عزت ڪير نٿو ڪري ڪير نٿو سهڻي صورت لاءِ پنهنجي غلامي آڇي پر ڪيئن چوان ها ته.
تنهنجي عزت ماڻهو مون کان وڌيڪ ڇو ٿا ڪن تنهنجي عزت لاءِ ته پاڻ ارپي ويٺو هئس.
ڪهڙو ماڻهو رهيل هو جنهن تنهنجي عزت ڪئي ته مون سندس غلامي نه ڪئي هئي.
ڪيترائي ڀيرا تنهنجن اهڙين پسنديده خواهشن ڪاڻ پنهنجن لڙڪن کي دوکو ڏنو هئم.
بس! مردو هوندو هئس تنهنجي سيني تي اڏيل قبر جو!
هو منهنجي عزت ڪري ٿو“ چئي کيس منهنجي لاءِ ڪيترو نه معتبر بنائي ڇڏيو هيئيس.
تنهنجي چيل ان جملي کي اڻ ٻڌو ڪندي موضوع بدلائڻ جي ڪوشش ۾ هيس ته تو وري چيو هو ”شاعري به ڏاڍي غضب جي ٿو ڪري.“
واهواهه ڪنهن مهل هونئن ته ڪنهن مهل هنيئن جنسي نيچر جو ڪيڙو به ته شاعرن کي خطاب توئي ڏنو هو. ۽ وري انهن بابت غضب جا ريمارڪس به توپي ڏنا. ڪيترو منجهائي وڌو هيئي.
ڪهڙي ضرورت هئي هرو ڀرون ڳالهه وڌائڻ جي پر مان مضبوط ٿي چڪو هئس. پنهنجي ڪايا پلٽ تي پنهنجن خيالن کي– اقرار نامي موضوع تي چرڻ به پوءِ نه پي ڏنم ڪنهن ڪريل نئين سرڪاري عمارت جي ٺيڪيدار جيئان خاموشي پنهنجي لاٰءِ بهتر سمجهي هئم.
موضوع کي موڙڻ جي سوچ سان مغز مان خيالن کي تيز رفتار ڊوڙائيندي مون چيو هو ڇڏ ان موضوع کي – ”اندر جي ڳالهه ڪر“”اندر جي ڳالهه ڪيئن ڪبي آهي؟“ ڪيڏي سادگي هئي تنهنجن لفظن ۾ پنهنجي اندر ۾ جهاتي پائيندي به ڪيئن نه اڻڄاڻائي ڏيکاري هيئي.
هونئن به تون ته پسند به ڪنهن کي ڪهڙي ڳالهه کي ڪندي هيئن سواءِ آسماني بي جان مخلوق جي – جيڪا تنهنجي روح کي راحت بخشيندي هئي.
ڌرتي وارن مان ته سواءِ ڪنهن سياسي سيکڙاٽ ڪارڪن جي باقي توکي نه اديب، نه شاعر پسند هئا ۽ نه مصور ۽ صحافي.
پنهنجي اندر جي ڳالهه ٻڌائيندي چيو هيئي ”شاعر اڪثر خودڪشي ڪري ڇڏيندا آهن؟“
انهن اهڙن شاعرن سان منهنجي ڪا وڏي ۽ ويجهي قرابت نه رهي آهي!“ مٿين دل سان مڙئي توکي جواب ڏنو هئم.
وري هڪ ٻيو خيالي پٿر هڻندي چيو هيئي ته“ اديب چريا به، ته ٿي ويندا آهن؟“
”پر آسا! مان ته ڪلهه ۽ اڄ جي وچ ۾ توکي چريو به لڳي سگهان ٿو. ليڪن سڀاڻي ۽ پوءِ جي وچ ۾، ڇا آهيان. ان جو فيصلو ته وقت ئي آهي.“
تڏهن تو چيو هو ”مان تنهنجي ڳالهه ته نٿي ڪيان.“
”پنهنجي ڳالهه ته، مان به نه پيو ڪيان آسا، پنهنجي اديب جي پيو ڳالهه ڪيان.“
تو پنهنجي خيال کي وري نئون رخ ڏيندي پڇيو هو ”ماڻهون خودڪشي ڇو ٿا ڪن!؟“
نيٺ پنهنجي من جو دروازو کولي مونکي ڦاسائي وڌو هيئي پنهنجي چالباز نيت سان توکي تنهنجي ئي سوال ۾ ڦاسائڻ لاءِ مون چيوهو. ”تون اهو ٻڌائي سگهنديئينءَ، ته لفظ خودڪشي تنهنجي زبان تي ڪيئن آيو؟“
”اهو لفظ گهڙي، مون ته تخليق نه ڪيو هو، مونکي چڱي طرح ياد نٿو اچي ته، زندگي جي ڪهڙي اسٽيج تي اچي، اهو لفظ مون ڪنهن ڪتاب ۾ پڙهيو هو ته، ان تي گهڻو ئي سوچيو هو.“
” ته پوءِ لفظ کي جيسائين پنهنجو وجود آهي. اهو بي مقصد نه هوندو آهي آسا، عملي طرح پنهنجي نتيجي سان، پنهنجو وجود، قائم رکندو آهي، شاعر خودڪشي ڪرڻ تڏهن ڇڏيندا، جڏهن لفظ پنهنجي خدا کي بخشش ڏيندا.“
جيئن، تيئن ڪري سوال مان جان ڇڏائي هئم، شاعرن کي ڇڏي، تو وري شاعري بابت ڳالهائيندي چيو هو. ”فتاح! مونکي هر ٻولي شاعري محسوس ٿيندي آهي، ماڻهون هڪٻئي سان جو ڪجھ ڳالهائن ٿا. ان ۾ به ڪوئي بحر، وزن آهي. بلڪ هڪ غزل جهڙا قائدا معلوم ٿيندا آهن. تون شاعري کي ڇا ٿو سمجهين؟“
ڊگهو سوال هو تمام پراهڙو نه هو، جنهن ۾ لفظ مون جيئان ماتم ڪندا هجن، ائين ڪڏهن، ڪڏهن، اهڙو سوال به پڇندي هيئين، جنهن جي جواب لاءِ لفظ به خودڪشي ڪرڻ لڳندا هئا ۽ جملن سان حشر ٿي ويندو هو.
پنهنجو ذاتي رايو ڏيندي مون چيو هو، ”منهنجي خيال ۾ شاعري کي“ ٻن صنفن ۾ ورهاءِ سگهجي ٿو، هڪڙي بيت، وائي ۽ غزل وغيره واري صنف، جنهن کي پنهنجا قائدا قانون ۽ اصول آهن ۽ ٻي آزاد نظم جيڪا پاڻ خود مختيار هوندي آهي، پر ذهن منظر جي ڪرامت جا قيدي رهندا آهن.“
”خودمختيار ڪهڙي صورت ۾ آهي؟“ ان بابت تو به مذاق وارو انداز اختيار ڪيو هو. ته مون به مذاق ڪندي چيو هو ته ”بس جڏهن دل ڇڙهيون هڻي ڦٿڪڻ لڳي، تڏهن جٿي وڻي ڪاغذ جو تڏو وڇائي ڪم لاهي وٺ.“
ڏاڍي کلي هيئين، کلندي، کلندي پڇيو هيئي ته، ”فتاح! شايد تنهنجي ئي ڪنهن دوست چيو هو ته ” شاعرن کي خودڪشيءَ ڏانهن پنهنجي شاعري وٺي ويندي آهي، پرتنهنجو ڇا خيال آهي ته واقعي ائين آهي؟“
”نه آسا، اهو غلط آهي. شاعري دل جو خون ضرور چٽي ٿي پر ڪنهن سنئين سڌي ماڻهو جو خون شاعري نٿي ڪري،“ ”مونکي ته اديب ۽ صحافي به سمجهه ۾ اچي نه سگهيا آهن، ڪهڙو فرق آهي، اديب ۽ صحافي ۾؟“ هاڻ؟“
اديب، صحافي اغيره وغيره، اهي سڀ شيون تنهنجي لاءِ ڪي نيون نه هيون، نه ئي تون ڪا ايڏي معصوم هيئين، جهڙي معصوميت سان تو اهڙا سوال پي ڪيا پر پوءِ تنهنجي خوشي خاطر کل ڀوڳ ۾ مون به پنهنجي دل کي راضي پي ڪيو، اهڙي طرح اديب ۽ صحافي جو فرق بيان ڪندي مون چيو هو. ”صحافي ماڻهن کي قرآن جيئان، صاف، سڌي ۽ سختي سان چئي ڏيندو آهي، پوءِ ان تان جيڪي ماڻهو بگڙي ٿا پون، ته اديب اهڙن مڇريل، نادان رٺلن کي پيار ۽ محبت سان قائل ٿو ڪري ۽ وري اديب جن شخصيتن تي آيتون پڙهي کين آسمان تي چاڙهي، پنهنجا هٿ وس به وڍيو ويهي، ته اهڙن آسمان تي ويٺل هٿرادو نبين کي، صحافي آسمان تان به ڳولي، وري هيٺ پٽ تي هڻندو آهي.“
فرق سادي طرح بلڪل سادي طرح سان بيان ڪيو هئم پوءِ تو شايد سندس گهرائي ڏانهن توجه ئي نه پي ڏنو هو. شايد ڪنهن ٻي سوڄ ۾ هيئن يا ته وري به ڪنهن ٻئي خيال ۾ ڦاسائڻ لاءِ سوچي رهي هيئين، ۽ اڪثر تنهنجي حالت به اهائي رهندي هئي، جو ڪجهه پڇڻو هوندو هيئي ته پڇي، پوءِ غيرحاضر ذهن ٿي ويندي هيئن ۽ ٻي ڳالهه ته، اهڙيون ننڍڙيون ۽ اڌڙ ڳالهيون توکي پسند به ڏاڍيون هيون، ٻارڙن جيئان ڪڏهن ڪڏهن اهڙو ته سوال پڇي وٺندي هيئين، جنهن جي جواب لاءِ، لفظن جا پير پڄندائي نه هئا، ۽ جيڪي ڪجھه پڄندا هئا سي ڪجهھ ڪڇندائي نه هئا!
اهڙيون ڳالهيون ڇيڙڻ، جيڪي ذهن کي مونجهاري ۾ وجھن، اهڙو عمل منهنجي سوچ جي خلاف هو. پر مخالفت منهنجي کي، تو وٽ اهميت ڪهڙي هئي، انهيءَ سور به سنڌ وٺي ڇڏيا هئا تنهن ڪري ڪوشش ڪندو هئس، ته اهڙيون اڻپوريون ۽ ذهن کي ٿڪائيندڙ ڳالهيون تو کان پاسيريون رکان اهڙو موضوع هجي، جيڪو اسان جي وچ ۾ تلخين جي بجاءِ ماکيءَ جهڙي مٺاس جو ذائقو ڏيندو هجي. اهڙي ئي خيال سان ، پنهنجي ريهاڻين جي هڪ رات شايد ڪائي جنوريءَ مهيني جي سخت سرد رات هئي، مون هڪ نئون مضوع ڇيڙيندي توکان پڇيو هو” آسا! تو ڪڏهن سياري جو ٿڏيون راتيون ٻيلن جي ماٺار ۾ گهاري ڏٺيون آهن. جتي جا وڻ آڌي پڄاڻا هڪٻئي سان مٿا ملائي ڇڏيندا آهن؟“
تو نرالي انداز ۾ چيو هو ”نڪو پر هاڻ ارادو آهي.“
وري تڪڙ سان پڇيو هئم ”ڀلا چنڊ جي پوئين رات مهل سنڌو نديءَ جي ڇولين سان گڏ ڪڏهين گهمين آهين؟“ چنڊ جي ڳالهه توکي ڏاڍي وڻي هئي، پر وري به تفصيل سان پڇڻ لڳي هيئن ته، ”نه“ مون سنڌو نديءَ جو سير ته، ڏينهن جو به نه ڪيو آهي، تون ٻڌائي، ڪهڙا منظر هوندا آهن، ان وقت دل تي““ پراڻي ياد دهرائيندي تو وڌيڪ چيو هو ته، ٻيلن ۾ به گهڻو رهيو آهين، جڏهن پرائمري ماستر هيئن تڏهن به ته اوڏاهن گهڻو رهندو هئين.“
توکي موضوع ۾ دلچسپي ڏياريندي مون چيو هو. ”جنهن سنڌو نديءَ جو ڇوليون نه پسيون آهن، ۽ سندس ٻيلا وڙڪي نه ڏٺا آهن، سو ته جهڙو سنڌ ڌرتيءَ جو، ته ڄائو ئي ناهي.“ رخي لهجي ۾ پچيو هيئن ته ”جيڪي ٻيلن ۾ ڄاوا آهن انهن ۾ ڪهڙي عظمت آهي جو؟“
ڪيڏي اياڻپ ۾ پڇيو هيئي، تنهنجو ته ڏوهه به نه هو. تون انهن پنهنجن ڌرتي ڄاون جي تمڪنت کان اڻڄاڻ هيئن هو ڪيڏا عظيم ڪيڏي عظمت جا مالڪ هئا اهڙي ڄاڻ انهن کي وڌيڪ آهي جن ولهه تي ويهي انهن سان راتيون ويهايون آهن.
پنهنجي ساهه جيتري محبت، انهن وڻجارن سان هئم، جن کي سمنڊ جو سينو لتاڙيندي اکين سان ڏسندو هئس، پنهنجي ماءَ کان وڌيڪ، منهنجي صحبت انهن جهنگلي ماڻهن سان رهي، جن کي ٻيلن ۾، دنيا جي هر آسائش کان محروم ڏسندو هئس. جهڙي نظر سان مون انهن کي ڏٺو، توکي سو بيان ڪري ٻڌايندي چيو هئم ٻيلن جي ماڻهن جي وڏي اڪثريت لکي، پڙهي ڪون ڄاڻي پر انهن پنهنجون دليون، پڙهيل ماڻهن لاءِ ته اوطاقون اڏي رکيون آهن،“ ته تو وچ ۾ پنهنجي خواهش ڏيکاريندي چيو هو. ”مونکي ٻيلن جا وڻ گهمڻ جو ڏاڍو شوق رهيو آهي، گهاٽا وڻ ٿيندا آهن، ٻيلن جا نه!؟“
تنهنجي پيار تي حرس ڪندي چيو هئم“ تنهنجن وارن جيئان، هڪٻئي تي ليٽيل هوندا آهن آسا!، ڏاڍو سڪون هوندو آهي سندن گهاٽاڻ ۾ بلڪل سو به تنهنجن وارن جهڙو-
” مذاق، هر ڳالهه ۾ مذاق“ ٿڌو شوڪارو ڀريندي وري چيو هُيئي ”ڪجھه بڌائي نه دريائي ٻيلن بابت؟“
مون اهڙي ارادي سان ئي ته موضوع ڇيڙيو هو- رڳو تنهنجي رضا ڏسڻ پي چاهيم- مونکي ته هونئن به ٻڌائڻ جو شوق پر وري تو اصرار ڪندي چيو هو- ته ڪيئن نه ٻڌايان ها- محبوب سان انڪار ڪري ڪفرڪرڻ ته- منهنجي ايمان، عقيدي ۽ آدميت ۾ نه هو- شايد قصو شروع کان کڻندي ٻڌايو هئم ته ”1986ع ۾ مونکي ڪنهن اڻا ڄاڻايل سبب سان- منهنجي مقرري- ڪيٽي بندر تعلقي ۾ ڪئي وئي هئي. جيڪو سنڌوندي جي ڇوڙ وار- ڪچي جو علائقو هو- ماڻهو زندگيءَ ۾ وڌيڪ- ماڻهن کان ئي- سکي ٿو آسا- جيڪو ماڻهن مان ڪجهه نٿو سکي- ان کي به ڪجهه نه ڪجهه ته سکڻو ئي پوي ٿو- پوءِ انهن کي جانور پنهنجي جانوري سيکائي ڇڏيندا آهن- جيڪا انهن کي وڌيڪ آسان لڳندي آهي ۽ هو جلد سکي پوندا آهن.
مون اتي جي ماڻهن مان- ڪجهه سکيو ۽ سيکاريو- جي بنياد تي- پنهنجي مقرري جو پورو وقت گذاريو- مون پنهنجي مقابل انهن کي وڌيڪ بهتر تصور ڪيو- ۽ حالتن مطابق- ڇا چئجي؟- ماڻهن جا من خلاصا- پر سندن منهن ٻٻر جي ڇوڏي جيئان سدائين سُڪل ۽ سهميل،
سخت مشقت جي ڪري. هٿ، پير،ٺونٺيون ۽ ڪلها چچريل، ٽڪيل ۽ چٿڙيل.
اهي ماڻهو پنهنجون ورسيون ۽ سالگراهون ڪو نه پيا ملهائن- شادي جهڙا شغل به مشڪل سان مولودن، مداحن تي پيا رچائين.
سياست، سماجي، توڙي عام ڀلائي جي ڪمن ڪارين کان لاتعلق، اڻڄاڻ ۽ بي علم!
مينهن وسندا هئا ته. دريا جي ريل تي ڊوڙندڙ- خرگوشين جا ننڍڙا ٻچڙا مونکي تمام پيارا لڳندا هئا. ۽ هٿ سان جهلڻ قطعي نه ڏيندا هئا.
