ناول

لفظن جي خواهش

حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book لفظن جي خواهش

قسط 14

ٻي رات جنهن مهل اقرار آيو هو ته- نشي ۾ ڌُت هو. تو کيس ڪافي غور سان پي ڏٺو هو- پنهنجو منهن ته ڦٽائي ڇڏيو هيئي- پر محسوس ائين پي ٿيو ته- دل ۾ الاءِ ڇا لڪائي رکيو هيئي- ۽ هن ايندي شرط ئي پنهنجي غلطيءَ جي احساس ۾ يا ڪنهن مشڪوڪ خيال سان- تو کان معذرت گهرندي چيو هو ” آسا! ڏسو اڄ مان گهڻي پي آيو آهيان خدا جو قسم ڪوڙ نه ڳالهاءِ سگهندس- يقين ڪريو موليٰ حسين جو قسم مان ڪابه چالاڪي نه پيو ڪريان- ....... مونکي مهرباني ڪري- خلوص سان ٻڌو مانءِ ....... مان قسم کائي ٿو چوان ته- مان بلڪل...... تمام.....تمام وڏي غلطي ڪري چڪو آهيان..... مان واقعي..... واقعي مان ڪنهن عزت جي لائق نه آهيان-...... مان..... تنهنجو گنهگار آهيان آسا- مونکي قرآن جي صدقي........ قرآن جي صدقي.....مونکي معاف ڪر آسا- مون...... مونکي معاف ڪري ڇڏ؟“
ان وقت سندس نيت ته الاءِ ڪهڙي هئي- پر سچ پڇ ته غلطي قبول ڪندي- ان مهل مونکي به اقرار وڻيو هو- ڇو ته مان خود به اهڙي حقيقت ۾ يقين رکندڙ هئس- ته پيئڻ کان پوءِ- ڪوئي شيطان به ڪوڙ ناهي ڳالهاءِ سگهندو- شايد اهڙي حالت وقت خدا سان هر هجت جائز رهندي آهي- ۽ اهڙي حالت ۾ ماڻهو پنهنجي خدا کي به سچ چئي ڏيندو آهي- پر دنيا وارا ان کي نشي واري حالت چئي- حقيقت تسليم نه ڪندا آهن.
ماڻهو جي اندر جو غبار اهڙي وقت ئي نڪرندو آهي. جڏهن سندس ذهن جو ڪتاب- سندس لفظ، لفظ پنهنجي زبان سان ئي ڳالهائيندو آهي.
پيئڻ کانپوءِ ماڻهو جڏهن خدا جي خوف ۾ ئي نٿو رهي- ته پوءِ سچ ۽ ڪوڙ کان ڪيئن ڊڄندو! محشر ڏينهن ميزان جي ميلي ۾ به- خدا بندي کي شرابن طهورا پياري- وٽانئس پنهنجو وجود مڃرائيندو!
پهريون ڀيرو اقرار کي سچ ڳالهائيندو ٻڌي- عجب به لڳو هئم ته، مطمئن به هئس.
۽ وري تو به جڏهن- پنهنجي طرف کان- سواءِ ڪنهن شڪوه- شڪايت جي- سندس ٿورن لفظن ۾- غلطي معاف- ڪندي چيو هو ”اقرار تو قسم کائي- پنهنجي غلطي تسليم ڪئي آهي- ته مان به ڌرتي ماءُ جو قسم کائي چوان ٿي ته- تنهنجي لاءِ- منهنجي دل ۾ هاڻ ڪائي رنجش ناهي.“
سچ پڇ ته، اقرار کان وڌيڪ- منهنجي دل خوشيءَ مان ٻهڪي پئي هئي- انصاف کي پنهنجي پلئي پوندو ڏسي- مون ائين محسوس ڪيو هو ته- تو شاهه لطيف جي روح کي به خوش ڪري ڇڏيو هو- جنهن چيو هو ته
”چڱن سان چڱايون- ائين هر ڪو هوءِ،
تو جيئن نه ڪري ڪوءِ- بڇن سان ڀلايون“. (شاه)
