ناول

لفظن جي خواهش

حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book لفظن جي خواهش

قسط 19

منهنجو ۽ اقرار جو شايد اهو آخري ڏينهن هو- جنهن ڏينهن اسان تنهنجي گهر- تنهنجي اڳيان- پنهنجي جنگجوءَ گفتار ۾ هڪٻئي کي- ڳرا ۽ اُگهاڙا لفظ به جوش مان اُڇلي پئي هنيا هئا.
ڳالهه اصل اتان ئي شروع ٿي- جڏهن اقرار پڇيو، ”فتاح بي ضمير ڇا آهي!؟“
هن اهو سوال نه اسم حاضر، نه غائب ۽ نه متڪلم بابت پڇيو هو. اسان گرامر تي ته ڳالهايو ئي ڪونه پئي- هن اهو سوال پنهنجي بدنيتيءَ سان پڇيو هو.
مان ته پريم جي سفر جو مسافر هئس- خود کي اديب، شاعر ۽ لفظن جو ضمير سمجهڻ لڳو هئس- ايجاد ۽ تخليق منهنجي ذهن لاءِ- اڃان به ڪا نرالي شيءِ هئي- پر مان ڳالهائيندي به- لفظن جي شايد بي حرمتي ڪرڻ لڳندو هئس.
ماڻهو جڏهن لفظن جو ضمير بڻجي- لفظن جي بي حرمتي ڪرڻ لڳندو آهي سچ چون ٿا ته- وقت ساڳي لفظ کي سندس وات ۾ ٽنبيندو آهي.
اقرار جا ڳالهايل اهي لفظ مان پنهنجي ضمير جي گرامر سمجهي ويٺو هئس- ڪافي ڪوشش کانپوءِ- خود کي پنهنجي ذات جي دائري مان ٻاهر ڪڍي نه سگهيو هئس- اهو ئي سبب هو- جنهن ڪري منهنجو ذهن وهميل ئي رهيو- جنهن مهل اقرار پڇيو هو، ”فتاح! بي ضمير ڇا آهي؟“
تنهن مهل مون ڪتي جيئان منجهس نظرون وجهي پڇيو هو، ”خبر ناهي ته- اقرار تون مون کان منهنجي ذهن جي گرامر پيو پڇين يا ڪنهن اسم ذات جو فلسفو پيو پڇين؟“
”مان ذات، پات تي نه پيو ڳالهايان فتاح- مون توکان ضمير بابت پڇيو آهي- اهو ضمير جنهن کي ذهن، قلب يا حافظو- وغيره به چيو ويندو آهي- جنهن ۾ اڪثر ماڻهو پنهنجي نيت لوڙهي، ولوڙي بي ضمير به ٿي پوندو آهي؟“
انهيءَ مهل جنهن ضمير تي هن ڳالهائڻ پئي چاهيو- ان جي وضاحت ته ڪيائين پئي- پر سندس ڳالهائڻ جو واسطو- ڪنهن ادراڪ، فهم ۽ دل، دماغ سان نه هو، بلڪه نيتن صرف ڪنهن هڪ ذات سان هو- ۽ ان وقت ماڻهو به صرف اسان ٽي- يعني تون، مان ۽ اقرار هئاسين ۽ هو اسان ٽنهي مان ڪنهن هڪ تي ڳالهائي رهيو هو- پوءِ ڪيئن نه وهمجان ها- ته اهو مان ئي هئس- جنهن تي هو في الحال مخفي طرح سان ڳالهائي رهيو هو.
هن ته پنهنجن لفظن کي برقعو پارائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي- پر مون تنهنجي گهر جو ۽ تنهنجو به احترام نه ڪندي کيس چيو هو ته، ”اقرار! حقيقت ۾ ماڻهو جڏهن خود بي ضمير بڻجي پوندو آهي، تڏهن سندس واسطو به صرف بي ضمير لفظن سان ٺهندڙ سوال ٺاهيندو آهي- ۽ ضمير ۾ اسم اُچاري نه سگهندو آهي!“
”ڇا مطلب آهي تنهنجو؟“ هن منهن ڦٽائي باهه ٿيندي پڇيو هو.
