قسط 20
وڏي حقارت سان انسانن جي دنيا ذهن مان ڪڍي فرش تي سُرندڙ ماڪوڙين ۾ نظر وجهي، سندن آزاديءَ تي سوچي رهيو هئس ته ڪجهه دير کانپوءِ، گهر جي ٻاهران تنهنجي جيپ جو هارن ٻُڌم، جنهن جي يڪي رڙو رڙ تي ٻاهر نڪتس ته تون پنهنجي جيپ تي اڪيلي ويٺل هئينءَ- توکي گهر اندر اچڻ لاءِ چيو هئم ته تو چيو هو، ”گاڏيءَ ۾ ويهه.“ پر جيپ ۾ ويهڻ لاءِ دل راضي نه هئي. جيپ کي غور سان ڏسي ايئن محسوس ڪرڻ لڳو هئس ته جيپ جو مقدر به مون جيان الائي ڪهڙو ٿيندو! ۽ جڏهن جيپ جي گٺل ٽائرن ۾ نظر وڌم ته اهي به مون جيئان پنهنجي غلام زندگيءَ کي- وفائن ۾ نڀائيندي پنهنجي عمر به کپائي چڪا هئا. منهنجو ذهن به شايد انهن ٽائرن جيان هميشه پراين زندگين تي تيز رفتار سان سوچي، سوچي پنهنجون نسون گَسائي چڪو هو.
”گاڏيءَ ۾ ويهه نه؟“ تو ٻيو گهمرو چيو هو، پر پير! هڪ وِک به کڻڻ لاءِ تيار نه هئا. تو منهنجي منهن ۾ ڏسي شايد منهنجي سوچ تي کلي ڏنو هو- نه تنهنجي اها کل سمجهي سگهيو هئس ۽ نه تنهنجو اُهو ڪردار- ”عجيب نيتون ماڻهن جون هونديون آهن؟“ اهو ئي پئي سوچيم ته، ”زندگي هڪڙن جي نالي- ته پيار محبت ٻين جي نانءُ سان!“
توکي به ان وقت انهن عورتن مان سمجهڻ لڳو هئس. جن ڪارو ڪاريءَ جي الزام سان روز جون اخبارون ڀري ڇڏيون هيون. شايد وقت اڃان هو؟ ويل هٿان نه وئي هئي، جو توکان پڇي وٺان ها ته، ”آسا! تو اقرار سان واقعي Marriage Agreement ڪيو آهي؟“
پر منهنجي شايد اها بيوقوفي هئي، جو اهڙي اصل حقيقت پنهنجي ذهن ۾ ڪوڙو اعتماد ڪري رکي ڇڏي هئم. بلڪل جاهلن جيان اهو يقين ڪري ويٺس ته اهڙي ڪا ڳالهه هوندي ته آسا مون سان ضرور ڪندي.
”ڇا پيو سوچين؟ ويهه نه گاڏيءَ ۾؟“ تو ٽيون ڀيرو چيو هو. بغير ڪنهن سوال، جواب ۽ ها، نه جي اهڙي طرح جيپ تي چڙهي ويٺس، جيئن ڪو ويجهو لهندڙ مسافر ڪنهن پيسينجر گاڏيءَ تي چڙهي مڙئي آڏو اُبتو ويهندو آهي. تو جيپ اسٽارٽ ڪئي ته مون کي ان جو آواز ئي نه پيو وڻي، ڄڻ ڪو پيرسن ماڻهو گهري ننڊ سمهي کونگهرا پيو هڻندو هجي!
تنهنجي گهر تائين جيپ ۾ ٻئي خاموش هئاسين. ايئن پئي لڳو ڄڻ اسان جي محبت جي شروعات ڪا نئين هئي. جڏهن تنهنجي گهر وٽ پهتاسين ته گهر جي ٻاهرين حصي واري ناسي ڪلر ۾ غور سان ڏسندي، ايئن لڳم جهڙو ڪنهن اوپري جڳهه تي اچي نڪتو آهيان. تو جيپ لان واري حصي ۾ بيهاريندي منهنجي خاموشي ٽوڙڻ خاطر چيو هو، ”هاڻ وري جيپ تان هيٺ نه لهندين ڇا؟“ واهجو حافظو هو تنهنجو به. مان ڪجهه نه ڳالهائيندي جيپ تان لٿو هئس. تو مسڪرايو پئي پر ان ۾ مون کي ڏاڍي رُکاڻ پئي محسوس ٿي. تون مون کي ڪجهه چوڻ جي بغير ئي ڊرائينگ روم طرف وڃڻ لڳي هئينءَ. مون ايئن محسوس ڪيو جهڙو تو مون کي نظر ۾ چيو هجي ته، ”هن ڪمري ڏانهن اچ؟“ مان خودبخود هليو آيو هئس. اهو ساڳيو ڊرائينگ روم هو، جنهن ۾ ڪجهه ڪلاڪ اڳ اقرار هٿان پنهنجي بي عزتي ڪرائي هئم.