سنڌ ۽ ملڪ جا وڏيرا- ڪامورا ۽ عرب شيخ- تمام گهڻا شڪار ڪرڻ ايندا هئا- پر شڪار دوران بندوق جو هڪ ٻه فائر- ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو تي به ڪري پي ڇڏيائون.
نيرڻي وچينءَ مهل- اڇڙن تترن جي- ڪيُڙو ڪَڪ، ڪيڙُو ڪڪ ٻڌندو هئس ته، من تنهنجي تانگهه ۾ تڙپندو هو!
رات جي وقت وڻن جي ٽارين تي- ٽانڊاڻا ٽمڪندا هئا ته- تنهنجون اکيون ۽ اوجاڳا ياد ايندا هئم-
پوئين رات جي ٺار تي- جڏهن گدڙن جا ولر واري، واري سان اوناڙيون ڪندا هئا ته – ڳوٺن جا ڪيترائي ڪتا ڪٺا ٿيندا هئا.
جيڪي جهلون ڪري نر گدڙن کي ڀڄائي ڇڏيندا هئا- باقي گداڙين سان لڳ ڪندي هڪٻئي کي ڏاڙهيندا هئا- ويچارا گدڙ اهو هنڌ ڇڏي- وري ٻيلي جي ڪنهن ٻي ڪنڊ کان اوناڙيون شروع ڪري ڏيندا هئا ۽ ڪتا کين بيوقوف بنائي سندن مادي گدڙن سان مزا ماڻيندا هئا.
سنڌ جا وڏيرا ڪچن جي ٻيلن مان ڦاڙا مارائي وڏن ڪامورن جون دعوتون ڪندا هئا- ۽ بعض ائين به ٿيندو هو ته پنهنجي اولاد جي شادين ۾ ڦاڙن جوئي گوشت- رڌائينداهئا- تلور پکي ته سندن ذاتي ملڪيت هوندي هئي- ڪنهن غريب، غربي کي انهن ۾ چڱي نظر سان ڏسڻ جي به همٿ ۽ اجازت نه هوندي هئي.
۽ مون جهڙي شڪاري کي- سندن ڪيلن جي باغن مان- ’سوئر مارڻ جي ڪائي منع نه هوندي هئي- اهو محض انهيءَ ڪري- جو سوئر ڪيلي جو بي حد نقصان ڪندو هو!
چيٽن ڏينهن- سرنهن جي ٻوٽن ۾ وڙڪندو هئس ته فطرت بي حال ڪري ڇڏيندي هئم وڻن ۾ تڏ، مڪڙ ۽ ڀونرن جا ڀڻاٽ روح کي راحت ڏيندا هئا.
ڌرارن ۽ ماکيارن کي- پنهنجي شاعري ٻڌائيندو هئس- هو مونکان ترنم ۾ ڪلام ڳائڻ سکنداهئا ۽ مونکي رڍن، ٻڪرين ۽ اٺين جو کير به پياريندا هئا ته ماکي لاهڻ به سيکاريندا هئا- ماکين جا مانارا- رس ۾ ٽمٽار ڏسندو هئس ته- تنهنجو ڪنوارو اُرهه ياد اچي ويندو هئم-!
نوجوان عورت ۾ Platonic Love جو اثر حد کان وڌيڪ هو. پر نوجوان بُراق ڇوڪرا- ناداني جا ماريل اهڙي محبت ڄاڻن ئي نه پيا تون وڏي سڪون سان مونکي ٻڌي رهي هئين، توکي پنهنجين ڳالهين ۾ ريڀي ويٺو هئس- نه ڪائي وچ ۾ تلخي هئي ۽ نه اڻ وڻندڙ خيال- ٿوري ذري خاموشي اختيار ڪئي هئم ته چوڻ لڳي هئينءِ ”ڪنجوس نه ٿي فتاح- ڪجهه گهڻو ڪجهه ڏٺو ۽ ڏنو، ورتو هوندئي- ڪجهه اڃان ٻڌائي؟“
دل تان وزن ڏاڍو هلڪو محسوس ڪيو هئم- اهڙي جهان ۾ هئاسين جتي اقرار وغيره جهڙي متضاد ماڻهو جو ته سوچن ۾ اتو- پتو ئي نه هو-
محبوب کي خوش طبيعت ڏسي- چاهيندڙ جو من اڻ ڏٺي خوشي ۾- ڪيئن جهولي جيئان جهولندو آهي-؟- اهو تجربو ان رات حاصل ڪندي. وري به پنهنجون يادون ورجائيندي. مون چيو هو، جڏهن سج راسيون رنڱيندو هو ته هڪڙا ٻيڙياتا تڙن تي ايندا ڏسندوهئس ته- وري ٻيا وڻجارا سفر تي اُسهندا هئا- ڪڏهن، ڪڏهن رات واري سفر ۾- مان به وڻجارن سان گڏجي- سمنڊ جي سيوا لاءِ- سير تي ويندو هئس.
اونداهين ۾ جَر جو جلوو ڏسي- تنهنجا رخسار ساريندو هئس مڇيارن جا وار وڏا ۽ ڏاڙهيون وڌل هونديون هيون- اڪثر مذهبي ۽ نماز جا پابندا هوندا هئا.
سندن شبيهه جو رنگ- سمنڊ جي پاڻي جهڙو-؟
هو پنهنجو وات کاڌي لاءَ ۽ زبان پنهجي خدا لاءِ استعمال ڪندا هئا
”ڇو؟“ عجب کائيندي. نامڪمل سوال پڇيو هئي- ۽ مون وضاحت ڪندي چيو هو ”انهيءَ ڪري جو- سمنڊ جي خوني آبياتي رڻ ۾- کاڌو سندن صحت لاءِ ۽ خدا سندن زندگيءَ کي تحفظ ڏيندڙ ۽ پنهنجي ماڳ سلامت موٽائيندڙ- وارو وسيلو هئين.“
”پوءِ رات جي وقت سمهندا نه هئا؟“ شايد ننڊ واري آرس ۾ پڇيو هئي- ۽ مان هن طرح تشبيهه ڏيندي چيو هو ”ناکئو سکاڻ تي ائين ويٺل هوندو هو. جيئن مان توکي پنهنجا ٻئي ٻک هڻي- ويهندو آهيان.“ ته تو پنهنجي کاٻي هٿ جي هڪڙي آڱر سان مٿو کنهيندي پڇيو هو ”ڀلا...پوءَ.... سندن زالون ويچاريون؟“
۽ مون توکي خاموشي سان ٻڌڻ لاءَ چوندي ٻڌايو هو ته ”اهي ويچاريون پنهنجن وَرن جي دلي محبت کان هميشه محروم- پوءَ به ساري رات پنهنجي خالق کي ستائن ته الله اسان جا وڻجارا سلامت آڻ؟“
تون هاڻ بلڪل خاموش ٿي وئي هئين- پر مونکي ته خاموشي قبول ئي نه هئي- انهي ڪري قصو ٻڌائيندي چيم ”انهن سامونڊي مسافرن جون عيدون، ايلازُ سڀ سمنڊ جي سيني تي گذرندي ڏٺيم-
ماڻهو ته اهي به. اسان جهڙائي آسا! پر سندن همٿ جي بلندي جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي.
چنڊ جي روشنيءَ ۾، سمنڊ پري کان- آسمان ۾ ائين کتل نظر ايندو هو. جيئن منهنجون اکيون. تنهنجن اکين ۾ کپي وينديون هيون.
اونداهين راتين ۾ ائين محسوس ٿيندو هو.
جهڙو سمنڊ ۽ آسمان گڏجي هڪ ٿي ويا هجن- يا صورتن تي سودو ڪيو هجين. ۽ آسمان سمنڊ جي ڀاڪر ۾ ائين نظر ايندو هو جيئن تون ڪڏهن، ڪڏهن مونکي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريندي آهين. ۽ مان تنهنجي دل کي- پنهنجو خون پياري وٺندو آهيان“.
انهيءَ مهل ڀاڪر وڌا هيئي ۽ مان تنهنجي هنجهه ۾- اوچتو ائين ڪري پيو هئس- جهڙو ڪنهن لانچ تان سمنڊ ۾ ڪري پيو هجان.
”هو اهڙي محبت ڪو نه ڪندا آهن؟“ چمي ڏيندي پيار مان پڇيو هيئي. ڪيڏي جدت هئي ان وقت- تنهنجي ان اظهار ۾- منهنجي ڪوري من تي- تنهنجي جيڪا تصوير چٽيل هئي- انهيءَ ۾ ڄڻ سڀ رنگ ڀري ڇڏيا هيئي.
تنهنجي انهيءَ پيار جي لذت ۾- مون اهو جواب ڏنو ته ”جوين جي ٻک کان- ويچارا وڻجارا پري هوندا آهن-“
”محبت کان محروم رهي- انسانيت کي ڪهڙي اهميت ڏيندا هوندا؟“ اهڙي انداز ۾ چيو هيئي جهڙو کين ڪنهن ٻي مخلوق مان سمجهي ويٺي هيئ- مطالعو ته مون کان به تنهنجو مضبوط هو- اهوئي تو ۾ وڏو ڳڻ هو- جنهن لاءِ مون جهڙا ٻيا سڌڙيا به تنهنجي محبت جي سڌ پيا ڪندا هئا- انهن سامونڊين جي انسانيت ۾- مون ڪيڏي عظمت محسوس ڪئي هئي- ان لاءِ پنهنجي اندازي ۾ مڪمل صورت جوڙي توکي ٻڌائي نه پي سگهيس.
پنهنجي فڪري صلاحيت موجب- صرف ايترو چئي ٻڌائي سگهيو هئس. ته ”جڏهن اُتر اوتون ڏيندو هو. تڏهن شاهه لطيف کي پنهنجي سڪ مان سڏي- شاهه لطيف جا ٽٽل، ڦٽل بيت ٻڌائي به- محبت جو اظهار- اهڙي اڪير سان ڪندا هئا.جو سندن اداس دلين جي دانهن ٻڌاي. مونکي سمنڊ جي گهرائيءَ به ڪجهه نه محسوس ٿيندي هئي- بلڪل ائين محسوس ٿيندو هو ته- سندن تؤنس جي اجهام لاءِ- سمنڊ سرڪي به نه ٿيندو!
هو اڻپڙهيا ضرور هئا. پر محسوس ائين ڪندو هئس ته محبت ۽ خلوص انهن ماڻهن مان ئي جنم ورتو آهي. ها! البت ائين هو ته- هو تعليم کان محروم، نسلي ۽ قبائلي سوچ ۾ ڦاٿل ۽ قوميت جو احساس منهجهن، نه هئڻ جي برابر هو- جڏهن کان ڌارين مهانڊن وارا فرد- سندن سامونڊي ملڪيت جا- قذاق بڻجي داخل ٿيڻ لڳا- تڏهن پنهنجي غلامي، لاچاري ۽ بيوسي جي ڪرب واري اذيت کين محسوس ٿيڻ لڳي- سندن ڪل آبادي سماجي مسئلن ۾ تباهه ۽ بيمار بڻيل هئي.
اهڙيءَ طرح ساڳي حالت ۾ ٻيلن جا ماڻهو به جهنگلي زندگيءَ ۾ - مون کي مئل نظر آيا آسا!
زندگيءَ جي هر خوشي ۽ خواهش کان نااُميد-
زندگيءَ سان جهڙي، تهڙي حالت ۾ نڀائڻ – سندن مقدر جي شريعت بڻيل هئي -!
پاڻي! جيڪو ڍور پيا پين - سو ئي پاڻ پيا پين،
کاڌي خوراڪ لاءِ وقت ۽ ويلي جي مقرري ڪابه نه، - جنهن وقت جهڙو به مليو، ته کائي ويٺا – نه مليو – ته دانهن پنهنجي دل کي به نه ڏنائون!“
ڏاڍو مزو آيو هو توکي – انهن تباهه حال زندگين جي حوالن مان – ايئن قصي مان قصو ڪندي، ڪجهه دير لاءِ ڄڻ خاموش فضا ۾ اُڏامي ويا هئاسين!
اها ئي ساڳي رات هئي ته منهنجي گفتگو ڪٽيندي الاءِ ڇو ۽ ڪهڙي خيال کان تو اقرار جي زمينداريءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو، ”اقرار هڪ ڀيري ڳالهه ڪئي ته، ڪچي ۾ به اسان جي زمين آهي - ۽ چيٽن ۾ اُتي سرنهن گهڻي پوکيندا آهيون.“
اقرار جي زمينداريءَ سان گڏ – جڏهن سرنهن جي پوک جو ذڪر ڪيو هيئي ته مان خاموش ٿي ويو هئس – ذهن سنسان ۽ زبان دم خشڪ بڻجي پئي هئي - ۽ من تي بي مدا ڪڪر چڙهي آيا هئم. اقرار کي ته مان، پنهنجي محبت جو چور تصور ڪندو هئس- ڪهڙي رمز رچائي توکي ان اقرار واري ذڪر کان توکي الڳ تمام پري کڻي ويو هئس - ۽ تو وري به جيڏي مهل اقرار کي وچ ۾ آندو ته، ذهني طبيعت فوت شده ڪيفيت ۾ اچي وئي هئم ۽ مان جهڙي پنهنجي دل جي ورسي ملهائي رهيو هئس – هاڻ توسان لفظن جي ڪهڙي جنگ پئي وڙهي سگهيس-
هر ملاقات ۾ هر گڏجاڻيءَ واري رات جي ماٺار ۾ خوش مزاج رهي – منفرد تمثيلي رمزون سُڻائي- توکي ڳالهين ذريعي وندرائي تنهنجي طبيعت خوش رکڻ جي ڪوشش ڪندو هئس –
شايد هي اها نڀاڳي رات هئي – جنهن ۾ اقرار جو بار بار ذڪر ڪرڻ تان – هڪٻئي سان رُسي پيا هئاسين – پر پوءِ به ميل، ملاقات ته ڇڏي نه سگهيا هئاسين – تڏهن پنهنجي دلربائيءَ جو ڀرم رکندي تو پنهنجو هڪ نئون قانون جوڙيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي- منهنجي زبان توکان برداشت نٿي ٿئي – ته اڄ رات کان پوءِ- اسان پنهنجي گفتگوءَ جو اظهار – هاڻ تحرير جي صوررت ۾ کڻي ڪنداسين!“
پوءِ ان مهل ئي انهيءَ گهر واري ننڍڙي پارڪ مان اُٿي– تو پنهنجي ڪمري ۾ اچي بجليءَ جو بلب ٻاريو هو – تڏهن تو پنهنجي فيصلي تي هڪدم عمل ڪندي چيو هو، ”بس هاڻ هينئر کان ئي – هڪٻئي سان تحريري ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻو آهي!“
تو ڪمري ڏانهن ايندي مون کي چيو ته نه هو – پر ڪنهن پالتو جيئان تنهنجي پويان لڳي آيو هئس – تنهنجي انهيءَ نرالي فيصلي تي مون کي هڪ عجيب سرور پئي آيو – تنهن ڪري توکي موڪلاڻيءَ واري آخري چُمي ڏئي هليو وڃڻ جي بجاءِ- مان خاموش ٿي صوفي تي ويهي رهيس – محض تنهنجي انهيءَ عجيب Settlement مان مزو وٺڻ لاءِ-!