مون کيس جواب ڏيندي چيو، ”مطلب مان ته- ڪيترائي مطلب لهي سگهجن ٿا- پر ڪو بي ضمير تنهنجي دماغ ۾ ويٺل آهي تون تڏهن پيو پڇين ته بي ضمير ڇا آهي؟“
”تون غلط لائن تي پيو وڃين فتاح.“ لائن ته سندس هئي پر اختيار مون ڪئي هئي. انهيءَ ڪري سڌيءَ طرح چيومانس، ”ٿي سگهي ٿو- ۽ توکي سمجهه ۾ ايئن ايندو هوندو- ماڻهوءَ کي جڏهن پنهنجا چيل لفظ- واپس منهن تي لڳندا آهن- تڏهن هو ٻين کي غلط محسوس ڇو ٿو ڪري؟“
”تنهنجي چوڻ جو مقصد- اهو ماڻهو پاڻ متعلق ڳالهاءِ، پنهنجي بي حُرمتي پاڻ ڪندو آهي؟“
”بلڪل! ۽ هو اهڙي حالت ۾ خود کي ڪيش ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.“
تڏهن هن معاملي کي لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي چيو ته، ”تنهن جي معنيٰ ته- منهنجي نظر ۾- سڄي دنيا بي ضمير آهي؟“ ۽ مون ٺيڪ طرح چيومانس، ”نه اقرار! دنيا ۾ بي ضمير تو شايد ناهن ڏٺا- پر اسان هن وقت جيڪي موجود ويٺا آهيون- انهن ٽن جي دنيا مان- ڪنهن هڪ جي دنيا توکي ضرور بي ضمير محسوس ٿي آهي؟“
کانئس اهو سوال پڇندي مان سڄو هارجي ويو هئس- هو مون کان هر حال ۾ طاقتور هو- ايستائين جو تنهجي خاموشي به هن جي طاقت بڻيل هئي- هن تو ۾ نظرون وجهندي چيو، ”منهنجي خيال ۾- تون بيوقوفيءَ تي سوار آهين فتاح! لفظن سان گڏ- دوستن جي به بي حُرمتي ڪرڻ لڳو آهين.“
مون محسوس ڪيو ته هن ايترو تنهنجي سهاري ڄڻ تنهنجي به طاقت استعمال ڪندي چيو هو.
ايئن ٿيو هميشه- ماڻهو پنهنجي لياقت کان اڻڄاڻ رهي- پنهنجو ادب، وقار، مان، مرتبو ۽ زينت فضيلت سڀ ڪجهه اُلٽو ڪري ڦٽو ڪندو آهي- ۽ شرمناڪ حد تائين وڃي- پنهنجو جيءُ هلڪو ڪندو آهي.
پنهنجي دل ڦيري- دوستن کي بي دل ڪرڻ،
همت کسڻ، ذلت، عيب، رسوائي، خفگي، نفرت،
برائي ۽ بي قدريءَ جهڙيون باقي نادم شيون وٽس بچن ٿيون- جيڪي دوستن کي انعام ۾ ڏيڻ لاءِ- ذليل، مڪار، بي غرض،
نالائق، گستاخ، بيوقوف،
وهمي، سرڪش، بي ادب، چريو
۽ بي ضمير جهڙا پنهنجي زباني خاص لفظ ڳالهائي، دوستن جي منهن ۾ هڻي ٿو!
ڪيڏي نه عزت واري شيءِ پئي سڏجي- پاور Power
۽ ڪيڏي نه ذلت ۽ بيوسي آهي ڪمزوري Powerless. پاورفول ماڻهو چريو ئي هجي- پر دنيا کي سياڻو چوندي خود کي چريو محسوس ڪندو آهي! – اها ئي چريائي آهي سندس- جو دنيا کي سياڻو چئي- ان تي ۽ ان لاءِ وڌيڪ سوچي ٿو.
ڪيفيتن ۽ لفظن جو آپريشن ڪندي- دل جا زخم اڌورا رهجي ويا-،
ڪنهن کي ارپيان ها اهڙا لفظ؟،
جن جو ڪو عضوو سَگهو ته رهيو ئي ڪونه!
دل جي غمناڪ يادن ۾- هاڻ صرف رُلندڙ قومن جا روح پئي ڊوڙيا!
آد جگاد جو عڪس ۽ وقت جون پرڇايون- سک ڪنهن کي ڏئي سگهيا؟
انسان! جنهن جون ٻانهون تمام ننڍڙيون- ۽ وقت! جنهن جا پير ڌرتيءَ تي ۽ مٿو آسمان سان وڃي ٿو لڳي- هي ننڍڙو انسان- ننڍڙين ٻانهن سان- کُڙيون کڻي به سندس ڳچيءَ تائين پهچائي نٿو سگهي!
خود کپائي، خودڪشي ڪندڙ هي کٽل انسان- وقت جي گلي ڪپڻ جي ڪوشش ڪئي- ته پنهنجي جان ڪٽڻ جي صلاح اپنائي ويٺو-
وقت! جيڪو ڏاهن جو استاد آهي، ڏاهي کي پِٽ ته لڳندي ناهي.
ڏاهن کي بددعائي ڏئي- پِٽيندڙ کي- بي همت ۽ جاهل جو درجو حاصل آهي-
بي همت زبانون- لفظن ۾ پِٽڪي جي ايجاد آهن.
جڏهن ذهن بي همت ۽ زبانون ڪمزور بڻجي پون- تڏهن محبت جو مفهوم- لفظن جي خواهش تائين محدود رهي ٿو.