ڪمري ۾ ويهڻ کانپوءِ ڪجهه دير سهي، تو چيو هو، ”فتاح! ڏس تون پاڻ چوندو آهين ته دوستيءَ ۾ رنج رسامو محبت کي وڌيڪ مضبوط ڪندو آهي؟“
”ها! مان ايئن بلڪل چوندو آهيان آسا! پر مون ايئن ڪڏهن به نه چيو هوندو ته بي عزتيون ڪرائڻ سان دوستيون وڌيڪ مضبوط ٿينديون آهن. پر اهڙي ڳالهه ڪرڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي آسا؟ مون ڪنهن جي شڪايت ته ناهي ڪئي نه؟“
رُٺل صورتون جڏهن ڳالهائينديون آهن ته زبان جو هر لفظ به رُٺل ئي هوندو آهي. ڪيئن به هو، پر توکي منهنجي بي عزتي اڃا پوريءَ طرح وسري نه هئي ۽ شايد وساري به نه سگهين. انهيءَ ڪري ئي تو چيو هو، ”ڳالهه ته اهڙي اداڪاريءَ سان پيو ڪرين، ڄڻ توکي ڪا تڪليف ئي نه رَسي هئي پر پنهنجي جڳهه تي دلي صدمو ته رَسيو آهي- نه؟“ شايد اهو شڪ به توکي منهنجي ڪيفيت مان پيو هو ۽ مون جواب ڏيندي چيو هو، ”ڪهڙو فرق پوندو، جي منهنجي دل چوٽ کاڌي هوندي ته؟“
جنهن دل کي صدمو اچي، ان ماڻهوءَ کي ريجهائڻ پرچائڻ لاءِ ڪو دل وارو ماڻهو رهيو ئي نه هجي، ته پوءِ اهڙيءَ حالت وقت اهڙا ئي اُداس جملا ڳالهائبا آهن ته- ڪهڙو فرق پوندو- دل چوٽ کاڌي ته.
ڪجهه دير سوچي، تو مون کي مطمئن ڪرڻ خاطر چيو هو ته، ”ڇا توکي اُها رات وسري وئي آهي فتاح؟ جنهن رات مون سان ڪريل حرڪتون ڪري اقرار منهنجي به بي عزتي ڪئي هئي. ڇا مون کي ڏک نه رسيو هو؟ ۽ پوءِ منهنجو اهڙو عمل به تو پسند ڪيو هو، جڏهن مون پنهنجي دل مان اقرار لاءِ غير سڀ ڪڍي ڇڏيا هئا. ڇا توکي پنهنجون بهتر ڳالهيون به وسري ويون آهن؟ چوندو آهين ته هزار سجدن کان وڌيڪ عبادت ماڻهوءَ کي معاف ڪري ڇڏڻ آهي.“
ماڻهوءَ جي خون ۽ دل جي قتل جو تو فرق شايد نه سمجهيو هو، محبت جي نصاب ۾ تو صرف اهي سبق پڙهيا هئا، جن کي رڳو زير، زبر هئي، باقي نه محبت جو فلسفو ۽ نه مفهوم هو.