تنهنجي ڪمري ۾ ويهندي – ٽيبل تي رکيل تنهنجي – نئين سال واري ڊائري – جنهن تي اڃا سواءِ تنهنجي نالي جي باقي ٻيو ڪجهه به لکيل نه هو – تنهنجي انهيءَ فيصلي تي عمل ڪندي تحريري گفتگوءَ جي شروعات ڪندي مون انهيءَ ڊائريءَ ۾ لکيو هو، ”هيءُ تنهنجو ٻاراڻو فيصلو آهي؟“ پڙهڻ لاءِ ڊائري تو ڏانهن وڌائي رکي هئم –
تو پڙهي جواب ۾ لکيو هو، ”منهنجي هر ادا ۽ هر فيصلي کي تو ٻاراڻو انگل پئي سمجهيو آهي.“
ماڻهوءَ جي ذهن جي سڃاڻپ به واهجي رکندي هئينءَ – دل چاهيو ته اهڙي گهرائيءَ ۾ هليو وڃجي – پر فيصلي تي عمل جي اڃان شروعات هئي – مذاق سمجهي- من کل مان ٻُڏي ويو هئم- خود تي ڪنٽرول ڪندي مون لکيو هو، ”ڀلا هيءُ فيصلو ڪيترن ڏينهن تائين ضروري لاڳو رهندو؟“
گهڙيءَ کن خاموش ويهي – تو لکيو، ”منهنجي مرضيءَ تي آهي!“
سختيءَ سان پنهنجي انا جو اظهار ڪيو هو تو – پر مزو اچي ويو هئم – محبت جي ناتي ۾ هڪ عجيب ۽ منفرد قانون تخليق ڪري نافذ ڪيو هيئي – هڪٻئي سان رُسي ويهڻ کانپوءِ- ان جي صلح لاءِ- اها ئي ڊائري هُئي – جيڪا اسان جي وچ ۾ هڪ ٽياڪڙ جي حيثيت سان پاڻ ملهائي رهي هئي – تنهنجي اندر واري کل به – تنهنجي چهري تي پاڻ لڪائي نه پئي سگهي. تنهنجي منهن ۾ ڏسي مون مسڪرائيندي لکيو هو، ”هي اسان کي– پنهنجي اندر ۾ کلائي ڪير پيو؟“
تو جملو پڙهي – پنهنجي کل روڪڻ لاءِ – چَپ وات ۾ وجهندي لکيو هو ته، ”منهنجو ڪوبه جملو توسان نه کلندو – تون پنهنجن لفظن کي سمجهائي ڇڏ ته، مون کي نه کلائين.“
تڏهن مون جواب ۾ لکيو هو ته، ”لفظ بنهه بي چيا ۽ ظالم هوندا آهن – اهي ته ڪنهن کي به – ڪا ئي بخشش ناهن ڏيندا.“
تڏهن تو غور سان پڙهي جواب ۾ لکيو هو ته، ”مون لفظن لاءِ نه – پر جملن بابت چيو آهي؟“
تنهنجي گرامر ڪمزور هئي ۽ منهنجي انگريزي – ٻنهي لاءِ اهو نه وڻندڙ مسئلو هو – مون تنهنجي اصلاح خاطر لکيو هو ته، ”جملا لفظن جا محتاج هوندا آهن- سندن زندگيءَ جو جيئڻ – مرڻ به لفظن جي ئي وس هوندو آهي.“
تو لکيو، ”لفظ پاڻ جڳهه نه والاريندا آهن – انهن کي پنهنجي مقصد لاءِ – وڏي ڏاهپ ۽ چالاڪيءَ سان- ماڻهو جملن ۾ ٽنبي- ڪتب آڻيندا آهن.“
لفظن جي اصلي قوت- توکي پنهنجي عمر ۾ اڃا محسوس نه ٿي هئي- ان ڪري جو تنهنجو ادب سان ڪوئي چاهه نه هو- مطالعو به تون پنهنجي پسند واري سبجيڪٽ کان علاوه- باقي جنريشن مطالعي کان به تون باغي هئين- باقي رومانٽڪ شاعريءَ جو ڪوئي ڪتاب هٿ لڳندو هيئي ته هٿ ئي نه ڪڍندي هئيينس. ٻيو تو ۾ وڌيڪ مرض اهو هو، جو ڪڏهن ڪو قسمت سان فلسفي جو ڪو ڪتاب پڙهندي هئينءَ ته- ان بابت چوندي هئينءَ ته، ”هن مصنف پنهنجو هيءُ ڪتاب- ڀَنگ پي لکيو آهي.“ پر اصل ۾ ان مصنفن جي بجاءِ اهڙا خشڪ موضوع وارا ڪتاب – توکي ڀنگ جهڙو نشو چاڙهيندا هئا- ۽ پڙهڻ وقت ننڊ توکي اکيون کولڻ ئي نه ڏيندي هئي- وڏا جملا توکي سمجهه ۾ نه ايندا هئا ۽ ڊگها لفظ توکي مُنجهائي وجهندا هئا.
نه قومي درد ۽ اونو ۽ نه وري ٻوليءَ سان ايڏو لڳاءُ يا دلچسپي، رڳو نعري باز سياسي سيکڙاٽن جو اثر هو توتي-
ادبي دوست به اهي پسند هئا توکي- جيڪي صرف ٿيوريءَ جا ماهر هئا!
ذهني طرح به ڪيڏا مختلف هئاسين هڪٻئي کان- پوءِ به خبر ناهي ته ڪهڙي بيماري لڳل هئم- جو توکان پري ته پوءِ- صرف پنهنجي اظهار جي آزادي محسوس ڪندو هئس- سا به چرين جيان ٻاهون اُڇلي يا لفظن سان وڙهندي.
مون کي لفظ هرڻ جيان – ڪو قسمت سان جهل ڏيندو هو – ته ان سان به وڙهيو پيو هوندو هئس- ۽ تنهنجي خيالن ۾ لفظ ڪڪڙ جيان آرو ڪيو ويٺا هوندا هئا- پر نسل وڌائڻ جي بجاءِ ڪنا ٿي پئي ويا- انهيءَ ڪري جو تنهنجي تحت الشعور ۾ سمجهه جي اڃا اها سگهه نه هئي ته- لفظن جي ارڏائيءَ اڳيان، صليب ۽ ڦاهيءَ جا ڦندا به پنهنجي دهشت ۽ اصلي قوت پاڻ وڃائي کوکلا ٿي پيا آهن-
لفظن جي جبري استعمال بابت مون جواب ۾ لکيو هو ته، ”ڪاتب جي چالاڪيءَ کان لفظن جي سرڪشي اٽل هوندي آهي- ڪاتب جڏهن لفظن کي گهڙڻ جي اٽڪل ڪندو آهي– ته لفظ سندس سوچ ۽ خيال بدلائي ڇڏيندا آهن-“
توکي منهنجو جواب پوريءَ طرح سمجهه ۾ نه آيو هو – شايد تڏهن سختيءَ سان تو لکيو ته، ”نه اهااٽڪل ۽ چالاڪي ڇڏ فتاح! صحيح طرح سان لک- نه ته مان پنهنجو فيصلو سخت ڪري ڇڏينديس.“
لفظن ۽ جملن جي قوت ۾ به تو پنهنجي پسند ۽ مرضي مڙهڻ پئي چاهي.
جيئن بد ذهن ماڻهو پنهنجي دم پل جي شهرت لاءِ چونڊ لفظن جو استعمال ڪندا آهن- تو مون کي به انهن ۾ شمار پئي ڪيو پر اها تنهنجي غلط فهمي هئي- لفظن کي مان ڌوئيندو ۽ ساريندو، سنڀاليندو ضرور هئس – پر مان پنهنجي مرضيءَ جي بجاءِ سندن مرضيءَ جي پويان رهندو هئس-
تنهنجي شوخي ۽ سخت لهجي کي مون وڌيڪ خفي ڪرڻ نه پئي چاهيو- ان ڪري پڇڻ خاطر مون لکيو هو، ”مان صحيح طرح سان ڪيئن لکان- مون کي ته سمجهه ۾ نٿو اچي؟“
تو تڪڙو هٿ وڌائي – مون کان ڊائري ورتي هئي – جواب پڙهي ڪنڌ کي شوخيءَ سان ساڄي طرف موڙ ڏيندي تو لکيو – ”بنا نقطي لفظ لک؟“ اهو لکي تو ڊائري مون ڏانهن اُڇلي رواني ڪئي هئي. جواب پڙهي ڪجهه حيران گاڏڙ تنهنجي منهن ۾ ڏٺو هئم- پر منهن تي ڪو اثر ئي ڪونه هيئي- شايد پنهنجي سختي ڏيکاري هيئي- پر اها تنهنجي چريائپ هئي – چريائپ به اهڙي جو ان تي ڪير به نه وسهي- ڪافي غور ۽ فڪر کانپوءِ- تنهنجي منشا ڪجهه سمجهه ۾ آيم- مون سمجهيو- تو اهڙا لفظ پئي چيا- جن جي ڪابه مڪمل صورت، شڪل نه هجي، ۽ انهن جو ڪوبه مطلب، مقصد نه هجي- بدصورت ۽ بي مقصد لفظ هجن – چريا ۽ گونگا هجن- ڳالهه وري به سمجهه مان نڪري ويم – وضاحت لاءِ توکي لکيو هئم ته، ”بنا نقطي لفظ لکي- پنهنجي ذهن کي بخار نٿو ڏئي سگهان- ۽ ٻي ڳالهه ته مان بنا نقطي لفظن مان مراد سمجهي نه سگهيو آهيان- وضاحت ڪر؟“
۽ تو وضاحت جي بجاءِ وري هڪ وڌيڪ چريائپ ڪندي لکيو، ”پوءِ خاموش لفظ لک؟“ اهو تو پنهنجي خودمختياري جتائيندي لکيو هو- بيوقوف ۽ بي رحم جي آزادي به جهان لاءِ آزار هوندي آهي- تنهنجي ذهن ۾ ته الاءِ ڪير اچي ويٺو هو- تنهنجي ته ٻولي به محسوس نه پئي ٿي- ڪيئن چوان ها ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي اٿم- بس اهو ظن گمان ته شايد اها تنهنجي مرضي هئي ته- لفظ ڪمزور، بيمار، ۽ اڌ مئل هجن، جيڪي منهنجي طرفان به غلاميءَ جو اظهار پاڻ ڪندا هجن- سندن حياتي ٿوري هجي- پر وقتي طور شهرت ۽ هوس واري بيماريءَ لاءِ فائدو ڏيندا هجن- سندن ٽنگون، ٻانهون ڀڳل ۽ باقي عضوا به سندن اُکڙيل هجن- ذري گهٽ پنهنجي اوگهڙ به پاڻ ئي پسائيندا هجن-!
عجيب ڪشمڪش هئي- ڪجهه سمجهڻ لاءِ ڳالهائجي ها ته مسئلو به حل ٿئي ها- پر ڳالهائڻ تي ته جهڙو پاڪستاني مارشل لا لڳايل هئي- مجبور ٿي لکيو هئم ته، ”خاموش لفظ ماڻهو ته الاءِ ڪيئن لکندا آهن- ۽ ڪهڙا لکندا آهن- منهنجي منهن ۾ ته نڪ به آهي ۽ اکيون به جيئريون آهن- خاموش لفظ لکڻ ته مونکي استادن سيکاريا ئي ناهن؟“
تڏهن تو پنهنجو جهڙو ڄڻ آخري نئون فيصلو تجويز ڪندي لکيو هو ته، ”ٺيڪ آهي، خاموش لفظ لکڻ تون اڃان نه سکيو آهين ته پوءِ هاڻ هٿ اشارن سان ڳالهاءِ؟“
ڪهڙو نه نئون نرالو مذاق هو- پنهنجي چريائپ ۾ هاڻ مون کي به گڏائڻ پئي چاهيئي.
پر تو ايترو لکي ڊائري ٽيبل تي ڇڏي- اونڌي ٿي پلنگ تي ليٽي پئي هئينءَ.
توکي ته تنهنجي فيصلي ئي کل مان اونڌو ڪري پلنگ تي اُڇلي وڌو هو- پر لفظن جي فيصلن جيڪي زندگيون رُلايون، ستايون، وڃايون، کپايون ۽ رئاريون، انهن جي حالت نه تو سمجهي هئي ۽ نه ڏٺي هئي!
انهيءَ رات وارن تنهنجن انهن گونگن فيصلن مان مون کي ان وقت اهڙي حقيقت جو احساس شدت سان ٿيو هو ته – محبت واقعي گونگي به هوندي آهي- مون معلوم ڪري ورتو ته محبت عاقل به هوندي آهي – ته دانا ۽ ديواني به هوندي آهي – ته وري مست مست ملنگ به – ٻئي شيون سندس قائدي ۾ هونديون آهن – يعني ٿورن لفظن ۾ چئجي ته مرڻ ۽ مارڻ، جيئڻ ۽ جيارڻ – بلڪه ڪڏهن خدا ته ڪڏهن خلق آهي- ۽ ڪڏهن ته ٻنهي کان مٿي ۽ پوءِ ٻنهي جي وچ ۾ خود کيڏڻ لڳندي آهي – انهيءَ کان به ڏکي ته پوءِ نه خالق سمجهي نه خلق.
خير مون ته هروقت محبت کي عورت جي فطرت ۾ سمايل محسوس ڪيو- مون کي يقين ٿيو ته – عورت ۾ محبت جا مڪمل گُر سمايل رهن ٿا.
پر توکي ته پوءِ به هزارن مان ڪا هڪ عورت سمجهيو هئم – هونئن به محبت ۾ اوڳڻ عيب ڏسڻ واري نظر جو ته وجود ئي نه هوندو آهي- پر توکي ته شايد مشڪ جو غسل ڏئي پنهنجي پيار پوتر بڻائي وڌو هو- جنهن مون کي مرغوب بڻائي رکيو هو- ۽ مان شايد اُپمان ڪري ويٺس.
محبت ۾ عشق جي بخار واري ڪيفيت به ڪا عجيب رهندي آهي-
زبان هر وقت خشڪ،
اکيون آليون ۽ نڙيءَ ۾ هرو قت شرابي ذائقو،
ماڻهو نه چريو نه سياڻو، سڄي جهان کان مختلف!
جيون جي چُرپُر ڪڏهن سرد ميت، ته ڪڏهن ڌڳندڙ اڱار!
دل جون سٽون هينئون پاڙان پَٽڻ لڳنديون آهن!
ننڊ جي ديوي اکين کان رُسيو، خيالن ۾ وڃائجو وڃي!
خيالن جو اهڙو آئينو ٺهيو پوي- جنهن ۾ ديوانگيءَ جا ٽهڪ- گونجندي صاف نظر ايندا آهن-، جيڪي دل تي روهندڙا پائي – دل تان تازي خون جا ڍُڪ ڀري شانت ٿي ويندا آهن!- ته ڪڏهن وري تنهائيءَ جو هنگامو بڻجي- شهوتي جذبن کان مفرور ڪيو ڇڏن!
من جي قبر مان نڪرندڙ تپش- دونهون بڻجي اکين اڳيان نظرن جون گهٽائون بڻجيو پون- جيڪي اکين تي ابر چاڙهي- اوڻٽيهه جهڙي اونداهه تاريڪي ڇانئيو ڇڏن!
وقت جي رفتار- مئل تصور ٿيندي آهي!
زندگي ننڊ کي يرغمال ڪريو ڇڏي!
اکين ۾ بيٺل پاڻيءَ جا چشما- اُداس خيالن جا ڌڻ پيو- کپايو ڇڏن!
دل جي ڌڙڪن- قدرتي آواز کان وڌيڪ پڙاڏا ڪندي آهي.
گلي جو آواز محبوبن اڳيان- بيهوش ٿي پوندو آهي! جسم بي ستو، بيڪار ۽ سست رهندو آهي!
بدن هلڪي بخار ۾ اڪڙجي پوي ٿو- ۽ ان بخار جي سوزش اندر جي آتما کي ستائش ۾ وجهي- شعور سان لاڳاپيل روح جون نسون به وڍيو ڇڏن!
تنهنجو ته وري نانءُ به آسا!
صبح جي راڳڻي ۽ عصر جي صدا،ٰ
منهنجي دل جي نظر- تنهنجي گهڻ ڪنڊائين شخصيت جي گهيري سان- سڌيءَ طرح ڳنڍيل هئي- پر هڪ دفعو به ڪنهن- چور نظر سان ڏٺو ته سو به صدمجي پيو- تنهنجين اکين ۾ اڏيل شامياني مان آسائش ڪنهن کي حاصل نه ٿي -؟ مون کي ته سندن ڪائناتي منظر ۾ هميشه لاءِ اهڙي ڪا ننڊ اچي وئي هئي – جنهن ۾ ڪجهه گهڙيون اکين جي جاڳتا واري جوت به – ڪنهن سپني جو سمو لڳندو هو!
جنهن وقت تو ڊائريءَ ۾ لکيو هو ته، ”چڱو هاڻ اشارن سان ڳالهاءِ.“ تنهن وقت تو پنهنجي کل کائي ختم ڪري – سانت ۾ اچي سنجيده ٿي هئينءَ – ته مون لکيو هو، ”اهڙي گونگ ٻوڙ واري گت کيڏيندي مان خود کي پنهنجي کل کان روڪي ئي نه سگهندس.“
تڏهن تو لکيو هو، ”خود تي قابو پائڻ- محبت ۾ اول شرط آهي- باقي لاف زني ته لکين آهن- پوءِ تون خود پريمي ڪيئن پيو سڏائين- جڏهن تون خود تي پاءِ نه سگهيو آهين. پنهنجن خيالن تي ڪنٽرول ڪري- نه انهن سان صلح ڪري سگهيو آهين- نه انهن کي مڃائي سگهيو آهين ۽ نه سندن اشارن سان سهمت آهين- لڳي ٿو- توتي محبت کان وڌيڪ- صحبت جو رنگ چڙهندو آهي؟“
تو جنهن گهرائيءَ ۾ ٽُٻي هڻي لکيو هو- ان مان توتي به ته ڪو اثر نه هو- شايد اهو ڪو ٻُڌل خيال لکيو هيئي. خيالن جو هٿن جي اشارن سان اظهار- ۽ محبت ۽ صحبت جي الڳ، الڳ انفرادي اهميت ۽ اثر!- تون شايد انهن جو هڪٻئي کان الڳ رهي به- سندن زندههه رهڻ واري پهلوءَ سان سهمت هئينءَ- پر مان خيالن جو اشارن سان اظهار ڪرڻ کي- محبت ۾ علالت کانسواءِ ٻيو ڪو درجو ڏئي نه پئي سگهيس ۽ صحبت جو محبت کان الڳ زندهه رهڻ، سمجهڻ يا رکڻ کي به مان ايئن پيو سمجهان- جيئن طبيعت مان صحت کي خارج ڪري ڇڏڻ- اهو سوچي مون لکيو هو، ”محبت کي صحبت کان ۽ طبيعت کي صحت کان الڳ ڪري- خيالن کي- چرين جيان- هٿ اشارن سان ڳالهرائڻ- تون ڪڏهن کان سکي آهين؟“
تو جواب ۾ لکيو هو، ”هاڻ تون منهنجي تربيت پذيريءَ کان به اڻڄاڻائيءَ جو اظهار پيو ڪرين- تون پنهنجا خيال هٿن جي ٻوليءَ ۾، اشارن سان نٿو ڳالهائي سگهين ته پوءِ هاڻ هڪٻئي سان اکيون پوري زباني ٿا ڳالهايون!“
تو ته خودکي تربيت پذير لکيو هو- پر محبت جي موضوع ۾ تربيت پذير ته اڃان مان هئس- محبت ڪيئن ٿي ڳالهاء، ٻُڌاءِ ۽ ڇا ٿي ٻُڌي، ٻڌائي؟ ڪهڙيءَ نظر سان ڏسي ۽ ڏيکاري ٿي- ۽ ڪيڏانهن کڻي، وٺي ٿي وڃي؟- سڀ ڳالهيون تنهنجي پُٺ لڳي- سکڻ، ڪرڻ لڳو هئس-
محبت ۾ زندگيءَ جي ڊوڙ جا پيچرا- اڙهانگا ڪيڏا هوندا آهن، انهن جي ڪٿ ڪرڻ به منهنجي وس نه هئي.