لفظن جي خواهش ۾- جيڪي جملا مون ايجاد ڪيا- سڀ انساني صورت جو عڪس هئا- ۽ هر لفظ تنهنجي صورت مان چورايل هو- جڏهن انهن لفظن تي نظر آندم- ته لفظ محبت جي خواهش وڌيڪ محسوس ڪيم- پورو زمانو به سندس خواهش ۾ مدهوش پئي لڳو!
هڪڙا لفظ اهڙي خواهش ۾ مري کپي پئي ويا- ته انهن جي روح مان وري ٻيا جنم پيا وٺن!
لفظ مرندا، کپندا، ڄمندا رهيا، پر سندن خواهشون موت لاءِ به مسئلو بڻيل هيون- عقل تڏهن چوندو هو- عشق ڌمچر مچائي- لفظن جي خواهش خدا کي غير فاني بڻائي ڇڏيو!
پر اهڙا خيال اقرار کي- ان وقت مان ٻڌائي نه پئي سگهيس- ۽ ٻڌي به ڇا ڪري ها- اهي لفظ ته اقرار جي سمجهه جا ئي نه هئا- قسمت اوهان جي اڳيان ته چريو مون کي ڪيو هو- ۽ اهو به هن مون کي ڄڻ پنهنجي بي سمجهيءَ ۾ چيو هو ته، ”لفظن سان گڏ دوستن جي به – بي حرمتي ڪرڻ لڳو آهين.“
مون زندگيءَ ۾ ته دوستن جي بي حُرمتي ڪڏهن به نه ڪئي هئي. لفظن جي بي حرمتي واقعي ڪري ويندو هئس- شاعر جي هئس- شايد اها ئي دوست پنهنجي بي حرمتي سمجهندا هئا-
ڪڏهن، ڪڏهن لفظن جي خواهش سمجهي نه سگهندو هئس- اهڙي حالت ۾- بي ضمير لفظ به ڳالهائي ويهندو هئس! – پوءِ منهنجي زبان ۾- لفظن سان گڏوگڏ- منهنجا دوست به پنهنجي عزت ۽ غيرت وڃائي ويهندا هئا-
زماني کي لفظن جي خواهش واري مرضيءَ مطابق- ڪڏهن به ڳالهائيندي نه ٻُڌو هئم-
شايد وقت مون کي به استعمال ڪري ويو- وقت جي آرزو- انسان کي ڪيڏو بي سمجهه بڻائي ٿي ڇڏي؟- چاهتن ۾ جيتري ڏاهپ آهي- ان کان ٻيڻ تي- مُور کائي- به آهي شايد؟-
محبت ۾ ماڻهو نه لفظن جي خواهش ٿو سمجهي، نه پنهنجي مرضي اهڙي حالت ۾- ڪو اديب آهي- ته زمانو حق تي هوندو- جي انهيءَ کي چريو چيو هوندائين.
جيئن اقرار مونکي چيو هو ”فتاح! منهنجي خيال ۾ هاڻ تون به چريو ٿيندو وڃين!“
اهي لفظ هن تمام ڪٺور لهجي ۾ چيا هئا- بد مزاج لهجا ته- هميشه نفرت جي ايجاد رهيا آهن! – اهڙي بدمزاجي وقت- نفرت جي باهه ۾ ذهن ٺارڻ لاءِ- لفظن جي خواهش جاڳي پوندي آهي- جيئن محبت ۾ پاڻ ارپڻ لاءِ- دل جي شوق سان گڏ لفظن جي خواهش به رهندي آهي.
پر جڏهن لفظ! ”خواهش“ کي خود پنهنجي ڪا خواهش جاڳي- پوندي آهي- تڏهن ماڻهو ۽ محبتون سڀ خواهش جا مريض ٿا بڻجي پون. –پوء نفرتن جون خواهشون- انسانيت لاءِ موت جو راڪاس بڻجي پون ٿيون.-.
تڏهن وقت جي ستم گري سان ماڻهو، محبتون، مقصد، رٿائون، ارادا ۽ ڳنڀيرتائون- سڀ بهانائي رهن ٿا. – پوءِ بي همٿ ضمير لاءِ زخم تي زخم ۽ زخم ۾ زخم-
پر اهڙا ڪنگال ذهن- جيڪي پنهنجي ذهن کي لفظن جو ڍو ڏئي نه سگهيا- اهو نعرو انهن ايجاد ڪيو- فاني ڙي فاني!
۽ نادار قومون- جيڪي اٽو کائي!- پنهنجو پيٽ ڀري نه سگهيون انهن لفظن جي دانهن جي بجاءِ- بک جي دانهن ايجاد ڪئي- ماني ڙي ماني!