مون پنهنجيءَ دل جو آخري فيصلو توکي ٻُڌائيندي چيو هو، ”بس آسا! الاءِ ڪيئن اهو يقين ٿي پيو اٿم ته مان ۽ اقرار دوستيءَ ۾ گڏ هلي نه سگهنداسين.“
”ڇو ڪهڙي سبب؟“ ايئن پئي لڳو ته هڪڙي مياڻ ۾ ٻه تلوارون وجهڻ جي ڪوشش پئي ڪيئي. جيڪو ٿي نه پئي سگهيو. انهيءَ ڪري توکي اهو ئي جواب ڏيڻو پيم ته، ”سبب ڪيترائي آهن آسا!“ پر تو اڃان به ڳالهه کي وڌائيندي چيو، ”پر اهم سبب ڪهڙو آهي، جنهن ڪري اهڙو فيصلو ڪيو اٿئي؟“
”آسا، اسان ٻنهي ۾ زمين آسمان جو فرق آهي.“
”ڪهڙو فرق آهي- تو ۾ ۽ هن ۾- هاڻ!؟“ تو لفظ ”هاڻ“ ڳالهائي مون کي منجهايو ضرور هو، پر پوءِ به وڌيڪ تسليءَ خاطر توکان پڇيو هئم ته، ”تو ڪوبه فرق محسوس نه ڪيو آهي؟“
”نه! مون ته اهڙي پهلوءَ تي سوچيو به ناهي. تون ٻُڌاءِ نه سگهندين ته ڪهڙو فرق آهي تو ۾ ۽ هُن ۾؟“ تو پنهنجي انهيءَ سواليه جملي ۾ لفظ ”هاڻ“ استعمال نه ڪري شايد پاڻ لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ۽ مون توکي تنهنجي انهيءَ مخفي ارادي تي ئي ڇڏيندي معاملي جي اصل رخ تي ايندي چيو هو، ”ڇا؟ تو ان وقت به اهو فرق محسوس نه ڪيو، جڏهن مون صرف لفظن تي پئي ڳالهايو ۽ هن دوستن تي ڳالهائيندي مون کي گار ڏئي، گلي ۾ هٿ وڌو هو، پوءِ تون کيس نه روڪين ها ته اڃان به وڌيڪ ڪجهه ڪرڻ پيو چاهي.“
”ڏس فتاح! ناراض نه ٿجانءِ، ماڻهو پنهنجي دل جي خواهش به لفظن جي صورت ۾ پيش ڪندو آهي. پوءِ ڇا سمجهڻ گهرجي ان کي؟ دل جي خواهش يا لفظن جي صورت؟“
”آسا ان جو مدار ماڻهوءَ جي نيت تي هوندو آهي، ته هو ان کي ڪهڙي شڪل ٿو ڏئي؟ مون ته خراب نيت جي خواهش سان ڳالهايو ئي نه پئي.“
”خراب يا سُٺيون نيتون، ماڻهوءَ جي من ۾ لڪل هونديون آهن.“
”نه آسا! ماڻهو جي زبان مان نڪرندڙ هر لفظ ۾ نيتن جي صورت به سمايل هوندي آهي!“
”پر دنيا ۾ سڀ ماڻهو اهڙا به ته ناهن، جيڪي لفظن جي مقصد سان گڏ نيتن جي صورت به پرکيندا هجن!؟“
”مان ۽ تون به دنيا جا ماڻهو آهيون آسا! پوءِ تو ان وقت منهنجي نيت ڪيئن محسوس ڪئي، ڇا صورت هئي ان جي؟“
”تنهنجي منهنجي الڳ ڳالهه آهي، پر پوءِ به سمجهه جنهن وقت اسان کان به موڪلائيندي ته- اسان جي حالت به اهڙي ٿي پوندي هوندي، جنهن جي اسان به ڪا خبر نٿا رکي سگهون.“
”پر آسا! جڏهن ماڻهو پنهنجي بي سمجهيءَ ۾ ڪا غلطي ٿو ڪري ته اها ٻي ڳالهه آهي پر ذهنن جا هڪٻئي سان اختلاف، جيڪي ڪنهن ذاتي خواهش يا ذاتي مقصد جي سبب، ڪافي سمجهه، سوچ ۽ ويچار کانپوءِ ٿيندا آهن. انهن کي ته ڪنهن بي سمجهه حالت سان نٿو ڳنڍي سگهجي.“
”کڻي ڪيئن به هجي فتاح! پر خالي اختلاف رکڻ، پوءِ به ڪا دانائي ته نه چئبي- نه؟“
”منهنجو اقرار سان واقعي ڪو خوني اختلاف به ڪونهي، جنهن ۾ مان سندس شڪل ڏسڻ به گوارا نه ڪندو هجان!“
”باقي پوءِ تنهنجو هن سان ڪهڙو اختلاف آهي؟“
سمجهه ۾ نه پئي آيم ته منهنجو اقرار سان پرچاءُ ڪرائڻ ۾ تنهنجو ڪهڙو فائدو هو. توسان محبت ڪري توتي عجب ته ايئن ئي پئي کاڌم، پر هي عجب ته اڃان به ڪو عجيب هو. شايد تنهنجو شوق هو ته اهو ٻُڌي ڏسجي ته رقيبن جا اختلاف ڪيئن ٿا جنم وٺن ۽ ڪيئن ٿا زندهه رهن، پر ڳالهه کي اينگهائڻ جي بجاءِ پنهنجو آخري فيصلو وري به دهرائيندي مون چيو هو، ”ان لاءِ ته توکي پهرين ٻُڌايم آسا! ته اسان دوستيءَ ۾ گڏ هلي نه سگهنداسين ۽ ان جا ڪيترائي سبب آهن.“