زندگيءَ کي يقين سان جيئارڻ ۽ اعتماد سان جيئڻ واري خيال ئي- منهنجيءَ دل کي گهائل ڪري- سندس زخمن تي زهر- اُڇليندو رهيو.
تڏهن به خود کي مضبوط ئي رکيم- ڪيتريون ئي چؤماسيءَ واريون هوائون- دل جي باغبانيءَ ۾ گهُلي ويون- پر من تي موري ايندر محبت واري نفيس وڻ کي- هر لحس ۽ لوساٽ کان محفوظ رکيم- ۽ جن خواهشن سندس ساڀيا تي بُرو اثر پئي ڇڏيو- تن کي روح جي لحد ۾ لاهي لتاڙي دفن ڪري پئي ڇڏيم.
محبت جي وڻ کي جن سورن سان سانڍي وڏو ڪيو هئم- سو قدآور ٿي چڪو هو- پر زماني کيس ڌوڻائي ڏئي- سندس پڪل ڇُڳ هيٺ ڪيرائي سندس ميووي جو داڻو، داڻو زخمي ڪري وڌو هو.
منهنجي مغز تي اهڙي اذيت واري چٿ- منهنجين اکين کي هميشه اشڪ آلوده رکيو- دماغ ڪڏهن برف جي ڳنڍ جهڙو ٿي پئي پيو ته ڪڏهن جهڙو ڪپهه جو پهه-
موسمون ڪڏهن بي جان ۽ خاموش محسوس ٿيڻ لڳيون ته ڪڏهن گستاخ ۽ هُل هنگامي واري شورش سان برپا- خبر نه پئي رهيم ته، موت مُندن کي پيو ڳولي يا مونکيٰ!
وحشت جا دؤرا هئا!
ڪڏهن ڏس ته، غشو پيو تاري ٿئي- ته ڪڏهن دماغ آسماني ڇت ۾ لڙڪيل-
اندر جي کل به جهڙي کوکلي!
محبت جي جستجوءَ ۾ خود کي وڃائي ويهڻ- پوءِ وري خود کي ڳولي لهڻ- ڪيڏي نه جفاڪش ۽ روڳي محنت هوندي آهي!
پر جڏهن پاڻ پنهنجي ڳولا- واري سفر ۾- ڪنهن اهڙي مسافر سان به ميل ٿيندو هجي- جيڪو پڻ پاڻ وڃائي وري پنهنجي تلاش ۾ نڪتل هجي- ۽ ان سان ڪائي ڏيٺ- شناسائي نه هجي- ته ان کان ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ ريت منزل جو دڳ، پتو پڇجي؟- مسافر ته بس مسافريءَ جي وندر هوندو آهي. سو ويچارو ڇا ڏيندو، ڏَسيندو ۽ ڇا ڏسندو، ڏيکاريندو- سڄو جهان پنهنجي مسافريءَ ۾ ٿڪي، جهُري ۽ ٽُٽي، ڀڄي جهڙو مئي جي مثال ٿي پيو آهي- پوءِ تنهنجو چوڻ برابر درست هو ته، اکيون پوري ڳالهائڻ گهرجي- پر مون کي ته اها خبربه نه پئي رهي ته- سيکائڻ وارو- سکڻ واري کان ئي پيو سکي يا سڀئي اڳواٽ ڪجهه نه ڪجهه سکيل آهيون-؟
سکڻ واري ته- سيکائڻ واري جي خيالن کي هميشه شڪتي پئي عطا ڪئي آهي- پر سکڻ وارو به اهو- جيڪو پنهنجي دم شناسيءَ سان گڏوگڏ پنهنجو پاڻ محرم دل به هجي-
پنهنجي خيالن جي پروازن کي- دل جي نظر کان اوجهل نه ڪندو هجي!
ٻئي اکيون ڪڍي وٺجنس- تڏهن به پنهنجي محبوب جي تصوير پنهنجي دل جي ڪوري ڪاغذ تي- ايئن Point ڪندو هجي- جيئن ڪو نابينا پنهنجي وات کي ماني گرهه ڏيندو آهي! زبان پاڙان پٽي وٺجيس، ته به لفظ محبت روان اُچاريندو هجي!
پوءِ- تنهنجو چوڻ درست هو ته- پنهنجن خيالن کي هٿ، اشارن جي ٻوليءَ ۾ ڳالهائڻ گهرجي!
جسم جا هڏ سڀ ڦوڙي ڇڏجنس.
ميڃالو حمام دستي ۾ وجهي- کرڙي گوريون ٺاهي کائي ڇڏجي! سندس رت، پت سان حمام دستو ڌوئي صاف ڪجي!،
نسن مان نوڙيون وٽي- ڪاٺيرن کي وڪڻي ڏجن،
چمڙي ۽ چرٻيءَ مان- بجليءَ جي بلبن جا ڍڪڻا ٺاهجن، وار فضا ۾ اُڏائي ڇڏجنس!،
باقي بچندو هجيس گوشت- سو سندس جيءُ واري قبر جي خورڪ لاءِ ڪافي هجي- ته پوءِ سندس آدرش، اُميدون سڀ بي مقصد ۽ بنا نقطي هونديون ۽ چاهتائن جي اُمنگ به تمام خاموش هوندس-
پوءِ بلڪل چئي سگهجي پيو ته سندس لاءِ بنا نقطي لفظ لکي- سمجهي سگهجن پيا!- جيڪي بي مقصد، گونگا، ڪمزور، اڌ مئل ۽ خاموش به شايد رهن پر اهي سڀ مذڪور ۽ مرض اڄ جي پريم روڳيءَ ۾ به هوندا ليڪن تنهنجي نظر ۾ اهو صرف مان ئي هئس- جنهن کي تو ڪجهه سيکارڻ جي بدلي، ڪافي ڪجهه ان مان سکي ورتو هو-
ها! شايد منهنجو روڳ، تنهنجي ڀوڳ جي ڀرم سان سخت پيڙا به سهندو رهيو هو.
پر سو ڪهڙو ڀوڳ هو- جنهن ۾ اکيون ڀيڄ ڀنيءَ جي ڀوڳنا ۾ رهيون- ڪڏهن وسڻ جا ويس، ته ڪڏهن دارونءَ جيان دُکڻ لڳيون- ڪڏهن ستارن کان به اڃان اڳتي پئي ڏٺائون ته ڪڏهن اُپٽڻ سان ئي انڌيون!
ها! شايد هي دردن جو ديس آهي، تڏهن!- جتي صبح جي راڳڻيءَ ۾ به، مرثيا ۽ شام جي پهر ۾ قصيدا ڳايا ويندا آهن.
هتي سُک جا سلا ته، سڀ ڍورن لتاڙي ڇڏيا!- هڪ سير اٽي ڪاڻ به – جسمن جي وڪري لاءِ پڙيون لڳن ٿيون.
جسم وڪجي، وڪجي پوڙها ٿي ويا!
هڪڙا وٺي ٿا وڃن- اهي ٻه ڏينهن سندن گوشت ڪُٽي- سودو واپس ڪيو وڃن- ته وري ٻيا وٺندڙ قيمت ڪيرايو وٺن- جسم ان ڪُٽ ڪٽان ۾ پنهنجي شوخي وڃائي- لولها ۽ لڙڪڻا ٿيندا وڃن- پر گيدي گراهڪن جي ڀرمار نه کُٽي!-
جسم تمام ڪمزور، ڪميڻا، بي پهچ، مريض ۽ موڳا بڻجي پيا هِن!
جنهن ديس ۾ زندهه مُردن جي غيرت جو عام وڪرو ٿيندو هجي، ته صبح جي راڳڻيءَ ۾- آسا راڳڻيءَ جي بجاءِ- مرثيا خواني ڪرڻ ۽ قصيدا گوئيءَ وارو ويراڳ وڏو ڪو نيڪيءَ وارو ڪم چيو ويندو هوندو-
تو ته خبر ناهي الاءِ ڪهڙا خاموش لفظ پئي چيا – مان ته اهڙن خاموش خود زبان عضون تي وڃي نڪتو هئس- جيڪي پنهنجي اوگهڙ واري خاموش دهشت سان- پنهنجن پرستارن جا ڪپڙا به لاهيو ڇڏن!
جڏهن تو لکيو هو ته اکيون پوري ٿا ڳالهايون- ته اهڙي ڀوڳ مان- مان ايئن سمجهڻ لڳو هئس- ته جنهن ديس ۾ انڌو نظام اَڏيل هجي-
سچ جي بدلي خاموشيءَ کي اهميت هجي!
هر مصيبت کي ماٺ سان منهن ڏبو هجي!،
بک، بيروزگاريءَ جي مرض مرندڙ قومي دوستن، قريبن ۽ احبابن کي اکيون پوري دفن ڪندو رهجي!
۽ زندگي هر اذيت ۽ آزار ۾ هوندي به- اکيون پوري وقت گذارڻ- ان ديس لاءِ واقعي وڏي ڪا ناماچاري ۽ نعمت هوندي!
پر تنهنجي زندگيءَ مان سکڻ لاءِ- مليل حصي، پتيءَ وارو وقت به مون ايئن پئي سمجهيو- ته حياتيءَ ورو اهو لمهو ڄڻ ڪنهن نادار جو- نادار کان کسي- مون کي ڏنو ويو هجي.
جڏهن تنهنجي ڪنهن سخت فيصلي ۽ غلط سوچ تي منهنجو خون جوش کائي- ذهن کي ڀڙڪائيندو هو- تڏهن ايئن لڳندو هئم ته- مون ۾ ساهه به شايد- ڪنهن بيگناهه ماريل ڌاڙيل جو وڌو ويو آهي!
ڪنهن، ڪنهن مهل- تو شايد مون کي صحيح پئي سڃاتو هو- انهيءَ ڪري اونداهي دؤر ۽ انڌي نظام ۾ زندگي جيئارڻ لاءِ- اکيون پوري ڳالهائڻ وارو درس ڏيندي هئينءَ. اکيون پوري ڳالهائڻ سان شايد- خواهشون به سڀ مري ٿيون وڃن ۽ ماڻهو بغاوتن کان ڇُٽي پوي ٿو- ذهن جو خيالن سان به صلح ٿيو پوي- ۽ لفظ به جملن جي حڪمن هيٺ رهن ٿا-!
اهڙيءَ طرح خاموش رهي- سڀ ڪجهه وساري- شايد هڪ داناءَ ۽ وڏو ناول نويس به ٿي پيو سگهجي!!
جنهن ديس ۾ بي ايمانيءَ سان مقدر ٺهندا هجن ۽ سچائين سان نصيب جو ٻيڙو ٻُڏندو هجي ته ان ديس ۾ هي اڄ ڪلهه گيهه ۽ پاڻيءَ جي بدلي رت سان پچايل ماني کاڌي ۾ ڪيتري نه خوش ذائقه هوندي!
کائي بچائي شهر جي گهٽين ۾- اُڇلايل اهڙو کاڌو، رول ڪُتا کائي- پنهنجي وفا جي بدلي- پاڳل به تڏهن شايد ٿي پيا آهن!
تون به منهنجون اکيون مون کي پورائي پيار جي بدلي اهڙو کاڌو کارائڻ پئي سيکاريو – جنهن ۾ وفائن جي بدلي رڳو چريائپ ۽ جفائون!
پر مان جو نادان هيس – ڪجهه سکڻ ۽ سمجهڻ جي بجاءِ- صرف ڪنهن افسانه نگار جي حيثيت سان اهڙي ناول تي لکڻ جي خواهش سانڍي ويٺس- جنهن جي پڙهڻ کانپوءِ- منهنجا نوان دوست- عورت جو لسو بدن چَٽڻ شروع ڪري ڏين!
ماءُ جي پيٽان نڪرڻ سان ئي ڪنهن روڳ ۾ رڙي پيو هئس. شايد پنهنجي ديس ۾ ڪائي بک نظر آئي هئم- يا الاءِ ته پنهنجي دانائيءَ جي بک هئم يا ڪنهن پيار ۽ پرچاءُ جي ڪمي!- جنهن ڪري ناول کي هڪ خوبصورت زندگيءَ جي باب جو نانءُ ڏئي- کيس استعارن، ڪناين ۽ تشبيهه جي خيالن ۾ اُچارڻ پئي چاهيم!
محبت جي بک هئي ته- توکي چميون ڏئي- پنهنجو هينئون ڀريندو رهيس- پر اڃان به ڪا بک هئم-! جيڪا سمجهي نه سگهيو هئس! شايد غيرت جي بک هئم!
سا به شايد اکيون پورڻ سان لهي ويندي آهي!- ۽ ماڻهو هر جنجٽ مان به واندو ٿي پوندو آهي!
پر هتي هن ديس ۾- شايد ادب ۾ رومانس کي وڌيڪ اهميت رهي آهي-!
قوم، ٻولي، سياست، فلسفي ۽ غيرت سان سنڌي ناول جو تعلق به ڪهڙو!
مان به ته سياست کان الڳ رهي- خود کي ادب سان واڳي- اديب سڏائي صرف ادب جي پرچار ۾ هئس!
پوءِ تو مون سان اهڙا غيرت باز ڀوڳ ڪيئن پئي کيڏيا؟ ڪيڏو منجهائي وجهندي هئينءَ پنهنجي هر گفتار ۽ شگفته ادا ۾. تنهنجا قاتل ابرو منهنجو هينئون ڪباب ڪري، ڪيئن نه منهنجي غيرت جي مقتل گاهه بڻجي پيا هئا-
ڪيڏي نه آسوده حاڪميت هئي تنهنجي- ڪيتري لذت هئي ان ۾، جنهن منهنجي معذور ۽ بي غيرت خيالن کي چٿي- خاموشيءَ جو عرق پياريو هو-
منهنجي هر ڪمزوريءَ جو جڏهن ذڪر ڇڙندو- تڏهن تون الاءِ پنهنجي ڪهڙي نيت سان سندن آڌر ڀاءُ ڪندينءَ؟ مان ته پنهنجي خوديءَ تي به رحم کائيندو رهيس- توسان سنگدلي ڪرڻ ته اڃان به ڏکيو ڪم هو!
هاڻ به جڏهن منهنجي غيرت جي ڳالهه ڪئي ويندي – تڏهن به تون شايد منهنجي رواجي شرم تي – پنهنجي اظهار ۾ خاموشي اختيار ڪندينءَ!
ڪيڏو مزو ٿيندو؟
جڏهن منهنجي غيرت جا ذڪر ٿيندا ته مون جهڙا رومانس ۾ راتيون گنوائيندڙ- ان وقت ٻيا سيکڙاٽ اديب به موجود هوندا!- اُن وقت ڪنهن کي مزو نه به اچي- پر ڪا انانيت ضرور لطف اندوز ٿيندي.
انهيءَ رات جنهن مهل تو لکيو هو، ”هاڻ اکيون پوري ٿا ڳالهايون.“ ان کان پوءِ به گهڻي رات تائين- اهڙي ڪاميڊين گفتگوءَ ۾ محو هئاسين- شايد ڊائريءَ جو به گهڻو حصو لکي ويٺا هئاسين- تو مذاق، مذاق ۾ وري به اقرار جو ذڪر شروع ڪيو هو-
منهنجو منهن آڪڙجي پيو هو- پر توکي پوءِ به مزو ٿي آيو- منهنجو چٻرو pose ته هونئن به توکي وڻندو هو!
اقرار جي شخصيت ۽ تشخيص ڇا هئي؟
سماج ۾ سندس ڪردار ڪهڙو رهيو هو!؟- مان کانئس پوريءَ طرح واقف هئس- ڪنهن جي ماضي يا مستقبل لاءِ- ڪا غيبت، ڪا دعويٰ يا دم شڪني ڪرڻ ته منهنجو اُصول ۽ عادت نه هئي- نه ئي ڪنهن کي ڳولي سندس عيبن جا ڦوٽو ڪڍڻ منهنجي مشغولي هئي. پر هو منهنجو ڪلاس ميٽ رهيو هو- مان سندس ماضيءَ کي تمام ويجهو رهيو، گذريو هئس.