لفظ ماني کي به ڪنهن مراد جي خواهش هوندي-؟- پر اقرار ته هڪ امير پُشتي جو فرد هو- تنهن کي ڪنگال قوم ۾ ڄمدي به ماني جي بک نه هئي- هُن کي لفظن جي بک هئي اهڙن لفظن جي بک- جن کي هو آساني سان چٻاڙي مون سان پنهنجي نفرت جو اظهار ڪري- تنهنجي محبت حاصل ڪرڻ پيو چاهي.
جيئن شاعر هميشه لفظن جو بکيو رهندو آهي- تيئن امير عاشقن کي- لفظن جي خواهش- هميشه ستائش ۾ رکيو آهي! - ۽ فقير عاشق تمام شاهوڪار لفظ ڳالهائيندا آهن. پر سي خاص ۾ ته پسند نه ڪيا ويندا آهن- شايد منجهن سچائي جي شڪستي رهي ٿي- جيڪا دماغن جا تالا کولي ٿي- ۽ ڪوڙ کي ڪفن پارائي ٿي.
مون ڪوشش ڪئي- اهڙا لفظ ڳالهيان- اقرار جو ڍو ٿي وڃي پر لفظن جي ڍو ۾ رهي به- خود کي لفظن لاءِ بکيو محسوس ڪندو هئس- وڏي ڪوشش کانپوءِ- لفظن جي چونڊ ميڙ ڪندي مون اقرار کي چيو هو ته ”اقرار! ماڻهو- جيڪڏهن بي ضمير جملا ڳالهاءِ- لفظن جي بي حُرمتي ڪري ٿو- پر جيڪڏهن انهيءَ ۾ حقيقت جي ترجماني آهي- ته پوءِ ماڻهو جي منهن مان شرم کي ته اڏامي وڃڻ گهرجي؟“
منهن تپي ٽامو ٿي پيو هئس- لفظن جي بک ڇتو ڪري وڌو هئس-
هر قسم جي بک ويڙهه پيدا ڪندي آهي- پر اميرن کي جڏهن ڪا بک جاڳي پوندي آهي- تڏهن هو جو ڪجهه ڳالهائيندا آهن- پاڻ سمجهي نه سگهندا آهن- اکين کان انڌا ۽ ذهني طرح مفلوح ٿي ٿا پون- محڪومن کي گاريون ڏيندا آهن- نوڪرن کي چڪ پائيندا آهن- ۽ خود کي کُٽائي وجهندا آهن!
-۽ نادارن کي جڏهن ڪا بک ستائيندي آهي- تڏهن جهيڻو ڳالهائيندا آهن- ۽ حوصلو، همٿ ۽ جوان مردي جو، جوهر حاصل ڪندا آهن-
غربت ۾ هونئن به- سواءِ لفظن جي ڍو جي- باقي هر قسم جي بک- ذهن ۽ پيٽ ۾ پنهنجو گهر اڏي ويهندي آهي- پر نيتون پوءِ به بي شرم نٿيون بڻجن!
اقرار منهنجي منهن ۾ ڏسي- لفظن کي باهه ڏيندي چيو هو ”نالائق آهن اهي دوست- جيڪي دوستن جي منهن مان شرم وڃائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.“
”نه اقرار! ائين نه چئو نه؟- چئو ته نالائق آهن اهي ماڻهو- جيڪي پنهنجي بي شرم نيت لڪائڻ لاءِ- ٻين جي شرم تي- اهڙا بي شرم لفظ استعمال ڪندا آهن“ مڇر جي پيو هو- شيطان ۾ اچي- رڦندي چيائين ” منهنجي خيال ۾ جيڪي جاهل، لفظن جي مراد نه سمجهندا آهن- انهن لاءِ گارين ۽ موچڙن کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه هوندو به ناهي؟“
هن لفظ دوست ڇڏي- لفظ جاهل کي زور ڏئي ڳالهايو هو- پر مون وري لفظ دوست استعمال ڪندي- کيس صاف، صاف چيو هو ته ”ها! اقرار! سو تڏهن- جڏهن هڪڙو دوست بي شرمائي جي حد به ٽپي ويندو هجي- اهڙي حالت ۾ ان دوست سان سڌي ريت ڳالهائڻ گهرجي- ۽ پنهنجي فيصلي ۾ دير به ڪرڻ نه گهرجي؟“ مون ڄڻ موچڙا گهري پئي ورتا- ۽ هن اهو ارادو ڏيکاريندي چيو، ”پوءِ تنهنجي ڇا مرضي آهي؟“