تڏهن تو الاءِ ڪهڙي حوالي کان چيو هو ته، ”منهنجي ڪري به نه؟“
”ڪهڙو لاچار آهي، توکي هُن جو؟“ پنهنجون اکيون تنهنجين اکين ۾ وجهي پڇيو هئم. تمام غور سان منهنجي منهن ۾ ڏسي تو چيو هو، ”جڏهن تو پڇيو آهي فتاح- تڏهن صرف ايترو چونديس ته في الحال مون کي ڪو لاچار آهي!“
”تنهنجو اهو” ڪو لاچار“ ڪيستائين رهندو آسا!؟“
”جيستائين تنهنجو مون سان ساٿ رهندو؟“ الاءِ ڪهڙا بهانا ڳولي هٿ ڪيا هيئي. ڏاڍو مُنجهي پيو هئس. آسرو انسان کي ڪيڏو نه ذليل ڪري ٿو. آئون به ان مان جان ڇڏائي نه سگهيس. انهيءَ ڪري توکان پڇيو هئم ته، ”ڇو؟ منهنجو ساٿ ٽُٽڻو به آهي ڇا؟“
”شايد!“ تو چيو هو.
”شايد؟“ لفظ تي زور ڏئي پڇيو هئم ۽ تو ڪنهن حد تائين پاڻ تان ميار لاهيندي ٺيڪ پئي چيو ته، ”ها شايد- ڇو ته تو منهنجي جسم سان اها محبت نه ڪئي آهي فتاح- جيتري قدر پنهنجن ٻين دوستن کي، مون پنهنجي جسم سان محبت ڪندي محسوس ڪيو آهي، مان هڪ عورت آهيان فتاح- ۽ بلڪل تن، تنها- هڪ تنها زندگي سا به عورتاڻي، اهڙي اڪيلي زندگيءَ لاءِ Partnership جو فيصلو ڪرڻو ئي پوندو آهي.“
”تنهن جي معنيٰ منهنجو توسان رهڻ، ڪو مقصد نٿو رکي؟“
اهو مون نه، پر منهنجي اندر مان ڪنهن چيو هو، چوڻ ته ان کي اڃان به وڌيڪ کپندو، پر شايد چوڻ جي سگهه ئي ايتري هئي ۽ تو پنهنجي صورتحال بيان ڪندي چيو هو، ”مقصد رکي ٿو بلڪل- تو منهنجي ڪافي عزت رکي آهي فتاح، پر مان هڪ عورت آهيان ۽ عورت کي اسان جو معاشرو ٻيءَ نظر سان ٿو ڏسي. توکي شايد خبر هجي به يا نه، ته عورتاڻي زندگيءَ لاءِ ٻه شيون اهم هونديون آهن- هڪ محبت ۽ ٻي صحبت، پر ٻنهي مان، اسان وٽ، اسان جي سماج ۾، عورت جي صحبت لاءِ وڌيڪ سوچيو ويندو آهي. ايتري تائين جو عورت کي پنهنجي زندگيءَ مان به خفا ڪيو ويندو آهي.“
توکي مطمئن ڪندي مون چيو هو، ”تون هاڻ خود کي انهن عورتن مان سمجهڻ لڳي آهين، جيڪي پنهنجي جسم کان به خوف کائينديون آهن؟“
”دنيا کڻي ڇا به سمجهندي هجي فتاح! پر تنهنجي سوچ ۽ نظر ۾، مان هاڻ شايد انهن عورتن مان ئي آهيان، ڇو ته توکان پنهنجي ڪا دل جي ڳالهه لڪائي نه سگهي آهيان. زندگيءَ ۾ دل جو ڳالهيون مون توسان ئي ته ڪيون آهن. انهيءَ ڪري تون منهنجي ذات بابت هر فيصلي جو حق به رکين ٿو، الاءِ ڇو فتاح؟ تو پنهنجو جسم منهنجي جسم سان گڏي هميشه لاءِ هڪ ڪري ڇڏڻ وارو فيصلو نه ڪيو. جنهن جي انتظار ۾، تنهنجي زبان مان نڪرندڙ هر هڪ لفظ کي مون تمام غور سان پئي ٻڌو، پر تنهنجو هر لفظ مون کي نااُميديءَ ڏانهن ڌڪيندو رهيو. اهڙا لفظ جيڪي عورت ۽ مرد ٻه زندگيون هڪ ڪري ڇڏيندا آهن، سي تو الاءِ ڇو نه ڳالهايا. شايد تو انهن جي ضرورت محسوس ئي نه ڪئي!؟“
هاڻ ڪيئن چوان ها ته زندگيءَ ۾ ضرورت هئي ته اهڙن لفظن جي هئي، جيڪي ٻن دلين جي سرجري ڪري کين هڪڙي جسم جي قالب ۾ وجهي هڪ ڪري ڇڏيندا آهن.