هاءِ اسڪول واري زندگيءَ جي ڏينهن ۾ هو ڪچو تماڪ ڦڪي- کائيندو هو- ۽ وقتي طور عام ماڻهوءَ کان نسوار به وٺي کائيندو هو. هو هڪ امير پيءُ جو پٽ ضرور هو- پر سندس پورو خاندان سادگي پسند ۽ اجائي ڏيکاءُ کي ناپسند ڪندڙ هو-
زندگيءَ جي جنهن اسٽيج تي اچي- هن توسان گهرو لاڳاپو جوڙيو هو- انهن ڏينهن به ٺرو، ٽنچر ڪپي ۽ سوسيگان انجيڪشن وغيره سندس روز جو ڊوز بڻيل هو- ڪجهه نه هئڻ يا ملڻ جي حالت ۾ پيٽرول به سونگهيندو هو ۽ اسپريٽ به پيئندو هو- جن ڏينهن هيروئن پيئندو هو- تڏهن علاج لاءِ ته ڪو وقت اسپتال جي حوالي هو! هن پنهنجي نوجوان زال کي طلاق به پنهنجن اهڙين ڪريل ۽ ڪرپٽ عادتن جي هدايتن تان ڏني هئي.
شاديءَ کي اڃا 9 مهينا مس گذريا هئا – پنهنجي ونيءَ کي واندو ڪري سندس اباڻي گهر موڪلي ڇڏيائين.
اتفاق سان اقرار به تو جيئان مائٽن جو اڪيلو اولاد هو- ڪيترا ڀيرا سندس پيءُ مون سان رت جا ڳوڙها رُنو هو- پر بدنصيبيءَ سان- اسان سندس دوست- ڪافي ڪوششن کانپوءِ به کيس ڪنهن درست راهه تي آڻي نه سگهياسين-
هن خود کي نشن ۽ گندين عادتن جي ڪري- پنهنجي بهترين پيءُ کي ڄڻ ته جيئري ئي موت جو ذائقو چکائي ڇڏيو هو-
سندس ذهن ته واقعي بهترين ۽ ڪمال جو هو- پر سندس عادتون گڏهه کان به ڪريل هيون-
سندس ٻنهي هٿن ۾ آڱريون ته ڏهه ئي هيون- پوءِ به تقريبن هو هر شيءِ کي ٻن آڱرين سان پڪڙيندو هو- هڪ آڱوٺو ۽ ٻيءَ ڏسڻي آڱر سان!
مون نه پئي چاهيو ته – اهڙو ڪريل ماڻهو- جيڪو پنهنجن مائٽن کي عزت، سک ۽ سلامتي ڏيڻ جي بجاءِ جيئري ئي ماري چڪو آهي- سو توکي پنهنجي چالبازيءَ سان- يرغمال بڻائي وٺي ۽ تنهنجي دل رنجائي.
توسان گڏ جنهن وقت به مون کيس ڏٺو- ته الاءِ ڇو منهنجي نراڙ تي پگهر تري ايندو هو-
تنهنجي پهلو به پهلو هن جي رهڻ سان- مون کي خوف ٿي پوندو هو ته- ڪٿي سندس ڇتپڻ واري گگ توکي نه لڳي پوي، پر سندس چالاڪين ۽ اٽڪل بازين کي مون – جڏهن به توسان خفگيءَ جو اظهار پئي ڪيو ته تو ان کي- منهنجو بغز ۽ ڪينو تصور ڪري- مذاقن ۾ مون تي ٺٺول ڪرڻ شروع ڪري ڏيندي هئينءَ- ۽ مان تنهنجي رويي کي تنهنجي ڪم عقليءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه نه سمجهندو هئس.
تون اقرار کي پنهنجي خوش دل سان- وڏي عزت ڏيندي هئينءَ پر هن خود کي توکان لڪائي- پنهنجي ٻهروپيءَ صورت کي ڪوڙ جي چادر ۾ ڍڪي رکيو هو.
هن اها، اهڙي چند ڏينهن جي دل لڳيءَ واري راند- ڪهڙي نوجوان ۽ ڪنواري ڇوڪريءَ سا نه کيڏي هئي؟
هڪ ڀيري ته هن- سندس، پنهنجي ئي گهر جو رڌ پچاءُ ڪندڙ نوجوان غريب مهاڻي ڇوڪريءَ کي به پنهنجي اهڙي چال ۾ ڦاسائي ان سان پنهنجي شهوتي هوس واري باهه هلڪي ڪئي هئائين- ٻُڌڻ ۾ آيو هو ته ان ڪنواري ڇوڪريءَ کي حمل ٿي پيو هو- ۽ پوءِ ويم جي ڪيس ۾ وفات ڪري وئي.
منهنجي اها ئي نيت هئي ته- سندس گندين حرڪتن ۽ چاپلوس عادتن کان توکي واقف ڪري ڇڏيان- پر تو سندس خلاف ڪجهه به ٻُڌڻ گوارا نه پئي ڪيو هو-
هن جڏهن راتين جي وقت تو وٽ گهڻو اچڻ شروع ڪيو هو- تڏهن مان سندس من ۾ لڪل گندي ڪردار کان گهڻو خائف ٿي پيو هئس- مون نه پئي چاهيو ته- رات جي وقت توسان گهر ۾ اڪيلو ملڻ ڏجي- پر هو اهڙي موقعي مهل جي تاڙ ۾ رهندو هو.
هن پنهنجون بي ايمان نيت واريون چور نظرون- تو وٽ هر ايندڙ ۽ ويندڙ دوست ۾ چڱيءَ طرح سان چورائي پئي رکيون. ڪيترا ڀيرا ته اهڙي نيت سان- هو شام ۽ رات وارو وقت بدلائي بدلائي به آيو- پر جيڏي مهل به ايندو هو- ته اڪثر مون کي تو وٽ ويٺل ڏسندو هو- مون کي هو پنهنجي بري مقصد جي رڪاوٽ سمجهي چڪو هو- تنهن ڪري مون سان چڱيءَ طرح ملڻ ۽ ڳالهائڻ به پنهنجو بدلائي ڇڏيو هئائين- هن کي مون سان پنهنجي لڪل نيت جو اظهار ڪرڻ جيتري جرئت شايد نه هئي ۽ نه وري مون به ساڻس اهڙي قسم جو اظهار ڪري- کيس ان معاملي ۾ وڌيڪ وٿي ڏيڻ پئي چاهي.
انهيءَ رات جڏهن اقرار جو وري ذڪر شروع ڪيو هيئي ته ان وقت مون توکي چيو هو، ”آسا! اقرار مان مون کي تنهنجي لاءِ چڱائي نظر نٿي اچي-!“
تڏهن تو چيو هو ته، ”فتاح! اصل ۾ ماڻهوءَ جي پنهنجي من ۾ ڪا برائي نه هوندي آهي- ته دنيا جي ڪنهن به ماڻهوءَ مان هرو ڀرو برائي نظر نه ايندي آهي- ڪٿي تنهنجي نيت ۾ ته خلل نه آهي؟“
تو اهڙي غلط ڳالهه ڪري- ڄڻ منهنجي دل کي ٿُڪ اُڇلي هنئي هئي- سچ، پچ ته ان وقت منهنجي معذور جذبي ۾ به جوش جاڳي پيو هو. هوش وڃائي خود کي برو سمجهي ويٺو هئس ۽ جذبات ۾ اچي مون پنهنجو پاڻ سان اهو فيصلو ڪري ورتو هو ته- ٺيڪ آهي ڪجهه راتين لاءِ اقرار کي آسا وٽ اڪيلو ڇڏبو.
پر جڏهن جوش ٺريو- رقيبن جي جاڳايل غيرت سُتي- ۽ هوش ۾ آيم ته- پوءِ وري سمجهيم ته- مان اها چريائي پيو ڪريان- اهو مون انهيءَ خيال سان سوچيو هو ته- تو وٽ گهر ۾- سواءِ تنهنجي مائٽاڻي ملازم ڪا ڪا صالح کانسواءِ ٻيو ڪوئي اهڙو ماڻهوموجود نه رهندو هو- جيڪو ڪنهن ڏکيءَ مهل ۾ توکي ڪوئي سگهارو ڪم ڏئي سگهي ها.
پنهنجو فيصلو پنهنجي دل ئي دل ۾ رکندي مون چيو هو، ”آسا! منهنجي نيت جي خلل توکي نقصان ڪونه ڏيندي- پر آسا دنيا ۾ برائي پنهنجي جڳهه تي- پنهنجو وجود قائم ته رکي ٿي نه؟“
”ها، بلڪل پر ان کي پنهنجا الڳ ماحول ميسر آهن- انسانيت جي مقام تي برائيءَ جو اچڻ- ناممڪن آهي فتاح!“
تو ته پنهنجي اخلاق جي ڳالهه ڪئي هئي- ڪيڏو ڀروسو هيئي دنيا تي- تون ته ڄڻ ڪولين جي کاڌي خوراڪ لاءِ به- پوري سال جو بندوبست الڳ رکندي هئينءَ.
برائيءَ جي ته سڃاڻپ ئي چڱائي هوندي آهي- چڱائي نه هجي ته برائي ڪير لڀيندو- پر تو پنهنجي معصوم دانائيءَ کان دوکو کائي- برائيءَ جو اصل روپ ڪڏهن نه ڏٺو- نه برائي اڃان توکي ڇهي به سگهي هئي- تو ته برائيءَ کي دعوت ئي هاڻ پئي ڏني- سو توکي ڪيئن چئي سگهان ها ته- برن ۽ براين کي- سرور ايندو ئي انسانيت جي بلند مقام تي آهي- پر پوءِ به آخر مجبور ٿي توکي اهو چوڻو پيو ته، ”تڏهن به آسا- اقرار جو خيال رکڻ تنهنجي لاءِ ضروري آهي؟“
پوءِ به تون پنهنجي هوڏ تي قائم هئينءَ- ۽ تو منهنجي ان نيڪ نيت مشوري کي بلڪل ننديو هو- توکي منهنجي اهڙي صلاح ڏاڍي ڏکي لڳي هئي- ۽ تو صرف گيٽ آئوٽ جا لفظ پنهنجي زبان سان نه اُچاريا هئا- باقي اڻ سڌيءَ طرح تون سڀ ڪجهه چئي چڪي هئينءَ.
پنهنجي ڏکندڙ دل وقت- مون کي تنهنجي والد مرحوم جا اهي لفظ ياد پيا- جڏهن سندس زندگيءَ جي پوين ڏينهن ۾ سندس سخت علالت دوران مان ان جي تيمارداري ڪندو هئس- انهن ڏينهن هن مرحوم چيو هو ته، ”فتاح آسا ۾ اها ٻاراڻي موجود ڏسين پيو- اڇي مٿي تائين سندس ذهني طبيعت به اهڙي جي اهڙي رهندي- خبر ناهي ته- ڪهڙي خيال سان سوچي- هن تنهنجي بابت- مون کي ايئن چيو هو- ۽ واقعي به تنهنجو شخصي مزاج عجيب هو- بُرن کي بري نظر سان- تو ڪڏهن به نه ڏٺو هو- ته پوءِ تون شيطان نيتون سڃاڻي به ڪيئن سگهين ها- جيڪي عورت جي ڪنواري ڪُک کي- پنهنجي ڪڙهيل ڪني رت جي ڦُڙن سان ناپاڪ ڪندا آهن.
مون ان وقت ڪوشش پئي ڪئي ته- جذبات ۾ اچي توسان ڪنهن ذاتي اختلاف واري پهلوءَ تي- اهڙو ڪو جملو نه ڳالهائي ويهان- جو تنهنجي ڪا رنجش پيدا ٿي پوي پر تنهنجي رويي مان ايئن ئي ٿيو- جنهن جو مون کي اُلڪو هو. تو اقرار جي سياسي ڪردار تي ڳالهائيندي چيو هو، ”توکان وڌيڪ ته آزاديءَ جو متوالو اقرار آهي فتاح! هو جڏهن سياست تي ڳالهائيندو آهي- ته تو جيئان ادب جو سهارو وٺي- نه ڪنهن حقيقت کي رومال ۾ ويڙهي پيش ٿو ڪري- ۽ نه کوکلي لٻاڙ ٿو هڻي.“
تو هن کي آزاديءَ جي معاملي ۾ الاءِ ڪيستائين پرکيو هو. شخصي آزاديءَ جي ڌن ته هر ماڻهوءَ ۾ رهندي آهي. اقرار به اهڙي شخصي آزاديءَ واري ڌن جو فنڪار هو- هو شخصي آزاديءَ جو فنڪار ۽ مان انسانيت جي آزادي جو پرچاري- ڪيترو وڏو اختلاف هو- اسان جي عملي نظرين ۾.
هن ته صرف اهڙي آزادي پئي چاهي- جنهن ۾ هو تو جهڙين- سُندر نارين جا ريشمي بدن سڪون سان ڇهي سگهي- ۽ مون اهڙي آزادي پئي چاهي- جنهن ۾ غلامي پنهنجي موت کي پاڻ بونڊا ڏئي- پنهنجي موت پاڻ مري پوي.
اسان وٽ ته هونئن به نر ۽ ناري ٻئي شخصي آزاديءَ جا مريض بڻجي رهيل آهن. شايد توکي به اهڙي بيماريءَ جو اثر ٿي پيو هو. هو ته اهڙي نفسيات جو اڳ ئي ماهر هو، جنهن توکي نفسياتي پهلوءَ کان مطمئن ڪري ڇڏيو هو- ۽ توکي پنهنجي مهارت سان سوگهو ڪري ورتو هئائين-
جڏهن سندس نادانيت جي اوگهڙ ڪندي مون چيو هو، ”آسا! تون اقرار کي نه سمجهي سگهي آهين- هن جي اندر جيڪي شيطان ويٺل آهن، تن سان هو- پنهنجي پياري خدا کان وڌيڪ پيار ڪندو آهي- ۽ تون ان کان اڻڄاڻ توڙي بي فڪر آهين- توکي هن بدمست بڻائي رکيو آهي.“
وڌيڪ اڃان ڪجهه چوڻ کان- مون کي روڪي ڇڏيو هيئي- جيترو به چيم، تنهن توکي وڏي ڪا تڪليف رسائي هئي.
تو هڪ اهڙي ماڻهوءَ لاءِ پنهنجو جيءُ ڏکندو محسوس ڪيو هو- جنهن تماڪ ۽ اسپريٽ جهڙا ڪيميڪل (Chemicals) واپرائي پنهنجي اندر واري انسان کي بي ضمير بڻائي ڇڏيو هو. بنيادي طرح هو هم جنس پرستي، شهوت پرستي ۽ استحصالي نظام جو حامي ۽ باغيانه نظريات جو دشمن هو- سندس سياسي تربيت به ڀنگ پياڪ موالي اوطاقن جي صحبت واري ٿيل هئي.
ڪيتري کل، مُرڪ ۽ خوش اصلوبيءَ سان خوش بياني ڪندي، ڪندي وري به هڪ نادان شخصيت جي بحث ۾ اچي اٽڪيا هئاسين- جنهن ۾ ڪجهه گهڙين لاءِ ته- پنهنجو قرب ۽ حوصلو به وڃائي ويٺا هئاسين.
تو ته تقريبن پنهنجي محبت جو ماضي قريب به وساريندي چيو هو، ”فتاح تو اڄ ڏاڍو گند ڪيو آهي. مون کي تنهنجي اخلاق مان ته اهڙي اميد هرگز نه هئي- ته ڪو تون پنهنجي وڏائيءَ ۾ اچي- پنهنجون ٻئي اکيون پوري ڇڏيندو آهين.“
ڪجهه دير خاموش رهي- تو منهن ڳاڙهو ڪندي- وري چيو هو، ”تنهنجي ان بيمار گفتگوءَ مان مون کي هاڻ ايئن پيو لڳي ته- شايد اسان مستقبل ۾ هڪٻئي سان نڀائي نه سگهنداسين- اڳتي هلي واسطا اڃان به ڪو خراب رخ ۽ رستو اختيار ڪن- تنهن کان بهتر آهي- ته اسان کي هينئر کان ئي سوچي ڪونه ڪو فيصلو طئي ڪرڻ گهرجي.“
ان وقت توکي وڌيڪ ٻُڌڻ لاءِ- منهنجي ضعيف دل ۾ ايتري قوت ۽ سهپ واري برداشت نه رهي هئي- سو وڙهڻ بجاءِ ڀڄڻ بهتر پئي سمجهيم- تنهنجي سخت لهجي واري گفتگو اڃان جاري هئي- توکي ان جو ڪوئي معتبر جواب ڏيڻ- توسان ان بابت ڳالهائڻ ۽ موڪلائڻ کانسواءِ ئي- پنهنجي هيئين تي هٿ رکي- اُٿي هليو ويو هئس- نه وري پويان تو به ڪو سڏ يا آواز ڏنو هو- جنهن سان ماڻهو پاڻ واپس ورڻ لاءِ اهڙي سهولت سمجهي سوچيندو آهي.
سڀ ڳالهيون روح ۾ رکي هليو اچڻ سان- ان رات منهنجي روح جيڪي ماتم ڪيو هو- ان جو اظهار لفظن ۾ ڪرڻ ته مون کي ڪڏهن نه آيو- باقي ذهن تي جيڪو ڪاڙهو ڪڙهي رهيو هو، ان ته آپگهات کانسواءِ- ٻيو ڪوئي مشورو ئي نه پئي ڏسيو! بدحواسي مون تي حاوي ٿي وئي هئي!
