اسين ڇا لکنداسين
مونکي سڀني روڳن کي مٽائڻ کي ٻيو ڪجهه ڪو نه مليو، ملي ته اهڙي سوکڙي ملي، جنهن ورهين جا روڳ ڌوئي ڇڏيا.
سائين حيدر دريا پنهنجي فرزند ۽ منهنجي جگري سنگتي سان جڏهن پنهنجو ناول ”لفظن جي خواهش“ ڏياري موڪليو ته دل بي ساخته ڪال ڪوٺڙي کان آزاد ٿي وئي.
ناول به انهن ڏينهن ۾ مليو، جن ڏينهن ۾ پيرن کان وٺي مٿي تائين چڪناچور ٿيل هئس، هيو ته روڳ هيو، ٻيو ڪجهه نه هو، پر سڀئي ڌوپجي ويا.
فرمائش سائين سان پاڻ ڪئي هئم ته اوهان جي ناول تي مان ڪجهه نه ڪجهه لکندس، اهو وقت اچي ويو.
ڪنهن جاءِ تي پڙهيو هئم ته ”هر ادب ۾ اهڙا ڪتاب هوندا آهن، جن جو تعلق ان جي ارتقا جي موڙ جي زماني سان ٿيندو آهي.“
اسان جي ادب ۾ به اهڙا ڪتاب موجود آهن، پر موجوده ڪتابن مان هاڻي وجود ۾ ايندڙ حيدر دريا جو ناول به انهن مان هڪ آهي، خبر ناهي ته حيدر سائين اهو ناول انهي ٽائيم پيرڊ ۾ ڇو نه آندو، جڏهن اسان جي ادب کي ناولن جي سخت ضرورت هئي، ڪڏهن ڪڏهن محسوس ٿيندو آهي ته جن شين جي ضرورت اسان کي اڳ ۾ هوندي آهي اهي شيون جڏهن پوءِ ملنديون آهن ته انهن جي ضرورت شدت اختيار ڇو ڪري ويندي آهي. شايد انهيءَ لاءِ جو اسين پاڻ به شدت پسند هوندا آهيون پنهنجي پنهنجي ذات ۾.
مئڪسم گورڪي جو ”ماءُ“ ناول پورو ڪري ويٺو هئس، جو مٿان سائين حيدر جو ناول مليو. هوڏانهن ”ماءُ“ هيڏانهن ”محبوبا“ ٻئي رشتا اهڙا جن تان قربان ٿجي.
پر اسين ته قربان به ڪو نه ٿي سگهيا آهيون.
”ايستائين محبت ڪندي رهجانءَ، جيستائين منهنجو هي ناول ڪمپليٽ ٿئي.“ خبر ناهي ناول ڪڏهن پورو ٿيندو پر محبت ختم ٿي وئي، جٽاءُ نه ڪري سگهي.
انهي فريز کانپوءِ خبر ناهي ڇو اڳيان ڪو نه پي وڌي سگهيس، لفظن جا ماريل آهيون، انهي جملي هڻي وڃي هنڌ ڪيو، ڪيترائي ڀيرا فون تي روبرو سائين کي برزباني اهو جملو چوندو رهيو آهيان.
سائين سدائين مسڪرائي ڳالهه کي ٽاري ڇڏيندو هو. اڄ جڏهن ٻه اکر انهي ناول تي لکڻ ويٺو آهيان ته اهو جملو اڳيان وڌڻ نه پيو ڏيئي، جيڪڏهن انهي جملي جو ڪٿي ڪو وجود هجي ها ته ڀاڪرن ۾ ڀري کيس روئان ها.
ورثي ۾ سائين حيدر کي ويراڳ مليل ورونهن مليل آهي. هو به ديوانو آهي، ديوانن جون نگاهون هميشه ڀٽڪنديون رهنديون آهن. وفائن جي تلاش ۾:
جتي اوهان ڇڏيو، اڃا اتي ئي آهن،
اکيون عبداللطيف چئي، ماڳ نه مٽائين،
جي ٻي در و اجهائين، ڪڍي ڪانگن کي ڏيان.
ايترو سو پڪ سان چوان ٿو اهي اکيون ماڳ نه مٽائينديون، توڙي جو اتي پورجيون وڃن، سائين سان جڏهن به مليو آهيان، انهي ناول تي وڌ کان وڌ ضرور ڳالهايو اٿم.
ڪهاڻيون جتي ڪٿي ساڳيون آهن، قصا ساڳيا آهن، قلم کڻڻ وارا هٿ بس مٽجي ويندا آهن. جنهن ڪهاڻي تي، جنهن قصي تي سائين حيدر قلم کنيو آهي، انهي قصي تي مان شايد قلم نه کڻي سگهان ها. مون ۾ ايتري وسعت ئي ناهي جو انهي قصي تي ائين قلم کڻي سگهان ها. اهو حيدر دريا هو، جنهن پاڻ نڀايو، جنهن پاڻ ملهايو.
منجهي پيو آهيان ته ناول جي ڪردارن تي ڳالهايان، ڊائيلاگن تي ڳالهايان، منظرن تي ڳالهايان، ڇا تي ڳالهايان.
اڳ ئي منجهيل ماڻهو سو ويتر منجهي پيو آهيان، ناول ته مستنصر حسين تارڙ جو ”پيار ڪا پهلا شهر“ به پڙهيم، راجا انور جو ”جهوٽي روپ ڪي درشن“ به پڙهيم، ”رهجي ويل منظر“ ۽ ”خالي بينچ“ به پڙهيم، پر ”لفظن جي خواهش“ خواهشن جي رڻ ۾ روليو آهي.
اسين جڳن کان ڌڪاريل ماڻهو، وساريل ۽ گمنام ماڻهو دل چوندي آهي ته عشق جي پيغمبرن تي ڳالهائيندا وڃون، ازل کان ابد تائين جو سفر ائين ئي پورو ٿي وڃي.
ڪاغذن جي ڪڇ تي سمجهه ۾ نه ٿو اچي ته سائين حيدر لاءِ ڇا لکان، مان سائين حيدر کانپوءِ تمام پوءِ جو ليکڪ آهيان، سائين حيدر کي هي ناول لکندي نه ڏٺو اٿم، پر دل چوي پئي وقت ڪجهه پٺيان وڃي، مان جيئن جو تيئن هجان، سائين حيدر کي رائيٽنگ ٽيبل جي آڏو هي ناول لکندي، سگريٽ جا وڏا وڏا ڪش هڻندي ڏسان، سائين جي ڀرسان بيهي، سائين کي سرٻاٽن ۾ ايترو چوان ”سائين جيڪڏهن اهو ناول اوهان لکيو ته پوءِ اسين ڇا لکنداسين، ازل کان ابد تائين، بقا کان فنا تائين جا ڊائيلاگ اوهان لکندا ته پوءِ ”اسين ڇا لکنداسين“، ”اسين ڇا لکنداسين.“
حيدر زرياب
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو
2009-09-13