محبت ۾ هزار ڳالهيون هڪٻئي کي ٻُڌائجن پر ياد وڌيڪ اُها هڪڙي رهي ٿي، جيڪا دلين ۾ وڇوڙو پيدا ڪري ٿي ۽ روڳ ڏئي دل جا زخم اڻ مِٽ ڪري ڇڏي ٿي. زندگيءَ کي هميشه لاءِ اهڙو ڏک ٿي ڏئي ڇڏي، جيڪو انسان جو صرف اندر کائيندو رهندو آهي.
منهنجي دل جنهن توسان هميشه پنهنجون سچايون پيش ڪيون، پوءِ به کيس ڪڏهن قرار نه مليو، انهيءَ بيقراريءَ ۾ کيس يقين ٿي پيو هو ته تون پنهنجي زندگيءَ جو اُهو اهم فيصلو ڪري چڪي هئينءَ، جنهن لاءِ ڪافي سوچ سمجهه کانپوءِ ماڻهو پنهنجي زندگي نڪاح نامي جي لفظن ۾ لکي ڏيندو آهي. منهنجي انهيءَ مهل نه رڳو دل خاموش هئي، پر ذهن ۾ سڀ لفظ خاموش ٿي چڪا هئا.
ڳالهايان ته، ڇا ڳالهايان ها؟ نه رڳو پنهنجي خواهش قتل ٿيندي محسوس ٿي هئم، پر جيڪو به لفظ ذهن تي تري پئي آيو، سو به ايئن پئي لڳو ته جهڙو موت کيس ورائي ورتو هو.
هر لفظ پنهنجي خواهش جي سڪرات ۾ هو، ڪنهن به لفظ ۾ سندس ڪو مقصد نه پئي معلوم ڪري سگهيس. الاءِ ته لفظ ٽڙي، پکڙي چريا ٿي پيا هئا، يا الاءِ ذهن پاڳل ٿي پيو هو.
دل جي مريض جيان ڳالهائيندي مون چيو هو، ”آسا! دل جي ڪا ڳالهه لڪائي به وئي آهين شايد؟“
”ها! فتاح، لڪائي ته اٿم پر لڪائڻ نٿي چاهيان.“
”۽ مان اها ڳالهه ٻُڌي نه سگهندس- ها نه؟“
”پر مان ٻُڌائڻ جي خيال سان ئي، توکي پڪڙي هت پنهنجي گهر کڻي آئي آهيان.“ انهيءَ مهل مان ذهني طرح خود کي مضبوط ڪندي چيو هو، ”آسا! ڪجهه ڳالهيون واقعي اهڙيون به هونديون آهن، جيڪي پڇڻ کانپوءِ ٻُڌائڻ جهڙيون هونديون آهن. اهي ماڻهوءَ کي رُلائڻ جهڙيون هونديون آهن، ماڻهوءَ کي رُلائي، وڃائي، ستائي وجهنديون آهن، ڪٿي تون انهن مان ڪا ستائيندڙ يا رُلائيندڙ ڳالهه ته نه ڪندينءَ؟“
پوءِ تو ته اها ئي ڳالهه ڪئي هئي، جيڪا مان پهريان ئي پروڙي پنهنجي دل تي زهر هاري ويٺو هئس. پر تو نه منهنجي سوچ مان، نه ڪيفيت مان ۽ نه حالت مان به مون کي ڪجهه سمجهي سگهي هئينءَ، منهنجي من کان هاڻ اُها ڳالهه مخفي نه هئي، پر تو پنهنجي طرف کان شايد ڳالهه وڌيڪ واضح ڪندي چيو هو، ”ايتري قدر نه سوچ فتاح؟ نه مون کي Hysteria جو مرض ٿي پيو آهي ۽ نه مون ۾ اهڙي ئي قسم جو ڪو ٻيو مرض آهي. زندگيءَ جو مقصد زندهه رهڻ به آهي فتاح. مون پنهنجو پاڻ کي مارڻ جو فيصلو ته نه ڪيو آهي؟ جيڪڏهن توکان ڳالهه لڪائي وئي آهيان ته اُها اِها ئي آهي ته اقرار مون کي Marriage لاءِ Propose ڪيو آهي، ۽ مون کيس پنهنجو راضپو ڏيکاريو آهي- بس!“
اها مون وٽ واهه جي لڪل ڳالهه هئي. انهيءَ ڳالهه ته منهنجي دماغ جو ڀانڊو ڦاڙيو هو. باقي تو اهو پنهنجو پاڻ کي مارڻ جو نه بلڪه مون کي جيئري مارڻ جو فيصلو ڪيو هو. ماري ته اڳ ڇڏيو هيئي، پر هاڻ مئل ئي پئي ماريئي.