پيئڻ لاءِ ته هڪ پيگ به موجود نه هو- صرف گاسليٽ پيل هو- پر گاسليٽ ۽ تماڪ جهڙا ڪيميڪلس منهنجا کاڌل پيتل نه هئا- نه ته گاسليٽ پنهنجي حلق ۾ اوتي به پنهنجو ذهن خاموش يا بيمار ڪري تنهنجو اهو صدمو وساريان ها. سج اُڀرڻ ۾ به باقي ڪي ڪلاڪ بچيا هئا- پر سو منهنجي لاءِ ته اهو به جهڙو سورن جو ئي پئي اُڀريو!
وقت کي مون سدائين مئل تصور ڪيو- پر ان ڏينهن وارو سج- مون الاءِ ڇو کيس پنهنجي اڳوڻي رفتار کان تڪڙو اُڀرندي محسوس ڪيو-
سج اُڀريو ته گهر به کائڻ لڳو هئم- جنوري مهيني جي 17 سترنهن تاريخ هئي- جيڪا سنڌ جي قوم پرست اڳواڻ سائين جي. ايم سيد جي جنم تاريخ هئي- ۽ سنڌ جي سن شهر ۾ سندس سالگرهه ملهائڻ جو – جشن رچايل هو- مان سندس قومپرست نظريي جو پيروڪارو هئس. دنيا جو هيءُ پهريون انسان هو- جنهن کي اڪيلو ضمير جو قيدي بڻايو ويو هو- اها حسرت رهيل هئم- کيس روبرو ويجهي کان ڪڏهن به ملي نه سگهيو هئس- توکي ٻُڌائي ڇڏيو هئم- ته مان سائين جي ايم سيد جي سالگرهه تي سن ضرور ويندس- ان ڏينهن زندگيءَ جي هڪ بهترين دوست ساڻ سن هليو ويو هئس- ان دوست کي تنهنجي، منهنجي محب تعلقاتن جي به مڪمل خبر هئي- پر مون پنهنجي ان سُٺي دوست کان به- تنهنجي ۽ منهنجي ان اختلاف جو راز به ڇُپائي رکيو هو. انهيءَ ڪري جو تنهنجو هنيل اهو طعنو ته، ”فتاح توکي ماڻهن ۾- پنهنجي محبت جو ذڪر ڇيڙڻ سان- مزو ايندو آهي.“ سو مون کي چڱيءَ طرح سان حفظ ٿيل هو. ان ڪري انهيءَ دوست کان مون- حقيقت لڪائي رکي هئي- پوءِ به منهنجن اوجاڳيل اکين- ۽ ٿڪل منهن جي- لاٿ مان هن محسوس ته گهڻو ڪجهه ڪري ورتو هو.
رُٺل منهن ته پڌرا هوندا آهن- پر مان دل جهلي کيس ڪجهه ٻُڌائي نه سگهيو هئس.
سن مان جڏهن موٽي گهر پهتو هئس ته- گهر وارن کان خبر مليم ته- تون منهنجي ٽي گهمرا پڇا ڪري وئي هئينءَ، حالانڪه تو مون سان وڙهي ته مون کي نه ڪاوڙايو هو- پر محبت ۾ دليون سڀ ڪجهه سمجهڻ جي سگهه به رکنديون آهن- ۽ اڪثر جلد ڪاوڙجي به پونديون آهن.
دنيا ۾ ڏاهو ٿيڻ کان وڌيڪ- شايد ٻيو ڪوبه اهڙو آزار ۽ ڏک ناهي هوندو- جيڪو ماڻهوءَ کي دم، پل ۾- سڀ ڪجهه سمجهائي- ماڻهوءَ جي دل رئاري- دنيا ۾ اڪيلو ڪري ڇڏيندو هجي-!
منهنجي ڏاهپ ۽ ڏک به تنهنجي ناولٽي زندگيءَ مان جنم ورتو.
شاهه لطيف رحه به ڏاهي ٿيڻ واري ڏهاڳ کان ڪا دعا گهري هئي.- پر مان ڪهڙي پناهه جي دعا گهران ها!- ڏاهپ ته خود بي پناهه رهندي آهي- دعائن سان به- ڏاهپ جي زهر کان بچي نه سگهبو آهي- دعائن سان ته ڏاهپ ڏائڻ بڻجي ٿي-
جڏهن مونکي اها خبر پئي ته- تون منهنجي لاءِ- ٽي چڪر هڻي چڪي آهين- تڏهن تنهنجي وري به اچڻ جو شڪ ٿي پيو هئم- اهڙي شڪي حالت ۾ توکان دوري حاصل ڪرڻ خاطر- اهو دل جو رسامو ساڻ کڻي- گهر ڇڏي غم غلط ڪرڻ واسطي- ڪنهن غم ڪده جي سوچ ۾ نڪتو هئس- تون منهنجي پويان ٿوري دير ۾ ئي وري منهنجي گهر آئي هئينءِ- منهنجي خبر وٺڻ سان ئي- منهنجي ننڍي ڀاءُ کي- منهنجي پويان ڊوڙايو هيئي- پر مان کيس- هٿ نه آيو هئس.
منهنجي لاءِ- منهنجي گهر ويهي- منهنجو انتظار ڪرڻ لڳي هئينءِ- پر مان رات جو رٺل- ڀلجي به تنهنجي انتظار تائين نه پهتو هئس- تو واپس وڃڻ وقت- هڪ بي ڊولي ڪاغذ جي ٽڪڙي تي- جنهن کي ڪوبه منهن مٿو ۽ ڪنڊ پاسو نه هو- خبر ناهي سا چٽ هئي يا چٿر سا منهنجي لاءِ گهر ڇڏي وئي هئينءِ.
تو ان ۾ لکيو هو ”فتاح چٽ پڙهڻ شرط- مون وٽ گهر پهچي وڃجان“ دل ڏاڍي رٺل هئي- کيس انهيءَ روٺ جو روڳ- به جهڙو پنهنجي هٿ سان ڏئي ويٺو هئس- سا ڪيئن ريجهي- ڏاهپ جي ڏنل ڏهاڳ کي ڪيئن وساري- ريجهائڻ جي رمز ڏئي- کيس ڪنهن سرچاءُ جي بجاءِ- دل کي ننڍڙي ٻار جيئان وڌيڪ رئاري رهيو هئس-
توسان به ته ايئن ئي پيش رهيو هئس- جيئن نبي پنهنجي خدا سان رهيا! پر ان وقت دل تي الاءِ ڪهڙو بار هو- جيڪا توڏانهن تانگهي به- مون کي تو تائين وٺي اچي نه سگهي هئي.
تو ڪجهه دير کانپوءِ- وري ٽيليفون ڪئي ته- فون رسيور به گهر مان ڪنهن کي کڻڻ نه ڏنم- دل کي يقين ٿي پيو ته اهو فون تنهنجو هو- نه چاهيندي به الاءِ ڇو ايئن ڪري رهيو هئس- فون جي رنگ رڙيون ڪري خاموش ٿي وئي هئي- اوجاڳي جي ٿڪاوٽ ۾- پنهنجي دل سان ڳالهيون ڪندي- ڄڻ ذهن کي موت اچي ويو هو- ننڊ سمهي پيو هئس-
صبح جو جاڳي- اڃان بسترو نه ڇڏيو هئئم ته تون آئي هئينءَ- تنهنجي منهن ۾ ڏسي ايئن محسوس ڪيو هئيم ته – توکي منهنجي رُسڻ جوڄڻ ڪوئي احساس ئي نه هو- چهرو ۽ مٿي جا وار به تنهنجا بگڙيل هئا- چپن ۽ وات مان ايئن پئي لڳو ته تو صبح واري گرڙي به اڃا شايد نه ڪئي هئي- ٻليءَ جي خواب ۾ ڇيڇڙا ته برابر هوندا آهن- پر جڏهن انهن کي کائڻ لاءِ وات وجهندي آهي- ته سندس ننڊ اُڏامي وڃي ٿي.
ايئن اهڙيءَ طرح مون به توکي جهڙو خواب ۾ پئي ڏٺو- پر توسان ڳالهائڻ کانپوءِ- تنهنجا حليا ڏسي ذهن تان سوچ وارو تعبير ئي مِٽجي پئي ويو-!
”رات ڇو ڪونه آئين؟“ ايندي شرط پڇيو هيئي. تنهنجي جواب ۾ مون ڄاڻي واڻي ڳالهه کي کُٽائيندي چيو هو، ”الاءِ ڇو؟“
جنهن حالت ۾ توکي ڇڏي آيو هئس ان کان ته تون به واقف هئينءَ ۽ منهنجي من اندر به ته ڪا ٻي ڳالهه ڊوڙي رهي هئي- جيڪا زبان تي آڻي نه سگهيو هئس-
جيڪي ماڻهو ٻين جي پيڙا سمجهي نه سگهندا آهن – تو اهڙن عام ماڻهن جيئان پڇيو هو، ”الائي ڇو؟ اها به ڪا ڳالهه آهي؟ مون سان رات ڇا گذري آهي؟ مون کان اهو به نه پڇندين؟“
جيڪي مون کي چوڻو هو- سو تنهنجي زباني ٻُڌي رهيو هئس. رات مون تي ڇا گذري آهي- ان جو احساس ته مون توکي محسوس ڪرائڻ پئي چاهيو- توکي مان پنهنجي حالت کان اڻچاڻ سمجهي خود اڻڄاڻائيءَ تي به- غور نه ڪيو هو. شايد محبوب جي اوڏو عاشق پنهنجو پاڻ تي غور نه ڪندا آهن!؟
پر مان شايد اهڙن پريمين مان هئس- جن جا هواس سمجهه واري منزل تي- دير کائي ڪو نتيجو ڪڍندا آهن.
تنهنجي چهري تي واقعي مايوسي ڇانيل هئي- جنهن کي منهنجي دل ڪڏهن به برداشت نه ڪيو هو.
مان اُداس ۽ تون مايوس! عجيب ڪشمڪش هئي-! ڪجهه دير جي دوري به محبت ۾ ڪيڏي نه تڙپ ۽ نراسائي پيدا ڪري وجهندي آهي!- ماڻهو نئين مان پراڻو- ۽ پراڻي مان نئون ٿيو پوي.
”ڇو؟ رات مان نه آيس، ته ڇا ٿي پيو- ڪهڙي منهنجي ضرورت هئي- ماڻهن جي ڪمي تو وٽ ته ڪانهي!؟“
پنهنجي رُٺل دل سان صلح ڪندي چيو هئم- ۽ تو به اهڙو ئي جواب ڏيندي چيو هو، ”ماڻهن جي ڪمي- ڪڏهن تو ڪٿي محسوس به ڪئي آهي؟“
”ها آسا! ماڻهن جي ڪمي محسوس ڪندو آهيان!“
”ڪٿي؟“
”جتي ماڻهپو نه هوندو آهي.“
”پوءِ منهنجو ماڻهپو شايد مري چڪو آهي فتاح.“
مان صبح واري ننڊ ۾ سڄل چپن جيئان، ڦڪي کل کليو هئس. بلڪل اهڙيءَ طرح جيئن ڪو بيوقوف ماڻهو اڻ ٿيڻي ڳالهه ڪندو آهي ۽ ماڻهوان کي ڪائي اهميت نه ڏئي- پنهنجي منهن ڪنڌ کي هلڪو لوڏو ڏئي کلندو آهي- پر تو اهو سڀ ڪجهه محسوس ڪندي چيو هو، ”ان ۾ کلڻ جي ڳالهه ناهي فتاح! تون درست آهين بلڪل ماڻهپي وارن وٽ- انسانن جي واقعي ڪمي رهندي آهي- مان سمجهان ٿي- منهنجي خيال ۾- منهنجي ماڻهپي جو تون ڪانڌي ضرور ٿيو هوندين!“
مان تو ۾ ڪافي تبديلي محسوس ڪري رهيو هئس- چوڻ جو ارادو اهو هئم ته- ”مان ڪو مئل ماڻهن کي غسل ڏيندو وتان ڇا؟ پر تنهنجي بدليل سوچ- مونکي روڪي وڌو هو- ۽ تو کي وڌيڪ ڏکائڻ نه پي گهريم- خود کي به ته مڪمل سمجهي نه پي سگهيس- اهڙي معاملي ۾- ذاتي مشاهدا به ڪنهن شڪ ۾ مبتلا ڪري- وجهندا هئم- محبت ۾ گهرو مشاهدو شايد شڪ پيداڪندو آهي- جنهن جي پويان ماڻهو حقيقت حاصل ڪندو آهي.
مونکي پنهنجو پاڻ شڪ- اڪثر تڏهن ٿي پوندا هئا- جڏهن تون منهنجي بيان ڪيل حقيقت- پنهنجي دل سان قبول نه ڪندي هئينءِ پر انهيءَ ڏينهن ته جهڙو ڪنهن ماڻهپي جو ميَت ڏسي آئي هيئين ۽تو پنهنجي ماڻهپي جو ڪانڌي به مونکي پي بڻايو- حالانڪه موت جي سڪرات ۾- ان وقت منهنجو ماڻهپو هوندو هو- جڏهن توکي اقرار جون اونايون ٻڌائيدو هئس- ته تون ان کي منهنجي گندي گفتار ۽ غيبت چوندي هيئينءِ.
”مونکي ماڻهپي جو ڪانڌي ڪڏهن کان تصور ڪرڻ لڳي آهين آسا؟ “ جڏهن مون توکان اهو سوال پڇيو- ته تو چيو هو ”رات کان- ها! رات کان جيئن ئي مونکي پنهنجو پاڻهپو مئل محسوس ٿيو آهي.“
” ماڻهپو ته هڪ رات ۾ نٿو مري- آسا- ان جي سڪرات تمام ڊگهي هوندي آهي.“
” بس فتاح! ائين سمجهه ته- منهنجو ماڻهپو به ڪنهن ڊگهي سڪرات ۾ هو- ۽ رات دم ٽٽو اٿس!“
مون ائين پي تصور ڪيو ته- مان ان رات تو سان نه ملي سگهيس انهيءَ ڪري رات جي تنهائي توکي شايد چڱي طرح ڏنگيو هو ۽ تو پنهنجي اڪيلائي ۾ پنهنجو پاڻ کي پٽي کاڌو هو- يا اجائي گهڻي سوچ وارو زهر تنهنجي دماغ تي چڙهي اثر ڪري ويو- تنهن ڪري مون پنهنجي تمام مٺڙي لهجي ۾ چيو هو- ” تنهائيءَ ۾ هيڪاندي سوچ- مٺو زهر هوندي آهي آسا!- جيئن ماڻهو ڪنهن سوالي جيئان- پنهنجي ماڻهپي کي ملامت ڪري- پنهنجو پاڻ کي ڏک ڏيندو آهي.“
۽ تو پنهنجي احساس محروميءَ جو ذڪر ڪندي چيو هو ”پر اهڙو زهر مونکي شايد نصيب ئي نه ٿيو آهي- منهنجي بدنصيبي ۽ بيوقوفي منهنجي انسانيت کي ڏاڍا ڏک ڏنا آهن- مون توکي به ڏک ڏنا آهن فتاح!- تڏهن پئي چوان ته- منهنجو ماڻهپو وفات ڪري ويو آهي- جنهن کي توئي- پنهنجي من جي قبر ۾ دفن ڪري رکيو آهي- رات منهنجو روح به تنهنجي پڪار ۾ هو فتاح!“
محبت جي ڪهڙي نه عظيم سوچ جو اظهار ڪيو هو تو- دل جي خوشيءَ ۾ زبان بتال ٿي پئي هئم- رٺل روح ته ريجهي پيو هو- پر ذهني ٿڪاوٽون به ٽٽي پيون هئم-
ڪنهن پيڙا جي ڀوڳنا ۾- ڪا اچانڪ مسرت حاصل ٿيندي آهي- ته ماڻهو خود کان ڪيڏو غافل ۽ ڳهلو ٿي پوندو آهي-
خوشيءَ جي سمي زندگي جون گهڙيون- ڪيئن نه بي مقصد رهي- جهڙپ ۾ گذريو وڃن- شايد خوشي خوراڪ ئي اهڙي آهي- جيڪا حياتيون جلد کٽايو ڇڏي.