تڏهن مون تنهنجي منهن ۾ ڏسي- کيس جواب ۾ چيو، ”مرضي وارين کي- بدعتي ۽ موالي مردن جي نڪاح کان وڌيڪ ٻيو ڇا ٿو حاصل ٿئي. ڪنهن جي مرضي- ڪنهن کان تڏهن پڇي ويندي آهي، جڏهن ان کي استعمال ڪرڻو هوندو آهي- تون ڪير آهين؟ مون کان منهنجي مرضي پڇڻ وارو؟- لڳي ٿو هيترو وقت- تو جو ڪجهه پئي ڳالهايو- سو صرف ۽ صرف مون تي؟- اقرار! توکي اهو ذهن ۾ هئڻ گهرجي ته- مان نه ڪنهن جي اکين واري بندوق کان ڊڄڻ وارو آهيان- ۽ نه ڪنهن جي زبان جي ڪارتوسي لفظن کان؟“
”۽ تو هيترو جيڪو ڳالهايو- سو تو پنهنجي بابي تي پئي ڳالهايو ڇا؟- مون کي تنهنجي خبر آهي فتاح- تون انهن ماڻهن مان آهين، جيڪي خود کي گاريون کارائي، پنهنجي دوستن اڳيان، پنهنجي بي عزت پاڻ ڪرائيندا آهن!“
تنهنجو ته گهر هو- پر تو ۾ ڳالهائڻ جي ڪا سگهه ئي نه پئي ڏٺم- هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي پنهنجون اکيون ڦيري ڇڏيون هيون ۽ صوفي تان اُٿي- منهنجي گلي ۾ هٿ وجهي- گاريون ڏيڻ لڳو هو- تڏهن توکي پنهنجي گهر جي عزت جو مڙئي ڪو جذبو جاڳي پيو هو- تو هڪدم اُٿي- سندس ٻانهن ۾ هٿ وجهندي چيو هو، ”اقرار هي ڇا پيو ڪرين؟ هوش ۾ آهين؟- ماڻهو ڇا چوندا؟- هٿ ڪڍ فتاح مان-؟ گهٽ ۾ گهٽ منهنجي گهر جو ته خيال هئڻ گهرجي توهان کي؟“
هُن گلي مان هٿ ڪڍي ڇڏيو هو- پر مون ۾ پوءِ به ڪراهت ڀرين نظرن سان ڏسندو رهيو! ۽ مان ڪنهن نڌڻڪي ماڻهوءَ جيان خاموش هئس- جيئن ڪو امن پسند ماڻهو- پنهنجي بي عزتي ٿيڻ وقت- رڳو صرف دل جو ڏکندو محسوس ڪندو آهي. باقي وڙهي نه سگهندو آهي.
پنهنجي بي عزتي حاصل ڪندي- شرم مان بيوسيءَ جو پاڻي اکين تي تري آيو هئم- خبر نه پئي پيم ته- ڪنهن اندر جي زور سان- اُهو اکين وارو پاڻي- اکين مان ٻاهر ڪڍڻ پئي چاهيو- ۽ مون ڪوشش ڪري اکين کي سُڪائڻ پئي گهريو!
مون کي خبر هئي- اکين مان لڙڪ جي ڪري پيا- ته اُنهن تي ڳالهائي ڪجهه نه سگهندس- وڌيڪ سوچيم- جي ڳالهائي وجهندس ته انهن لفظن جي خواهش الاءِ ڪهڙي هوندي؟
خاموشيءَ سان- پنهنجا پير سنڀالي- اُٿي بيٺو هئس- تو منهنجي وڃڻ وارو ارادو سمجهي ورتو هو- ڪافي ڪوشش ڪئي هيئي مونکي واپس ويهارڻ جي- پر ويهڻ واري قوت مان وڃائي چڪو هئس. مون سان ان وقت خدا جو عاشق شيطان به مخاطب هو- ته اندر وارو انسان به ڪجهه صلاحي رهيو هو- پر ٻنهي کي نظرانداز ڪري- ڪمري مان ٻاهر نڪتو هئس- ٻاهر نڪرڻ وقت مون کي پويان تو ڪافي سڏ ڪيا هئا، ليڪن پنهنجي دل جي فيصلي موجب مون پويان لوڻي هڻڻ جي به حاجت نه ساري هئي ۽ سڌو پنهنجي گهر جو رستو اختيار ڪيو هئم- انهيءَ مهل مون ۾ به هوش جي اُها حد هئي، جنهن ۾ ماڻهو مڪمل لُٽجي ويندو آهي.
پنهنجي گهر پهتس ته- اقرار جي ماءُ- منهنجي انتظار ۾ ويٺل هئي!
درد جڏهن دل تان اُٿلو کائي- ذهن تان گذرڻ لڳندا آهن، تڏهن صرف لفظ ئي هوندا آهن، جيڪي پنهنجي نئين جنم سان حال ۽ مستقبل جا نوان فيصلا جوڙيندا آهن- ۽ پوءِ هڪ ڀيرو وري به جي- دل تي دردن جي اُٿل اچي وڃي- ته روح کي ڄڻ غير متوازن غذا مليو پوي.