ڪنهن جي طرف کان شاديءَ جي درخواست ڪرڻ، ۽ ان لاءِ پنهنجو راضپو ڏيکارڻ، تنهنجي سوچ ۾ اهو به شايد رومانس يا افسانو هو، تو پنهنجي شادي به شايد ڪا نمائش بنائڻ پئي چاهي. مان اهڙي عمل ۾ غيرت جو وڏو عمل دخل سمجهندو هئس. سنڌ ڄائي عورت ٿي ڪري، غيرت کي افسانو تو سمجهيو هو، مون هاڻ انهيءَ مسئلي تي وڌيڪ بحث ڪري پنهنجو پاڻ کي وڌيڪ گاريون ڏيڻ گوارا نه پئي ڪيو پر بي ايمان لالچي دل اڃان به تسلي پئي ڪري. دل جي اسرار تي چئي وڌو هئم ته، ”ٺيڪ آهي، تون جيڪڏهن پنهنجو راضپو ڪنهن کي ڏيکاري چڪي آهين، ته پوءِ ظاهر آهي، تنهنجي ذهن ۾ ڪنهن جو ناراضپو هوندو به ڪونه؟“ ته تو شايد پڪائي ڪندي چيو هو، ”مون تنهنجي ڳالهه سمجهي ڪانه؟“ اهڙي ڪا منجهائيندڙ يا ڳُجهي ڳالهه ته مون نه ڪئي هئي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي ڪنهن به مقصد، مُراد کي سمجهي نٿو سگهجي- ته نه انهيءَ ماڻهوءَ کي ٿو سمجهي سگهجي ۽ نه ان جي ڪنهن اعليٰ آدرش کي. بي سمجهيءَ جا دؤرا به توکي هاڻ وڌيڪ پوڻ لڳا هئا. جنهن ۾ تون مون کي به سمجهڻ کان نابري وارڻ لڳي هئينءَ.
زندگيءَ جو ٻهروپيو سفر هونئن به ٿڪائيندڙ هوندو آهي- خود فريبيءَ ۾ ماڻهو پنهنجو پاڻ کي به سمجهڻ کان نڪري ويندو آهي. خود مختيار هوندي به الاءِ ڇو مون سان فريبي رمز رکي هيئي. تو وٽ ويٺي ايڏي ٿڪاوٽ مون ڪڏهن به محسوس نه ڪئي هئي. جهڙي ٿڪاوٽ ان مهل چند گهڙين جي بيٺڪ مان ڪئي هئم. شايد اهري ٿڪاوٽ تڏهن محسوس ٿيندي آهي، جڏهن ڪنهن مقصد جو روح پرواز ڪندو آهي.
دل نه پئي چاهيو ته هاڻ هڪ منٽ به تو وٽ ويهجي. شايد هاڻ ڪنهن جي مقدس امانت بڻجي پئي هئينءَ ۽ مان به هڪ اهڙي قوم جو فرد هئس، جيڪا اهڙي امانت کي پنهنجي سام ڏيندي، پنهنجو سر ساهه به قربان ڪري ڇڏيندي آهي.