۽ موت شايد اهڙو خيال آهي- جنهن ۾ ماڻهو ۽ لفظ سڀ- مئل هوندا آهن- وقت بي جان ۽ نظر بيمار-
پهريون دفعو هو- پنهنجي روح جي پڪار ۾ مونکي محسوس ڪيو هيئي-
تنهنجو روح ته الاءِ ڪهڙي روڳ ۾ رڙيو هو- پر مون مڙئي لفظ گهڙيندي توکان پڇيو هو ”روح جي بغاوت ۾ هاڻ خود کي گهايل تصور ڪرڻ لڳي آهين ڇا؟“
”روح به تڏهن بغاوت ۾ ايندا آهن- فتاح- جڏهن ماڻهو کي پنهنجو اعتماد فريب ڏئي گهايل ڪندو آهي.“
”لڳي ٿو تون شايد پنهنجي خود اعتمادي ۾ کوئجي وئي آهين آسا“
”زمانو زخم رسائي ته زخم کائڻ سان اندر جو آواز گهٽبو به ته ناهي؟”
” پر زمانو ته خود زخميل آهي آسا!“
”ها شايد! زماني جي زخمن تان- اٿندڙ جراثيم ئي آهن جيڪي ڪوڙهيل زهن جي چُٽن تي- بيمارين ۾ واڌارو ڪندا رهيا آهن- هڪ وبا ڦهليل آهي- جنهن جا وائرس تمام تيز آهن- زهن کي انڌو ڪري- ماڻهو کي بي ضمير بڻائڻ ۾ دير نٿا ڪن.“
”پوءِ تنهنجي خيال ۾- ڇا اهڙن ذهنن کي زندهه به چئي سگهجي ٿو؟“
” لڳي ته ائين پيو- ڄڻ زماني انهن کي پنهنجي حياتي بخشي آهي- ليڪن موت انهن کي- سندن بي شرمائي سان ماريندو.“
ڪيڏي شوخ چنچل سان چيو هيئي- موت تنهنجي هٿ وس هجي ها- ته ان وقت زماني کي به ڪهندي دير نه ڪرين ها- ماڻهو سان جڏهن بي انصافي ٿيندي آهي- تڏهن زماني ۽ نظام جي بي شرمائي سان گڏوگڏ بي ضميرن جي موت جي بي شرمائي پُرجھڻ تائين به سندس حواس ڪم ڪرڻ لڳندا آهن پر مون ته خود سان ئي رڳو بي انصافيون ڪيون هيون. توسان ته ڪائي نا انصافي نه ڪئي هئم-
تون پنهنجو لهجو تمام سخت ڳالهائڻ لڳي هئين- ڪجهه معلوم ڪرڻ لاءِ- تنهنجي ذهن ۾ چهنڊڙيون پائيندي- مون توکان پڇيو هو ” جيڪڏهن بي ضمير ماڻهن کي دنيا ۾ زندهه ماڻهو چئجي- ته پوءِ موت انهن کي بي شرم- ڪري ڇو ماريندو-؟“
تو ڪوشش ڪري واضح جواب ڏيندي چيو هو ” پنهنجي ضمير جو قتل ڪري ويهندا آهن- ۽ اهو پاپ آهي اهڙو- جو اهي آسان موت، عزت سان مري نٿا سگهن.“
”خبر اٿئي پنهنجي ضمير جو قتل ڇو ٿا ڪن؟“ مون پڇيو هو- تفصيل سان جواب ڏيندي چيو هيئي ”ها! پنهنجي مفاد ۽ خواهش جا پوڄاري هوندا آهن- خلوص ۽ سچائي واري پهلوءَ سان سندن ضمير بغاوت ۾ رهندو آهي- سچائي سان بغاوت- ضمير لاءِ موت هوندي آهي- ڪتي جي موت مرڻ کان اڳ- هو اڳ ۾ ئي- پنهنجي ضمير کي ڪُهي خون ڪري ٿا ويهن.“
”تو اهڙن بي ضميرن کي ڪڏهن کان سڃاتو آهي آسا؟“
”رات کان.“ هيٺ منهن ڪري، ڪنڌ جهڪائي جواب ڏنو هيئي. ڪجهه سوچڻ تي ذهن هلڪو جهٽڪو کاڌو- پر حيران هئس ته هڪ رات ۾ ڪيڏو تجربو حاصل ڪري ورتو هيئي – بي ضميرن کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ پيڙهيون کپيو وڃن – مان سمجهي نه سگهيس ته – اهو سڀ ڪجهه تو هڪ رات ۾ ڪيئن سکي ورتو هو – پاڻ روڪيندي به رهي نه سگهيس ۽ توکان پڇيو هئم، ”هيءُ تو هڪ رات ۾ - ڪيڏا نه حقيقت ڀريا خواب ڏٺا آهن آسا؟“
تو هلڪو ساهه کڻندي چيو هو، ”تون منهنجي خيالن کي ته خواب پيو سمجهين – جيڪڏهن خواب ئي ڪو آهي – تڏهن به مون جاڳندي اکين ڏٺو آهي – گهري ننڊ وارو لاوارث مئل خواب نه آهي – مئل خواب جسمن کي لوڻ ته نه هڻندا آهن فتاح – منهنجي جسم جو گوشت هن وقت به ڄڻ ته اوٻاريل هجي.“ ۽ پوءِ ڏاڍي بيوسيءَ سان چيو هيئي، ”مون کي اڪيلو نه ڇڏ فتاح؟ - هي بي ضمير ڪوئا منهنجو جسم به ٽُڪي ڇڏيندا – منهنجي جسم ۾ ايڊز هڻي ڇڏيندا – زمانو پنهنجي لُچائيءَ سان منهنجا عضوا ڇُهي وٺندو – منهنجو بدن ڍرو ٿي ويندو – مان پنهنجي اصليت کان محروم ٿي وينديس – مون کي اڪيلو نه ڇڏ فتاح-“ وري هڪ وڏي عاجزيءَ سان چيو هيئي ته، ”وقت جو واچوڙو مون کي ويڙهي ويندو فتاح – مان چؤماسيءَ جي اُڏامندڙ دز ۾ دفن ٿي وينديس!“
ڪيڏي نه نرالي انداز ۾ پنهنجي محبوب جوانيءَ جو اظهار ڪيو هيئي – مون کي ته هونئن به هيءُ نظام سڄو- آدمخور ۽ چريو لڳو هو- پر تو خبر ناهي ته – هڪدم الاءِ ڪيئن ۽ ڪهڙيءَ طرح سان- ايترو ويجهو ٿي کيس ڏٺو هو- جو سندس ڇتپڻ کان خائف ٿيڻ لڳي هئينءَ – يا شايد وقت جي نادان نظام کي تو پهريان به پرکيو هو- پر تنهنجو ساڻس صلح هو شايد-!
يا تو واقعي به پرکي ورتو هو ته – وقت جو نظام انساني هڏن جي ٿوڻين تي اَڏيو ويو آهي- ۽ انسان جي چچريل گوشت واري رت، پت جي کيس خوراڪ کارائي پئي وڃي! ڪيڏو خوف کائڻ لڳي هئينءَ- پنهنجي ڪنواري گوشت ۽ نوجوان عضون کان.
توکي تنهنجي چيل ڳالهه ياد ڏياريندي مون چيو هو، ”آسا پوءِ تو اهو ڪيئن چيو هو ته، انسانيت جي مقام تي برائيءَ جو اچڻ ناممڪن آهي- ۽ هاڻ وري چوين پئي ته، زمانو پنهنجي لُچائيءَ سان – منهنجا عضوا ڇهي وٺندو؟“
تنهنجي اندر وڏي ولوڙ هئي- جنهن کي مان پرجهي نه پئي سگهيس- تو اقرار ڪندي چيو هو، ”مان ايئن برابر چيو هوفتاح- پر منهنجي ذهن ۾ اهڙي حقيقت شايد نه هئي ته- پڪل ميوي کائڻ جي خواهش- باغبان کان وڌيڪ بيگاري رکندا آهن. منهنجي پڪل ميوي کي ته بي درديءَ سان ڌوڻا ڏئي زخمي ڪيو پيو وڃي-!“
تو پنهنجي آبروءَ سان کيڏ بابت- پنهنجو اظهار پئي ڪرڻ چاهيو- ته مون وري پنهنجي وفا جي مدهوشيءَ ۾- پنهنجي سچائي جتائڻ پئي چاهي- ڪافي پنهنجي غور ويچار کانپوءِ توکي تسلي ڏيڻ جي نيت سان مون چيو هو، ”تون ايتري مايوس ڇو ٿي آهين آسا- محبت جي معاملي ۾- اهڙا رنج رُساما ته محبت جي رشتي کي وڌيڪ مضبوط ڪندا آهن – تون سمجهي ٿي توکي اڪيلو ڇڏي- خود اڪيلو خوش رهي سگهان ٿو؟- جو ڪجهه ٿيو ان لاءِ دل کي صدمو ڏئي پنهنجو خون کپائڻ نه گهرجي آسا- رُسڻ، پرچڻ واري راند ته- محبت ماڻهوءَ کي کيڏائيندي رهندي آهي- مون کان اها غلطي واقعي ٿي آهي آسا – جو ان وقت توکان موڪلائي بغير – روٺ منهن بڻجي هليو آيس- سو شايد منهنجي وس جي ڳالهه به نه هئي-“
تڏهن تو وري به حقيقت ڏانهن ڪجهه اشارو ڏيندي چيو هو، ”اها ڳالهه ناهي فتاح- تون مون کي سمجهي نه سگهيو آهين- مان توکي طعنا، تنڪا نه پئي ڏيان- تو مون کي منهنجي روئداد مان شايد سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي.“
۽ پوءِ مون تسليم ڪندي چيو هو، ”مان واقعي به توکي سمجهي نه سگهيو آهيان آسا! شايد مان پنهنجي ذهن ۾ صرف پنهنجو پاڻ تائين ڊوڙيو آهيان؟“- ۽ تو منهنجي ڳالهه تي يقين ڪندي چيو هو، ”ها فتاح! ماڻهو جڏهن پنهنجي ذهن ۾ صرف پنهنجي ذات ۽ خواهش لاءِ سوچيندو آهي- تڏهن سندس اندر وارو انسان شايد سڪون واري ننڊ ستل رهندو آهي- خود پنهنجي انسانيت کي به ذلت جي ڌوڙ ۾ دفن ٿيندي ڏسي نه سگهندو آهي!“ انهيءَ حوالي کان تو پنهنجو مثال ڏيندي چيو هو، ”مان به ته پنهنجي جوانيءَ جي قد جا پاڇا ڏسي- پنهنجي شخصي قد جي وڏائيءَ ۾ محو رهيس، تڏهن ته چچڙن جيئان ماڻهو منهنجي جسم تي چهٽڻ لڳا آهن!“
مون توکي ڌيان ڏئي پئي ٻُڌو- ڪجهه سمجهڻ لاءِ ذهن تي زور ڏيندي پڇڻ لڳس ته، ”هي تون ڇا پئي چئين آسا؟“
تو جواب ڏيندي چيو هو، ”هي رڳو مان نه پئي چوان فتاح- منهنجو پورو جسم اڄ ڳالهائڻ لڳو آهي - ۽ منهنجو هر عضوو ڪنهن لعنت ملامت جي پِٽڪاري ۾ آهي – مان خاموش ٿي رهان ته – سندس هُل هنگامو منهنجي مغز ۾ ڪاڙهو ٿو پيدا ڪري- توکي پهرين به ٻُڌايم فتاح – ته منهنجو گوشت مون کي اوٻاريل پيو محسوس ٿئي.“
”توکي ايئن ڇو محسوس ٿيڻ لڳو آهي ته؟“ پنهنجو هٿ اکين تي رکي- هيٺ منهن ڪري پڇيو هئم، تو چيو هو، ”فتاح هن انڌي نظام جي معاشري ۾- تعليم يافته نوجوان مرد کي لانگ بوٽن سان لتاڙيو ويندو آهي ۽ نوجوان عورت جا رئيس عضوا نپوڙيا ويندا آهن- اهڙي نپوڙ نوجوان عورت جي جسم لاءِ موت هوندو آهي- منهنجي جسم کي به رات اهڙي موت جو ذائقو چکايو ويو آهي!“
تنهنجي اهڙي اظهار سان- منهنجو ذهن مڇيءَ جيان ڦٿڪي پيو هو- تنهنجي چهري تي چڱيءَ طرح نظر وجهندي توکان پڇيو هئم ته، ”تون ڳالهه واضح نٿي ڪرين ڇو آسا! ڇا مون کي نه ٻُڌائيندينءَ ته ڇا ٿيو رات؟“
”ڇا ٻُڌايان فتاح؟ ڪهڙي منهن سان چوان ته- رات ڪنهن فلاڻي آدمخور ڪُتي – منهنجو بدن چَٽڻ پئي چاهيو؟“
انهيءَ وقت تو ۾ منهنجون نظرون گهرائيءَ سان کُتل هيون - ۽ تنهنجين اکين پنهنجي نفرت جو اهڙو ته اظهار پئي ڪيو – جو ايئن پئي لڳو ته ڪنهن خون ڪرڻ لاءِ ڪپار مان ٻاهر نڪرڻ جي ڪوشش ۾ هيون – ڪيئن بيان ڪجي ته تنهنجي شبيهه جو ان وقت ڪهڙو نقش نگار هو-
تون ته ماڻهپي جي دائي هئينءَ- گهٽ ۾ گهٽ منهنجو ماڻهپو ته تو پنهنجي ئي ريشمي زلفن ۾ تنجي ڇڏيو هو- اهڙا خيال ته اڃا الاءِ ڪيترا ذهن تي وسي پيا هئم- پر اهو سڀ ڪجهه ان وقت توکي- مون منهن ۾ ڏيڻ واجب نه سمجهيو هو- جڏهن تو ”آدمخور ڪُتي“ جا لفظ ڳالهايا هئا- تڏهن مون ايئن سمجهيو هوته – شايد ڪوئي چور هو- تنهنجي گهر چوريءَ جي مقصد سان آيو هو ۽ تو کيس ويجهي کان ڏسي ورتو- انهيءَ ڪري انهيءَ جي ڀوائتي مهانڊي توکي خفا ڪري وڌو هو ۽ تون خائف ٿي پئي هئينءَ- تنهن ڪري ئي مون تنهنجي دل کي آٿت ڏيڻ لاءِ چيو هو، ”آسا ماڻهو اهڙن چور ڪتن کان ايترو خائف ناهي ٿيندو- انهن کي به پنهنجون نادان خواهشون ڪمينو بڻائي رلائن ٿيون.“
”پر مان اهڙي ڪنهن چور جي ڳالهه نٿي ڪريان، جيڪي پراون گهرن ۾ گهڙي – ملڪيتون ٿا لُٽائين.“ تو حقيقت واضح ڪندي چيو هو، ”هيءُ جسمن جو اڪيلو چور آهي فتاح- جنهن منهنجي جسم کي کاٽ هڻي – منهنجو ڪو قيمتي عضوو چورائڻ پيو چاهي!“
”ڪير هو اهو؟“ تڪڙ ڪندي پڇيو هئم.
”اقرار!“ اکيون ڀرجي آيون هيئي، ۽ مان دهلجي ويو هئس، ”ڇا ڪيو هن؟“ وڏيراڻي انداز ۾ پڇيو هئم - ۽ تو منهنجي ڪا چيل حقيقت مڃيندي چيو هو، ”تون درست چوندو هئين فتاح – هن پنهنجي گندي نيت جي اوگهڙ ڪندي – رات مون سان تمام ڪريل حرڪت ڪئي!“
”ڪهڙي حرڪت ڪيائين؟“ گهٻراهٽ ۾ پڇيو هئم - ۽ تو چيو هو، ”پهريان هن منهنجي ٻانهن جي ڏونري ۾- پنهنجا هٿ وڌا ۽ مون کي Kiss ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي- رات جو وقت به ڪافي ٿي چڪو هو- جيڪي به دوست روز واري بيٺڪ تي آيل هئا – سي سڀ جا سڀ هليا ويا هئا - ۽ هو مون وٽ اڪيلو هو ان وقت-“
تنهنجي ڳالهه روڪيندي مون چيو هو، ”پوءِ ته هن توکي ڪافي تنگ ڪيو هوندو آسا؟“
”بس ايئن سمجهه ته ڪڙهي رهي هيس.“
”سو ڪيئن؟“ عجب کائيندي چيم ته تو چيو هو، ”هو جنهن مهل منهنجو جسم منهنجي جسم سان گڏائڻ لڳو هو، ته مان بلڪل وسامجي وئي هيس.“
”تو ڇا پئي تصور ڪيو؟“ ايئن اهو پڇڻ نه کپندو هو، پوءِ به پڇي ورتو هئم. تو به سڌيءَ طرح ٻُڌائيندي چيو هو، ”بدن ۾ ڪا شيءِ هئي، جيڪا رت سان گڏ گردش ڪرڻ لڳي هئي.“
”تو.......؟“ مون کي نظرانداز ڪندي تو پنهنجي گفتگوءَ جو سلسلو جاري رکندي چيو هو، ”بدن مان جهڙو ساهه پئي نڪتو.“
”تو کيس........“ تو مون کي ٻُڌڻ ئي نه پئي گهريو، ۽ پنهنجو بيان جاري رکندي چيو، ”حوصلو خطا ٿيڻ لڳو هئم.“
”پوءِ تون...“ تو مون کي ٻُڌو ئي نه پئي ته به وچ ۾ ڳالهائي ڪجهه پڇڻ پئي چاهيم – پر تون شايد پنهنجي مرضيءَ مطابق مون کي نه ٻُڌندي چيو، ”هن جڏهن منهنجي ٻانهن جي ڏؤري ۾ هڪ مخصوص قسم جو زور ڏنو ته ايئن لڳو ڄڻ جسم سڄو ڪڪرا ٿيڻ لڳو هو.“
”پوءِ.......؟“
”پوءِ ته سرير جو ست به جهڙو وڃائي ويٺي هيس- بي وسيءَ جو عالم طاري ٿيڻ لڳو هو- مون تي.“
”پوءِ تو ڇا ته ڪيو؟“ ايترو به مون کي زوري پڇڻ ڏنو هيئي. تو جواب ۾ چيو هو، ”ڳالهائڻ لاءِ ته سگهه به ساري نه پئي سگهيس.“
”۽ هن وڌيڪ ڇا ڪيو؟“
”هو پنهنجي ناروا سلوڪ سان – منهنجي ان اکڙپن تي پنهنجي بي شرمائيءَ سان – حاوي ٿيندو ويو- پر مون کي الاءِ ڇا پيو ٿئي- ذهن تي لفظن جي جنگ لڳل هئي- پر زبان کي جهڙو اڌ رنگ لڳي پيو هو – ۽ اکيون توڙي چپ به ڄڻ ڪنهن سبي ڇڏيا هيم.“
مون پنهنجي اندازي موجب- معاملي جو نتيجو مڪمل معلوم ڪندي پڇيو هو، ”تنهن جي معنيٰ ته تون – کيس ڪجهه به چئي پاڻ ڇڏائي نه سگهيئين!؟“
”نه.... مان کيس چيومانس.“
”ڇا چيس تو؟“
”بس همت ٻَڌي جان ڇڏائڻ خاطر چيومانس، ”اقرار اڄ نه- سڀاڻي.“
”اڄ ڇو نه؟“ اقرار مون کان تمام پيار ۾ پڇيو هو ۽ مان بهانو بڻائيندي چيومانس، ”اڄ مان تمام ٿڪل آهيان اقرار- مون کي آرام جي ضرورت آهي.“ هو بدمست ۽ عقل خطا هو- مان بي همت ته هيس- پر منهنجي نابالاغ لهجي هن کي ڪافي متاثر ڪيو- هن منهنجي ٻانهن مان پنهنجو پيل هٿ ڍرو ڪري ڇڏيو- مون محسوس ڪيو ته – منهنجي مئل بدن ۾ نئون ساهه ڦوڪجي پيو هو- ڳالهائڻ جي همت به ساري ورتي هيم- پر پوءِ به عورتاڻو خوف منهنجي ذهن تي اڃان هو- پر منهنجي وڌيڪ ڪجهه چوڻ کانسواءِ به- منهنجي انهيءَ اڄ نه سڀاڻي واري بهاني ۽ ڪوڙي دلاسي تي يقين ڪندي اُٿي بيٺو ۽ چوڻ لڳو، ”ها، ها، اڄ ڀلي آرام ڪر- پر سڀا رات- ايئن نه چئجان؟“ ايترو چئي هو هليو ويو- هن جي پيتل ته هئي فتاح- پر ايترو نشو نه چڙهيو هيس- مان پنهنجي ڪمري جو دروازو هڪدم اندران لاڪ ڪري سمهي پيس- پر ننڊ ته اچي ئي نه پئي- ڪافي دير تائين- پنهنجي عقل تي لعنتون وسائيندي رهيس. پنهنجي بي عقل ذهن سان وڙهندي وڙهندي الاءِ ڪيڏي مهل ننڊ اچي ويم- صبح ٿيندي ئي- ڪاڪا صالح دروازي کي مڪون هڻي مون کي اُٿاريو ته- توڏانهن هلي آيس- ٻيو ڀلا منهنجو آهي به ڪير.“
انهيءَ ڏينهن تنهنجي قربت ۾ مان هميشه جيان سڀ ڪجهه وساري ڇڏيو هو- ۽ تو به اقرار کي نفرت کانسواءِ ٻيو ڪجهه نه پئي ڏيڻ چاهيو.