تنهنجي اهڙي انصاف پسندي اقرار تي به وڏو اثر ڇڏيو هو- ان مهل هُو- پنهنجي اندر جون سڀ اگلايون- اوري ويٺو هو- هن مون تي حسد کائي- منهنجي لاءِ به جيڪي کڏون کوٽيون هيون- مونکان معافي وٺندي- پنهنجي دل جا اهي دفتر به- هن پنهنجي زباني پڙهي ٻڌايا هئا- سي سڀيئي تو پنهنجي ڪنن ٻڌيون هيون- پوءِ به ماڻهو ذهني طرح پنهنجي رقيب کان ڪيترو به مطمئن هجي- ليڪن دل جو ان تي وسهڻ ناممڪن هوندو آهي- اهائي حالت ان وقت منهنجي به رهي بحرحال پوءِ به- اسان جي دوستي لاءِ- وڏي خوشنصيب رات هئي اها- جو هڪٻئي لاءِ سانڍيل حسد، بغز، ڪينو ۽ ساڙ وغيره ڄڻ سڀ پنهنجي موت مري پيا هئا-
جڏهن دوستيون سچ تي قائم ٿينديون هجن،
سچن کي سچايون حاصل ٿينديون هجن،
دل ۾ ڪا پليتي نه رهندي هجي – ته ان کانپوءِ ٻي ڪا وڌيڪ خوشقسمتي ڪهڙي چئبي؟
۽ وري هڪ وڌيڪ قسم کائيندي- اقرار اسان سان اهو به وچن ڪيو هو ته، ”مون کي ڌرتي..... ڌرتي ۽ پنهنجي محبت جو قسم مان اوهان..... اڄ اوهان سان اهو واعدو ٿو ڪريان...... ته اڄ جيڪا پيتم بس..... هاڻ.... هاڻ سواءِ بهتر دوستن جي ڪمپنيءَ جي ڪائي.... ڪائي نشي آور شيءِ نه واپرائيندس – سچ، پچ مان انفرادي سطح تي.... سوچي سوچي.... خود کي هاڻ – اڪيلو..... بلڪل اڪيلو محسوس ڪرڻ لڳو آهيان – مان...... مان دنيا ۾ اڪيلو رهي مرڻ نٿو چاهيان – چون ٿا اڪيلو رهي مرڻ وارن کي..... خدا به معاف نٿو ڪري!“
سندس ان گفتگوءَ مان مون کي ايئن لڳو – ته شايد منهنجي موجودگيءَ ۾ هو اڃان به پنهنجي اندر جي خواهش بيان ڪري نه سگهيو – ڇو ته اها خبر نه هئي ته هن محبت جو جيڪو قسم کاڌو - سا سندس محبت، ڪير، ڪهڙي، ڪٿي ۽ ڪهڙي نانءُ سان هئي – ها البت منهنجو اهو وهم هو ته – کيس تنهنجي ساٿ جي سخت ضرورت هئي- ۽ تو به ته شايد محسوس ضرور ڪيو هو- ته هُن کي تنهنجي آرزو هئي - ۽ هن اهڙي نمائش ۾ پنهنجي زندگي ڪشادي ڪري – نڀائڻ پئي چاهي.
پر هو شايد بي خبر هو ته – محبت جي جنگ ۾ - زندگيءَ جو جهاز – دل جي بندرگاهه تان روانو ٿيندو آهي – ته وري سندس صحيح سلامت واپس اچڻ جو ڪو يقين ئي نه هوندو آهي!
بهرحال پوءِ به – خدا توکي وڏي سوڀ ۽ سونهن بخشي ڇڏي – ميرا من به – تنهنجي نظر جي غسل سان – پاڪ ۽ مقدس بڻجي پي پيا –
شايد حُسن – درياهه اهڙو آهي – جنهن جي هر ڇولي – انساني دل هوندي آهي!
انهيءَ رات کانپوءِ- تنهنجي مهربانيءَ سان – تنهنجي سبب ئي – اقرار جي هر دوست عزت ڪرڻ لڳو هو. خاص ڪري توکان الڳ ته – هاڻ هو ڪٿي نظر ئي نه ايندو هو- ان کانپوءِ ته- سندس شرف ۽ مرتبي جو درجو – دوستن ۾ هڪ اهم جاءِ حاصل ڪري چڪو هو - ۽ سندس باقي معمولي عادتن جو به – تو پنهنجي پياري سلوڪ سان – ڪنهن حد تائين خاتمو ڪري ڇڏيو هو.