تنهنجا رخسار! جن مون سان ڀنل راتين ۾ به هميشه کِلي ڳالهايو هو، ڪهڙو سَنڌو سندن باقي رهيل هو، جنهن تان منهنجا خشڪ چپ نه گذريا هئا؟ سي به هاڻ ڪنهن اُصول مطابق، پري کان ئي ويهائُو تاري جيئان صرف ڏسي پئي سگهيس! امانت ۾ خيانت ڪرڻ منهنجي ايمان لاءِ ذلت هئي. محبت ۾ به جي بي ايماني ڪريان ها ته نه اقرار توکي ايترو ويجهو اچي سگهي ها ۽ نه مون کي به گلي ۾ هٿ وجهي سگهي ها!
تو جنهن مهل چيو هو ته، ”مون تنهنجي ڳالهه سمجهي ڪانه؟“ انهيءَ مهل تو ڄڻ منهنجو منجهيل مسئلو حل ڪري ڇڏيو هو. ڇو ته مان دل ئي دل ۾ انهيءَ خيال سان لڳل هئس ته ڪهڙا لفظ ڳالهائي توکان هاڻ هميشه لاءِ موڪلائجي.
مون کي پنهنجي بدحواسي ۽ بي عقلي وغيره جو احساس به ان وقت ٿيڻ لڳو هو، جڏهن توکان ان آخري موڪلاڻيءَ جي لاءِ لفظ پنهنجي خواهش سميت منهنجي ذهن جو ساٿ ڇڏي چڪا هئا ۽ زندگيءَ جي هار جيت وارو مقصد به واضح ٿي پيو هو!- بس پوءِ ايئن ئي پنهنجي دل سنڀاليندي توکي چيو هئم، ”آسا! مان هاڻ وڃان ٿو. مون کي هڪ ضروري ڪم هو. سو هاڻ ياد پيو آهي. تنهنجو ڪو ڪم هجي ته ٻُڌائي ڇڏ؟“
”توکي هي ويٺي ويٺي ڪهڙو ڪم ياد پيو آهي فتاح؟“
تو شايد پنهنجي شڪي انداز ۾ درست پڇيو هو، پر جرئت نه پئي ٿيم ته توکي چوان ها ته، ”آسا! منهنجي لاءِ هاڻ سڀ کان وڌيڪ اهو ضروري آهي ته توسان هاڻ اڪيلائيءَ ۾ مون کي وڌيڪ ويهڻ نه گهرجي، ڇو ته نيتون سنڀالڻ ڏاڍو ڪو ڏکيو ڪم هوندو آهي.“
توکي پرائي امانت سمجهي هاڻ تو وٽ اڪيلو ويهي به ڪيئن پئي سگهيس ۽ جي ويهان به ها ته چميءَ کانسواءِ رهي به نه سگهان ها. توکي چُمي ڏيڻ جو نشو ته مون کي هوندو ئي هوندو هو. پر هاڻ توکي چُمي ڏيڻ مون ڪنهن جي غيرت جي چوري پئي سمجهي.
مون کي چڱيءَ طرح ياد آهي ته محبت ۾ پهريون ڀيرو ڪوڙ ڳالهائيندي مون توکي تنهنجي ڪيل سوال ته ”هي توکي ويٺي ويٺي ڪهڙو ضروري ڪم ياد پيو آهي“ جي جواب ۾ چيو هو، ”آسا اڄ هڪ دوست کي ٽائيم ڏنل آهي، ڪم ته انهيءَ جو آهي، ۽ اٿس به الاءِ ڪهڙو، پر مون کي وڃڻو ضروري آهي.“
تو خوشيءَ سان اجازت ڏيندي چيو هو، ”ٺيڪ آهي، پوءِ تون ڀل وڃ، پر موٽي ايندي وري ڪيڏي مهل؟“
خيال آيم هيڪر چوان ته، ”هاڻ جڏهن ٿيندو ٻيو جنم، تڏهن ملنداسين.“ پر وري خود کي روڪيندي مون توکان پڇيو هو، ”ڇو؟ ضروري آهي ڇا؟“
تو ڄڻ جهڙوڪر اوپرائپ ۾ چيو هو ته، ”ڪمال آهي؟ اڄ شام منهنجي سالگرهه جو پروگرام آهي، ۽ تون پڇين پيو ته ضروري آهي ڇا؟“
شايد هاڻي اُهي ڏينهن به اسان کان رُسي ويا هئا، جو اڃا مهينو وچ ۾ هوندو هو ته تنهنجي سالگرهه جي پروگرام جون رٿائون جوڙيندا هئاسين، پر هاڻ انهيءَ ساڳي سالگرهه کي صرف چند ڪلاڪ باقي هئا ته اوچتي ياد اچي وئي هئي.