نه چاهيندي به عام بازاري حَسينن جيئان- اقرار کي تون ڪوڙو دلاسو ڏئي- کيس آسري ۾ رهائي آئي هئينءَ.
انهيءَ ڏينهن ئي- جڏهن اقرار کان خفا ٿي صبح وقت مون وٽ آئي هئينءَ ته مون تنهنجي انهيءَ سوالَ جنهن ۾ تو پڇيو هو ته، ”دليون ڪمزور ڪيئن ٿينديون آهن؟“ ۽ مون جواب ۾ چيوهو ته، ”شهوتي خواهشن سبب- ماڻهو پنهنجون دليون ۽ دماغ ڪمزور ڪري ڇڏيندا آهن.“ انهيءَ صبح جڏهن تو ان جواب جي حقيقت جو اقرار ڪيو هو- ته مون ان وقت، مهل موقعو ڏسي- اقرار بابت تنهنجي دلي راءِ وٺندي پڇيو هو،”پوءِ اقرار لاءِ هاڻ ڪهڙي مرضي آهي تنهنجي؟“ تو منهنجي انهيءَ ننڍڙي سوال مان- مقصد ته ڪيترائي ڪڍيا هئا- پر پوءِ فيصلاڪُن ڳالهه تو اهائي ڪئي هئي ته، ”فتاح توکي ڪيترا ڀيرا اڳ به ٻُڌائي چڪي آهيان ته- منهنجا هي باقي جيڪي مٽ مائٽ وغيره ڏسين پيو- انهن مونکي تنها سر ڏسي انهن مان ڪجهه ته رڳو منهنجي جسم جا وارث بڻيل آهن ۽ ڪن کي وري منهنجي اباڻي ملڪيت جي ڳڻتيءَ اچي ورايو آهي- اهي ته هرو ڀرو جو ئي منهنجي روح کي زخميل سمجهي ان جي ملم، پٽيءَ لاءِ مصروف آهن، پر اقرار کي ته پنهنجو سُٺو دوست سمجهندي هيس- سو ته منهنجي مائٽن، عزيزن کان به وڌيڪ خطرناڪ پيو لڳي.“
مهل ۽ موضوع مطابق مون به دل جو غبار ڪڍندي چيو هو”اقرار هيل تائين مون سان به ڪهڙيون چڱايون ڪيون آهن آسا- هن منهنجي خلاف ڪيترائي غلط طريقا استعمال ڪيا- جن جي توکي خبر ئي ناهي جڏهن مان پنهنجي غربت کي منهن ڏيڻ لاءِ ماستريءَ سان گڏوگڏ واڌو وقت شگر مل ۾ به نوڪري ڪري رهيو هئس- تڏهن هن ايجوڪيشن جي بالا آفيسر کي اهڙي رپورٽ انفارم ڪري مون کي ڪجهه وقت لاءِ سسپينڊ ڪرائي ڇڏيو.
ان کانپوءِ جلد ئي مل مئنيجر کي منهنجي خلاف غلط ۽ بي بنياد رپورٽون ڏئي- مون کي اتان به بيروزگار بڻائي ڇڏيائين.
انسان دوستيءَ جي ناتي سان- هڪ سوشل جماعت ۾ رهي- سوشل ورڪر جي حيثيت ۾- سماجي ڀلائيءَ لاءِ سرگرم رهڻ پئي چاهيم ته هن اُتي به منهنجي خلاف باهه ٻاري ڏني- ۽ اتان منهنجي ميمبرشپ خارج ڪرائي ڇڏي!
هڪ سياسي دوست- تمام پيارو ۽ مون کي پنهنجي ڀائرن کان وڌيڪ ڀائيندو هو – تنهن کي وڃي چيائين ته، فتاح تنهنجي ڀيڻ ۾ بُريون نظرون رکي ويٺو آهي- ۽ اهو دوست ايترو بيوقوف نڪتو جو ان کي مون سان وڙهائي وڌائين- ۽ اسان هڪٻئي کي قتل ڪرڻ تائين وڃي نڪتاسين! - ۽ اِهو اُهو وقت هو- جو اقرار سان منهنجا تمام گهرا تعلقات هئا، پر مان سندس اهڙي نيچ ڪردار کان غير واقف هئس.
توکي اهو به اڄ پيو ٻُڌايان آسا- ته جڏهن مون کي قتل جي ڪيس ۾ بيگناهه جيل ۾ رکيو ويو هو- ۽ تون ملاقات لاءِ آئي هئينءَ- ان ڪيس ۾ مون کي ڦاسائڻ واري غلط مخبري به اقرار ئي ڪئي هئي.“
مون اڃان ڪجهه چيو پئي- تيستائين تو وچ ۾ پڇيو هو ته- هي ايڏا اسڪينڊل ۽ ايڏيون انتقامي ڪارروايون توسان ڪهڙي سبب پيو ڪري؟ ڇا تون سندس اصل مقصد نه سمجهي سگهيو هئين؟“
”مان کيس چڱيءَ طرح سمجهي چڪو هئس، پر ڪجهه وقت کانپوءِ- تيستائين هن مون کي ڏاڍو ذليل ڪيو.“
”ڇا سمجهيو تو- ڪهڙي منشا هئي سندس؟“ تو پڇيو هو.
پهريان ته توکي واضح ڪري ٻُڌائڻ جو ارادو ئي نه هئم، پر جڏهن پڇي ورتو هيئي ته پيار مان پيارن سان حقيقت گول مول ڪري پيش ڪرڻ- منهنجي فطرت ۾ ئي شامل نه هو- بلڪل صاف ۽ چٽيءَ طرح توکي ٻُڌائيندي مون چيو هو، ”هن جي منشا تون آهين آساٰ!“ ته تو مڙئي پڪائي ڪندي چيو هو، ”ڇا مطلب؟“
شايد اڃان به اقرار بابت منهنجي نيت پرکڻ پئي چاهيئي- مون چيو هو، ”ها! آسا- مان توکي حقيقت پيو ٻُڌايان- جي تون مطلب نه پڇين ها ته هي سڀ ڪجهه توکي ٻُڌائڻ مون واجب سمجهيو به نه هو.“
”ڇو؟- ڇا جي ڪري؟“ اکيون ڇنڀندي پڇيو هيئي- ۽ محض منهنجي ذهن وٺڻ خاطر پئي پڇيئي شايد - ۽ مون بلڪل چٽيءَ طرح چيو هو، ”آساٰ! هو توسان محبت ڪرڻ پيو چاهي ۽ مان جڏهن ته محبت ۾ خود کي مٽائڻ جي قائل آهيان- ۽ هن مون سان جو ڪجهه به هيستائين ڪيو آهي- سو صرف تنهنجي دوستيءَ جي سبب – جنهن مون کي هڪ جسم ٿيڻ جي بجاءِ صرف ناول لکڻ جي خواهش ۾ رکيو.“
تڏهن تو چيو هو، ”تون واقعي به مون کان وڌيڪ- صرف انهن لفظن جي خواهش رکين ٿو- جيڪي تنهنجي ناول ۾ منهنجي ڪردار کان وڌيڪ اهميت رکندا هجن؟“
توکي شايد منهنجي اهڙي خواهش پسند نه هئي- ۽ اهو الاءِ ڪهڙو مرض هو مون ۾- جو جا شيءِ توکي پسند نه هوندي يا ايندي هئي- ته قدرتي طرح – منهنجي دل به ان سان نه لڳندي هئي – پر ناول جي خواهش مون انهيءَ ڪري سانڍي رکي هئي – جو ان ۾ تنهنجي ڪردار سان، محبت پنهنجي هڪ تاريخي حيثيت سان نظر آئي هئم. لفظن کان ته تون مون کي وڌيڪ هميشه وڌيڪ رهينءَ- انهيءَ ڪري جو مون کي جن لفظن جي خواهش پئي رهي- انهن ته تومان ئي جنم پئي ورتو- انهيءَ ڪري ئي توکي جواب ڏيندي مون چيو هو، ”نه آسا، توکان پوءِ ته باقي خواهش رهي ئي ڪانه ٿي ۽ تون آهين ته سڀ خواهشون آهن- ناول يا لفظن جي خواهش به انهن مان هڪ آهي.“
تڏهن تو چيو هو، ”اڇا- ته پوءِ ناول ۾ اسان سان پيش ايندڙ- اقرار جو ڪردار به لکڻ جوڳو آهي- ڇا تون پنهنجي ناول ۾- اقرار جي اهڙي ڪردار تي لکندين!؟“
تو الاءِ ته ڇو اهڙي پڪ ڪرڻ ٿي چاهي- پر مون تنهنجي اهڙي نيت کي اهميت نه ڏيندي چيو، ”نه آسا.“
شايد تنهنجي ڪنهن مطلب وچان جواب نه هو. انهيءَ ڪري تو پڇيو هو، ”ڇو نه؟“ تنهنجي ان سوال ۾ ڪو اسرار به هو- تڏهن مون چيو هو، ”انهيءَ ڪري جو- ناول ۾ اقرار جهڙو مئل ڪردار لکي- دنيا ۾ دوستيءَ جي ڀرم کي بڇڙو ۽ بدنام ڪرڻ نٿو چاهيان- ڌرتيءَ جي رنگين کيتن جا امر ڪردار ڇڏي- پگهر پياڪ سڌڙيا ڪردار لکڻ جو ته مون کي فن به ناهي- تون ته اقرار جي ڪردار جي ڳالهه ٿي ڪرين- پر جي خدا بابت به اهڙو سوال پڇين ها- ته منهنجو جواب اهو ساڳيو هجي ها- جهڙو جواب اقرار جي ڪردار بابت ڏنم. آسا ماڻهو ته پنهنجو پاڻ کان به- پنهنجو پاڻ کي بچائي وٺندا آهن- ته ڪڏهن اهي ساڳيا ماڻهو- پنهنجي ڳل جي چماٽ پاڻ هوندا آهن- جڏهن ماڻهو جي ذات خود کان رُسي ۽ پرچي- پرچيءَ ۽ رُسي تڏهن پڪ ڄاڻ ته- سندس من جي آسڻ تي- محبت جي بيٺڪ ٿي چڪي آهي- مان ته اهڙي ئي ڪردار تي ناول لکڻ ٿو چاهيان- جڏهن خدا جي ذات- خدا کان ئي رٺل هجي! – پر ڪا ذات رسن ۽ پرچڻ- پرچڻ ۽ رسڻ جي بجاءِ- سندس ذهن ۽ نيتون- ڪنهن ڪفن پوش پراڻي ميت جيئان- بدبودار هجن- ته ڇا تون- اهڙي ذات جي ڪردار تي پنهنجو ڪو غزل لکي سگهين ٿي آسا!؟“
”نه.“ انڪار ڪري ڇڏيو هيئي- پر تنهنجي انڪار تي اعتبار نه ڪندي مون پڇيو هو ”ڇو نه؟“
ته تو چيو هو ”اهڙي ذات جي ڪردار تي- واضح طور ته اهو ماڻهو ئي لکي سگهي ٿو فتاح- جنهن سندس مئل نيت کي غسل ڏنو هجي ۽ ان جي دل جي اوگهڙ چڱي طرح ڏٺي هجي مون ته اڃان- مئل نيتن جا قبرستان به نه ڏٺا آهن!“
”پوءِ مان اهڙي ڪردار تي ڪيئن ٿو لکي سگهان آسا- مونکي ته چار قل به چڱي طرح ياد نٿا رهن- جو اهڙين نيتن جي بخشش طور کڻي پڙهان- سڄي ياسين پڙهڻ ته- ڪنهن وڏي حافظي جي ضرورت هوندي.“
تڏهن تو وري به وڌيڪ پنهنجي پڪ خاطر چيو هو ”تنهن جي معني- تو پنهنجي ناول ۾- اقرار جي ڪردار تي ڪجهه به نه- لکندين!؟“
الاءِٰ ڇو- تو سندس ڪردار لکڻ لاءِ زور پي ڀريو هو- ۽ مون جواب ۾ چيو هو ”ها! لکي سگهان ٿو آسا! پر هڪڙي شرط سان؟“
”ڪهڙي شرط سان؟“
”تنهنجي اجازت سان- تنهنجي ڪردار سان گڏ کيس لکي سگهان ٿو؟“ شايد زمين تان کڄي وئي هيئينءِ- ڪيڏو جوش کاڌو هيئي- منهنجي اهڙي شرط تي- سوچ ۾ ٻڏي وئي هيئينء شايد پنهنجي ذهني آڪاش ۾- اهڙو ڪو ملائڪ خيال پي ڳوليئي جيڪو منهنجي اهڙي شرط کي انوقت مصنوعي موت ڏئي سگهي ها. گهڻي دير کانپوءِ به- ها، نڪي هُون- ڪوئي جواب نه ڏنو هيئي.
ڪنهن سوال جي جواب ۾- خاموشي کي ڇا تصور ڪيو ويندو آهي-
ذري گهٽ خيالن جي اهڙي وڻ تي چڙهي ويو هئس- جنهن تان لهڻ لاءِ- سهاري جي ضرورت محسوس ڪندو هئس- اهڙن خيالن ۾ رُلائي- ٿاٻا کارائي- ڪيترا ڀيرا ٻوٿ ڀر به ڪيرايو هيئي- ۽ وري سهارو ڏئي اٿاريو به تو ئي پي- دل جي جسم تي جيڪا رُهنڊ رَسندي هئم- سا ته هميشه دل جي ڪپڙن اندر ڍڪيل ئي رهي! - ۽ جي دل جي حساس چمڙيءَ تان- رت سيمو ڪري وهندو به هو ته دانهن جي وسعت ئي نه ساريندو هئس-
دل ڪڏهن مئي به هئي ته- سندس اگهاڙي لاش کي- تو پنهنجي هڪ نظر به کيس نه ڏٺو هو- شايد زخميل ۽ مئل دلين جا روح تنهنجي خوابن کان به پري رهيا-
دل جي جسم تي ڪا رهڙ اچي ته- اها ڪڙيءَ ناهي ٻڌندي انهيءَ ڪري زماني کي دليون ڏکائڻ- آسان لڳندو آهي! زمانو روئڻ ته سکيو ئي ناهي- ۽ نه زماني کي ڪڏهن روئڻ آيو به آهي!
والله- دل جي رلندي اگهاڙي لاش تي- خدا به ڪڏهين کلندو آهي- ته ڪڏهن روئندو آهي!