زندگيءَ ۾ مون به هڪ سُٺي ڳالهه ٻُڌي هئي ته، بزرگي ان جو انعام هوندي آهي – جيڪو ماڻهن جون دليون ڌوئندو آهي –
ايئن ته پوءِ تو پنهنجين نظرن سان الاءِ ڪيتريون دليون ڌوتيون هيون- ۽ اقرار به انهن ئي خوشنصيبن مان هو- جنهن جي جيءَ تان زنگ لهڻو ئي نه هو- پر جڏهن پنهنجو من ماڪ ڦُڙي کان به اڇو نظر آيس – ته انهيءَ خوشيءَ ۾ هن سنگت جي سڀني دوستن لاءِ- هڪ سُٺي دعوت جو اهتمام ڪيو هو- جنهن ۾ ڪجهه اهي ڇوڪريون به هيون – جن جي دوستيءَ ۾ هن پنهنجي من تي ميراڻ چاڙهي هئي. جنهن جي خبر سواءِ منهنجي- ڪنهن ٻئي کي شايد نه هئي- مون انهيءَ سندس دعوت تي ڪافي سوچيو هو- پر ڪنهن نتيجي تي نه پهتو هئس. انهيءَ دعوت ۾ تقريبن ويجها، ويجها دوست سڀ موجود هئا- ڪيتريون ئي ڳالهيون ان رات ٿيون هيون- پر ڪجهه وسارڻ جهڙيون به نه هيون. دنيا جون اهڙيون ڳالهيون به شايد ذهن ۾ رهجي وڃن ٿيون- جيڪي قبر جي تنهائيءَ ۾- منڪر ۽ نڪير کي ٻُڌائي- انهن کي خوش ڪيو ويندو!.
پر منهنجي دل صرف اهڙيون ڳالهيون ياد ڪري سگهي- جيڪي مان زندهه رهي به – نڪير ۽ منڪر کي ٻُڌائي پيو سگهان- ڇو ته قبر جي تنهائيءَ لاءِ- ڳالهيون ٺاهي ياد رکڻ سان منهنجي ميت ۾ وري ساهه پئجي وڃي ها- انهيءَ ڪري مون حقيقي موت کي اوليت ڏئي قبر جي پيٽ کي به خوش ڪرڻ پئي چاهيو.
دنيا جي هر دعوت ۾ ماڻهو پاڻ کي معتبر سمجهڻ جي ڪوشش ڪندو آهي- اهڙيءَ طرح سان ئي جيئن ماڻهو دوستن جون خاص دعوتون ڪري- خود ميزبان جي حيثيت سان- پنهنجي شخصيت چمڪائي- پنهنجي هر ڳالهه اهميت سان رکندا ۽ مڃائيندا آهن- ساڳيءَ طرح سان اقرار به پنهنجي اهم خيال کي وزن وٺائيندي دوستن کي چيو هو، ”دوستن جي نئين سُڌ لاءِ گذارش آهي ته منهنجي هن ڳالهه کي غور سان ٻُڌندا.“
سڀ دوست خاموش ٿي ويا هئا. اهڙي خاموشيءَ ۾ ماڻهو ڪنهن جي ڌيان کي ڪيڏانهن ڌڪي به ڪونه ٿو سگهي. جڏهن سڀني جا ڌيان اقرار جي منهن ۾ وڃي لڳا هئا ته هن چيو هو، ”دوستو! ڇا چوان- ته مان هاڻ ڇا آهيان؟ هونئن ته سڀني لاءِ دوستن جا احسان آهن، جو مان بدتر مان بهتر ۽ مئل مان زندهه ٿي پيو آهيان- ڪهڙو دوست هو- جيڪو منهنجين عادتن کي- پنهنجي ڪراهت نظر سان نه ڏسندو هو- ۽ دل ۾ منهنجي عمل کي نوٽ نه ڪندو هو- تقريبن هر وقت اهڙي حالت ۽ ڪيفيت ۾ رهيس- جنهن ۾ مون کي به هر دوست بيوقوف معلوم ٿيندو هو- ۽ مان به کيس بيوقوف محسوس ٿيندو هئس- حالانڪه ڪنهن دوست جي ساراهه- ان دوست جي روبرو ڪرڻ واقعي هڪ غلط طريقو آهي، پر الاءِ ڇو منهنجي زبان مجبور آهي، جو مان سڀن دوستن کان اجازت وٺندي ايترو چوڻ کان نٿو رهي سگهان ته- مون کي پنهنجي انسانيت جو احساس ڏياريندڙ آسا ئي آهي- ۽ مان سندس اهڙي مهربان ادا کي- ڪڏهن به وساري نه سگهندس.“
بس پوءِ ته انهيءَ محفل ۾- خدا کان به وڌيڪ- دوستن ۾ تنهنجي ئي نالي جو هُل ۽ ذڪر هو- هر هڪ تنهنجي نانءُ سان ڳالهائي رهيو هو- تنهنجي اهڙي ناماچاريءَ تي- عقيدتمند ماڻهن جيئان- سڀ کان وڌيڪ- مان اڪيلو- خود کي خوش محسوس ڪرڻ لڳو هئس، ڇو ته انسانيت کي تو مٽيءَ جو ڍڳو چيو هو، ۽ ان وقت ان ۾ ساهه پئجي ويو هو.