اڪثر ٿئي به ايئن ته- ڌڪيءَ کي ڌڪ هميشه ڦٽ تي لڳي! پنهنجي بي عزتي ڪرائي- دل جو درد کڻي- طوفان جيان گهر پهتس ته- اتي به اقرار کي جنم ڏيندڙ سندس ماءُ تي نظر پيم- جنهن منهنجي پهچڻ شرط مون کي مبارڪ ڏيندي چيو، ”فتاح! اڄ مان هاسيڪار توکي خوشخبري ٻُڌائڻ آئي آهيان، بس ايئن سمجهه ته- سا هڪ مبارڪ آهي!“
ٻارن کي شعر ٻُڌائڻ- ۽ لاش کي شرنائي ٻُڌائڻ- اها به ڪا وقتي عادت چئبي!؟
ڪربلا ۾- امن جا پانڌيئڙا جڏهن ڪُٺا پئي ويا، دهل شرنائي جهڙو ساز به انهيءَ ڏينهن ايجاد ٿيو شايد؟
دل جي وحيءَ ۾ جنم وٺندڙ هر جملي کي مان آتما سمجهندو هئس ۽ ان جي لفظ، لفظ کي پنهنجو امام تصور ڪندو هئس.
هرنئين جنم وٺندڙ لفط کانپوءِ پراڻن لفظن کي پنهنجو وڃايل روح سمجهڻ لڳو هئس.
منتشر سوچ جي دائري ۾ لفظن جو آئينو جهُري پاش، پاش ٿيندو رهيو- هڪڙا لفظ ڦٿڪي جان ڏئي وري نوان ۽ اجنبي لفظ ڪِوِلين جي قطار جيان ذهن تي ڊوڙي پنهنجي آتما جي جهُريل آوازن سان- پنهنجا لهجا ڳالهائيندا رهيا. ڪڏهن ڪنهن مسرت ۽ مبارڪ جي بهاني سان- ته ڪڏهن ڪنهن ذلت ۽ اذيت جي صورت ۾!
ذهن ۾ لفظن جي عمر تمام مختصر هئي، جنهن تي مون تمام گهڻو ڌيان پئي ڏنو! پر سندن خواهش تمام اٽل- جنهن تي ڌيان نه ڏيڻ سان سندن جملن جي مفهوم ۾ پنهنجو عقل، ذهن، مزاج، دليري، فهم، مقصد، ارادو، آتما، سڀ وڃائي گم ڪري ويٺس،-
صرف دل ۽ خواهش باقي رهي- جنهن کي ناول جي آشا سمجهي- آرزومند بڻجي ويٺس!
آرزو! سندس لفظي خواهش ته الاءِ ڪهڙي هوندي؟ پر سندس مفهوم ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ مُڪتي ماڻڻ مشڪل هوندي آهي!؟
اگر انسان سندس مفهوم کان آزاد ڪري وٺجي- ته پوءِ لفظ ”آرزو“ جي آخري خواهش آتم هتيا هوندي شايد؟ ٻيءَ حالت ۾ پوءِ اهڙي آزاد ماڻهوءَ لاءِ صرف سندس وڃايل روح جي ڳولا ڪري سگهجي ٿي! اگر سندس روح ڪير لڀندو هجي- ته شايد اهڙي حالت ۾ جيئن پوپٽ کي جهلڻ کانپوءِ صرف سندس جسم جا رنگ هٿ جي آڱرين تي چهٽي پوندا آهن!
تنهنجي محبت منهنجي من تي- اهڙي ئي رنگ جي مثال رهي.
اقرار جي ماءُ جنهن مهل چيو، ”بس ايئن سمجهه اُها هڪ مبارڪ آهي فتاح!“ ته مان کيس پنهنجي ڪهڙي خيريت سان چوان ته، ”خير مبارڪ.“ مُئي پڄاڻا- ميت جي شڪل ۾ انسان ڀل ڪيترو به خوش هجي- پر لفظ، خير مبارڪ نٿو ڳالهائي سگهي.
سندس مبارڪ جي مُراد مان مڪمل طرح سمجهي چڪو هئس. دل جي زخم تي – ڄڻ ڪنهن لوڻ ڪڻو رکيو- دل دانهن ڪئي ته-
دل لُٽي، ويو دم ٽُٽي- لفظن جلائي آتما،
مِيت ۾ ويا گيت گم ٿي، هاءِ انسانيت الوداع!