تنهنجي ته اُها سالگرهه جي شام هئي، پر منهنجي زندگيءَ لاءِ ته اها ورسيءَ جي شام هئي. مون کي هاڻ پورو پورو يقين ٿيڻ لڳو هو ته ان سالگرهه واري شام تون پنهنجي زندگيءَ جو نئون آغاز به ضرور ڪرڻ واري آهين، جنهن ۾ تون پنهنجي زندگيءَ سان اقرار کي شريڪ ڪرڻ جو اعلان ڪندينءَ. بس تو وٽ پنهنجو لڪايل اهو هڪ راز هو، جيڪو توکي پنهنجي سالگرهه جي پروگرام ۾ وڏي ڌام ڌوم سان اعلان ڪرڻو هو. سچي محبت وارن کي پنهنجي محبوبن جي راز جي خبر گهڻو ڪري ملائڪن کان اڳ پوندي آهي، نه ته به خدا سان گڏ بلڪل پوندي آهي.
دل جي اکين کان ته دنيا جي اوگهڙ به ناهي لڪندي پر بي دل ماڻهو کي پنهنجي اوگهڙ به نظر نه ايندي آهي. دل جون لکين دنيائون آهن، ۽ انهيءَ جهان ۾ دل جي ديوان جي ڪا ڳُجهي ڳالهه رهي ڪانه. تو خود کي خدا کان به لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. شايد وهانءُ واري عمر ماڻڻ کانپوءِ به، تو نه دل جا شهر گهميا هئا ۽ نه نظرن جو خطاب ٻُڌو هو. مون کي ته تنهنجين اکين مان، تنهنجي دل جا لفظ ايئن نظر ايندا هئا، جيئن پوپٽ جي پرن تي ماڻهن کي رنگ نظر ايندا آهن.
هاڻ تو پنهنجي دل جون ڳالهيون پئي لڪايون، ۽ مون ڪوڙ پئي ڳالهايو، ڪيترو ورهائجي ويا هئاسين.
تون پنهنجي راز ۽ نياز جي دنيا واپرائڻ لڳي هئينءَ ۽ مان ڪوڙ، بدوڙ جي باهه ۾ گهڙي پيو هئس.
جنهن مهل تو پڇيو هو، ”موٽي وري ايندي ڪيڏي مهل؟“ تنهن مهل دل ته الوداع اي دلربا الوداع چيو هو پر زباني طرح توکي ڪوڙو دلاسو ڏيندي مون چيو هو، ”ڇو ضروري آهي ڇا؟“ پر تنهنجو اڃان به وڌيڪ اسرار هو، تنهن ڪري هڪ وڌيڪ تڪڙو ڪوڙ ڳالهائيندي چيو هئم، ”آسا مان ڪوشش ڪندس، جيترو جلد موٽي سگهان.“ تون خاموش ٿي وئي هئينءَ. پر مون ان مهل اهو وڌيڪ سکي ورتو هو ته ماڻهو هرو ڀرو جو ئي پاڻ کي نقلي بڻائي، ڪوڙ ڳالهائيندو آهي ته هڪ عجيب ذهني ڪيفيت جو شڪار ٿيندو آهي. خود سان سچو رهندو آهي، پر دوستن کي بيوقوف بڻائي پنهنجي ضمير کي ڄڻ ٿُڪَ چٽائيندو آهي. ان مهل به توسان ڪوڙ ڳالهائيندي مان پنهنجو پاڻ سان سچو هئس، ڇو ته هاڻ وڃڻ لاءِ ايئن پئي ويس جيئن ڪڏهن ڪڏهن ڪنهن ماڻهوءَ جو وڃڻ ايئن ٿيندو آهي، جو ويندي ويندي دل جي جيل جو قيدي بڻجي پوي ٿو ۽ پوءِ اهڙيون جيل جون ديوارون ته تمام اوچيون ۽ شيهي کان به مضبوط هونديون آهن، جنهن ۾ پوءِ مجبورن دل جي قيديءَ کي اتي پنهنجو هٿرادو جهان اَڏڻو پوي ٿو، ۽ مان به پنهنجي بيوقوفي، جهالت ۽ نادانيءَ جي سبب، اهڙي جهان جو مسافر بڻجي پيس!! ۽ توکي پنهنجي ئي گهر ۾ ڇڏيندي، مان پنهنجي اڪيلي دل جي راهه جو مسافر بڻجي روانو ٿيو هئس.