جتي جنهن صوفي تي مان ويٺل هئس، اتي مون سان گڏ اقرار جي ماءُ ويٺل هئي، جيڪا مسلسل تنهنجي ئي منهن ۾- پنهنجون ڪي اُميد ڀريون نظرون لڳائي ويٺي هئي. سندس منهن ۾ حيرت انگيز مسرت ڏسي- ڪنهن، ڪنهن مهل مان به ساڻس مسڪرايو پئي- سندس دل به شايد ڪنهن خوشيءَ ۾ هيڪاندا ٽهڪ ڏئي رهي هئي.
سڀن دوستن ۾- مان خود لاءِ ايئن پيو محسوس ڪريان ته خدا ماڻهو جي مڪمل شڪل خاطر- مون ۾ مڙئي اکيون وڌيون- منهنجي عقل کي سڱ هجن ها- ته سنڌي ماڻهن ۾ يا آسودو وقت گذاريان ها- يا ٿُڪ، بونڊي ۽ گار سان.
خدا شايد تو جهڙيون وڻندڙ صورتون- ۽ عاقل شخصيتون خود کي ويجهو رکي ٺاهيون- باقي مون جهڙا الاءِ ملائڪن هٿان ٺاهرايائين- الاءِ ته ڳالهيون ڪندي مڙئي ايئن کڻي مٽيءَ جو ڳوڙهو اُڇليائين ۽ ٺهي پياسين- پر پوءِ سندس ٿورو رهيو، جو ماڻهوءَ جي شڪل ۾ آڻي- پنهنجي نالي جي اهميت وڌائين- باقي ڳالهيون ته خدا به- پنهنجي محبت جون لڪائي رکيون – پر سي به عشق جي صلاح سان!
عشق جي صلاح سان راز – ڪڏهن راز رهيو به آهي!؟ –،
انهيءَ عشق ته فاني – غير فانيءَ جو ڌمر مچايو!
اهو عشق ئي ته هو– جنهن خدا کي لفظن جي خواهش ڏئي غير فاني ڪري ڇڏيو- ۽ انهيءَ اسان جهڙن کي جاني ڪري ڇڏيو!
خدا جن صورتن کي ويجهو رکي – ڀاڪر وجهي ٺاهيو – اهي صورتون رهيون به– ڀاڪر وجهڻ جهڙيون – انهن کي اها خبر ضروري هوندي ته اُگهاڙن ٽهڪن واري دنيا جي پردي پٺيان – زهريلن ٽهڪن جي هڪ وڏي دنيا ڇپيل آهي– ۽ ان جهان جي ٻوليءَ جي هر لفظ ۽ هر اشاري ۾ زهر ڀريل هجي ٿو– جيڪو دلين جي نرم نسن ۾ داخل ٿي وڏو ناسور پيدا ڪندو آهي–
جنهن جو زخم!
بس زخم مان زخم ۽ زخم تي زخم!