دل جا زخم چٽيندي مون پڇيوهومانس، ”ماسي خدا ته اوهان کي خوشيءَ کان وڌيڪ ٻيو ڪجهه ناهي ڏنو؟ ڇا اڄ جي خوشخبري زندگيءَ جي مڙني خوشين کان اُتم آهي؟“
”ها! فتاح! ابا محسوس ايئن پئي ڪريان- ته زندگيءَ ۾ اهڙي خوشي وري نصيب نه ٿئي شايد- شال خدا تنهنجي زبان سلامت رکي ۽ اها خوشي اُتم ثابت ٿئي.“
منهنجي تباهيءَ جي دعا- مون کان پئي گهريائين- ڪيئن نه اُتم چوي ها- جنهن زندگيءَ جي لغت ۾ لفظ ”نيچ“ ڪڏهن اُچاريو ئي نه هجي- سو جي ڪميڻن جو خالق به هوندو- ته اڻڄاڻ تي سندس خدا جي ميار به معاف هوندي آهي. ڪيفيت اهڙيءَ ۾ هئس، جو دل نه پئي چئي ته کانئس پڇان ته ڪهڙي خوشخبري آهي؟
پر اهو اهم سوال ته- ڪو مائٽ جيڪڏهن بي حيا اولاد ڄڻي ٿو ته ويچاري مائٽ جو ان ۾ ڏوهه به ڪهڙو؟ جڏهن خدا به شيطان جهڙي نامي جنس پيدا ڪئي ته انسان تي ڪهڙي ميار!
هن جهان ۾ ڪنهن بي غيرت مائٽ به- اهڙي خواهش نه سانڍي هوندي- ته هو نادان ۽ نالائق اولاد ڄڻي، جيئن شاعر جي اها خواهش نه رهي آهي ته هُو مئل ۽ بي حيا لفظ ايجاد ڪري! پر لاشعور ۾ لڙهي اهڙا لفظ به ايجاد ڪري ويندو آهي- جيڪي سندس لاءِ به گار هوندا آهن!
مرد، عورت ٻئي جنسون گڏجي- پنهنجن سرڪش عضون جي خواهش سان- اهڙو اولاد به ڄڻي وجهندا آهن، جيڪي سندن لاءِ به عزت ۽ غيرت جي راند بڻبا آهن! – پوءِ وڌيڪ زماني به ڪنهن کي بخشيو آهي؟
في الحال پنهنجا سڀ سُور، اذيتون وساريندي مون اقرار جي ماءُ کان پڇيو هو، ”ماسي! ڪهڙي خوشخبري آهي؟“
”هُوءَ..... هُوءَ آسا!“ الاءِ ڇو ڳالهه ڪندي، ڪندي روڪي ڇڏيائين. ڳالهه ڪهڙي به هجي، پر اڌ ۾ رهيل سا ڳالهه ماڻهوءَ ۾ بي چيني پيدا ڪري وجهندي آهي. جنهن کان ٻُڌائڻ وارو لاپرواهه رهندو آهي، پر ٻُڌڻ وارو اهڙي بيچينيءَ ۾ رهندو آهي جيئن نئين ٻار کي جنم ڏيندڙ- سندس ماءُ کي- سندس زندهه ٻار ڄمڻ جي اُميد ۽ آزار لهڻ جو انتظار رهندو آهي!
اڌ ۾ رُڪيل سندس خوشخبر بيان ۾- منهنجي سوچ اٽڪيل هئي- مون کيس اهو نه ٻُڌايو هو ته مان هينئر ئي آسا کان اچان پيو- ”ها ماسي! هُوءَ.... آسا ڇا؟“ مون کيس ڌيان ڏياريندي غور سان ٻُڌڻ جي ڪوشش پئي ڪئي. هُن مون کي پنهنجي خوشيءَ ۾ شريڪ ڪندي چيو، ”ايئن هڪدم مفت ۾ نه ٻُڌائينديس، واعدو ڪر مٺائي کارائيندين؟“
ڏاڍي ڏکي ڳالهه ڪري وڌي هئائين. منهنجي دل! سا ڪنهن مَيت جيان مڙئي ڪپڙن ۾ ڍڪيل هئي، ۽ هن پنهنجي خوشيءَ جي خوراڪ لاءِ، مٺائيءَ جو شرط وڌو هو، پر پنهنجو مقصد وٺڻ لاءِ مان مٺائي ته ڇا- ان مهل سر به شرط ۾ کارائي پئي سگهيس- حقيقت ۾ ڪو وزن نه به هجي، پر شرط رکڻ سان ڪيئن نه ڳالهه مان ڳالهوڙو ٿو ٺهي پوي. اهڙي هالت ۾ ڪيفيتون ڪهڙيون به هجن، پر شرط مڃڻو پوي ٿو-
شرط! جنهن کي شرو ۽ شيطان به چيو وڃي ٿو- سو ته هاڻ عوامي حاڪمن کي اهم ڪرسين تي قسم جي صورت ۾ کڻائي ويهاريو وڃي ٿو- پر جيڪو شرط مون کي منهن پيو هو، سو دل جي ايوان ۾ بغاوت ڪري رت رئاريندڙ هو.
سندس دل رکڻ لاءِ مون کيس مڙئي چيو، ”توهان ڳالهه ٻُڌايو ماسي، مٺائي بلڪل کارائبي.“
”ٻُڌايان؟“
”ها! ڇو نه؟“
”هوءَ آسا آهي نه؟“ وري خاموش ٿي وئي.
”ها! ماسي هُوءَ آهي ته آسا.“ مون کيس مسڪرائي چيو.
چوڻ لڳي، ”سا به راضي ٿي آهي!“
”راضي ٿي آهي!؟“
”ها! بلڪل راضي آهي ابا!“
”پر ڇا ۾ راضي آهي ماسي؟“
”اقرار سان- شادي ڪرڻ ۾.“
هاڻ وڌيڪ ڪجهه پڇڻ جي همت- هميشه لاءِ موڪلائي وئي هئي. ذهن تي لفظن جا اَڏيل محل سڀ پٽ اچي پيا هئا، دل ۽ دماغ ڄڻ پٿرن جو خاموش جبل بڻجي پيا هئا.
۽ هُن ٿوري دير خاموش رهي وري چيو هو، ”ڪيئن هاڻ مٺائي کارائيندين- نه؟“
ڪهڙيءَ طرح کيس چوان ها ته مون کي زهر آڇي- مون کان مٺائي پئي گهرين.
اهڙين اُميدن جي ساڀيا تي، دليون جي مٺائي نه کائينديون آهن، تڏهن به ٿڌيون ۽ مٺيون رهنديون آهن ۽ وري صدمو کائيندڙ نااُميد دليون- زهر اگر نه کائينديون آهن- تڏهن به زهر آلود رهنديون آهن! ۽ پورو جگر پنهنجي تيز ڌڙڪن سان ڪاڙهي وجهنديون آهن.
پنهنجي عمر ۾- دماغ تي ايڏو هاءِ ٽيمپريچر ڪڏهن نه چڙهيو هئم- دل اُٻڙڪا پئي ڏنا. ايئن پئي لڳم ته رت جي اُلٽي ڪرڻ وارو آهيان- اعتبار نه پئي آيم ته ڪا اها واقعي حقيقت هوندي-؟
زندگيءَ جون سڀ راهون- ويران ٿيندي محسوس ڪيم- ايئن پئي ڀانيم ته- منزل جي مسافريءَ ۾ زندگيءَ جو سفر- ڪنهن ٿڪل مسافر جيان موت جهڙي گهري ننڊ ۾ سمهڻ وارو هئس ۽ وري محشر جي جاڳ لاءِ به ڪا حسرت نه رهندي هجي- پنهنجو ئي شعر ياد آيم ته:
(i) زندگي پنهنجي مسافر، ٿو اُميدن ۾ لُٽائي،
جيئن خواهش، مقصدن ۾- ايجاد ذلت جي به آهي!
(ii) ها! زندگي اُميدن لُٽائي- ۽ وئي لُٽجي سڀ صداقت-
نه دل رهي نه دلبر رهيو، ويو کٽي سارو خفو:
دل ته اهڙيون ڪئين دانهون ڪيون، پر اهڙي بي اعتبار حقيقت تي هاڻي وڌيڪ تبصرو ڪرڻ واري ذهني حالت وڃائي ويٺو هئس. حالانڪه دل اهڙو فيصلو ڏئي چڪي هئي ته اميدن جا سڀ رشتا مقصد کان ڪٽجي چڪا آهن فتاح! پر ذهن جنهن ۾ عقل هو، جنهن جو توسان پوءِ به ڪو اهڙو رشتو هو، جنهن اهڙي حقيقت قبول نه پئي ڪئي.
ڪيترين ئي ڳالهين کانپوءِ اقرار جي ماءُ وڃڻ وقت ايئن به چوندي وئي، ”فتاح! ابا ڏس ڳالهه وسارجان نه. منهنجي مٺائي توتي رهيل قرض آهي، سو جڏهن چاهيان توکان وٺي سگهان ٿي، ۽ پر ها! ٻي ڳالهه- هاڻ گهر ته ايندو رهجان، اقرار جي شاديءَ بابت صلاح مصلحت لاءِ به ڪا مدد نه ڪندين ڇا؟“
منهنجي لاءِ ته سندس گهر باقي اچڻ، وڃڻ وارا دروازا به ڄڻ خود بند ڪندي چيو هئائين.
غوطي ۾ غوطو هئم. سوچن جو سلسلو ٽُٽي ئي نه پيو. دنيا ۾ انسان کان وڌيڪ آباد شايد جيت آهن، گهٽ ۾ گهٽ سندن خواهشون ته محفوظ آهن، ۽ سندن روح محبت جي رشتن ۾ رُلي لفظن ۾ گم ته نٿو ٿي وڃي!
هي ڳالهائيندڙ جانور ”انسان“ جيڪو خاموش جيتن جي سهاري زندهه آهي، ڪيڏو نه احسان فراموش آهي؟
انسان جي حسرتن کي جيتن جيئان لتاڙي، خود به زماني جي لتاڙ ۾ ڪيئن نه ذليل پيو ٿئي.
ها! اها ئي پراڻي عادت، جنهن ۾ پنهنجو پاڻ سان جهيڙي هاڻ خود کي ذليل ڪرڻ لڳو هئس!