اهڙن زخمن سان– مان ته پنهنجو پاڻ کي ڳولهيو نه پيو لڀان– زندگيءَ جي ڪنهن معمولي مقصد ۾ ڪڏهن ناڪامي به منهن پئي هوندي ته– ان لاءِ منهنجي پنهنجي بيوقوفي يا ڪو ٻيو ڪارڻ به چئي پيو سگهجي– پر تو هميشه ايئن چئي ذهني اذيت پئي رسايم ته، ”اديب چريا به ٿيندا آهن.“
هونئن ته دنيا ۾ ٿورو گهڻو چريو ته هرڪوئي آهي– دنيا چرين پويان چري– يا چرين لاءِ چري!؟
ماڻهو کي– ماڻهو چريو ڇو ٿا چون؟
ڇا تون، مان، اسان هي سڀ سياڻا رهياسون؟
يا اسان مان صرف ڪو هڪ چريو– ۽ پوءِ ان جي پويان سڀ چريا! اهڙو فيصلو حل ڪندي– نتيجو ته آخر ڪنهن جي ڳچيءَ ته ضرور پوندو. ۽ پوءِ اهڙي آخري فيصلي کي دنيا پنهنجي عقل جي محتاجيءَ ۾ ڪفر ته ضرور چوندي!
الائي ڪيترا اهڙا جهيڙا- جيءَ سان جنبيل هئا– بس پوءِ خود کان پڇندي، پڇندي – خود کي وساري ويهندو هئس، ۽–، تو جن کي چريو پئي چيو– انهن تنهنجن چرين جي صدقي ئي، قومون جيئن پيون.
ٻوليون ويامن پيون،
ٻولين جا ڌڻ ٿي پيا آهن–،
تاريخ جو پيٽ– سچ سان ڀرجي پيو،
سو هڪ ڏينهن نيٺ ڀرجي، ڀرجي ڦاٽندو!
پر اسان شايد عقل جي پاڳارن، پٺيان پاڳل رهياسين–
پنهنجي مڙسيءَ تي چريا ٿيون يا هجون ها– ته ڪيترا چهچهٽا هجن هاٰ! ٻولي وڌي ويامي ها– ماڻهو اسان جي ڳالهه ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جهڙا ٿي پون ها!
عزتون هجن ها،
هڪٻئي لاءِ، مرڻ جيئڻ هجن ها،
ڪيڏي چريائپ ٿي– تمام ٿوري تعداد ۾ چريا ٿياسين!
ڇا ايئن ئي پيو ڀاسيندو- ته اسان ۽ ٻولي سنڊ!؟
ٻوليون ماريندڙ ڪهڙا بگهڙ؟ ڇا اهي اسان نه ڏٺا!؟
ڇا اسان نه پيا سڃاڻو– جن قوم کي رڍن جو ڌڻ چيو ۽ گڏهه سندس ثقافت؟
مذهبي ناتي سان به–ڪهڙو ته نبي هو – جنهن هن ڌرتيءَ جي آدم خلق ۾– پنهنجي قوم جي تاريخ– حق نه بڻائي. موسيٰ نبي پنهنجي قوم جي ڳالهه ڪئي!
عيسيٰ پيغمبر پنهنجي قوم کي سڏيو،
نبي ته سڀ قوم پرست هئا- حضرت محمد عربي (صه)- عربن جي لاءِ قومي نظريي تي جنگيون وڙهيون، دنيا ۾ ڪوئي اهڙو مذهبي مقدس ڪتاب ڪڏهن Censor ٿيو؟ جنهن پنهنجي قوم لاءِ صدقي ڏيڻ جي حام نه ڀري هجي؟
خدا ان کي بخشش ڪيئن ڏيندو– جنهن پنهنجي قوم لاءِ نه سوچيو– تون، مان، اسان هي سڀ پنهنجي، پنهنجي مفاد ۾ سرد ميت بڻيل-! پوءِ ڪيئن چوان ها ۽ ڪهڙيءَ ساک سان ته– سواءِ تنهنجي باقي ڪابه ذاتي خواهش رکي سانڍي نه هئم–
ها! ڪا بلا من ۾ شايد ويٺل هئي– جو پنهنجي وجود جون سرحدون پار ڪري– خدائيءَ جون حدون لتاڙڻ لڳو هئس. جڏهن ڪا التجا ۽ اپيل گونگو زمانو ٻُڌي، سمجهي نه سگهندو آهي، تڏهن التماس ۽ عرض نويسيءَ کي به پاڳلپڻو ۽ چريائپ چيو ويندو آهي.
مان به اهڙن اڌڙ خيالن سان– پنهنجون رچنائون سهيڙيندو پنهنجو پاڻ رچائي ويٺس ۽ خود تي ٿيندڙ هر چٿر ۽ ٺٺول کي لفظن جي راند سمجهيم– جنهن کي تنهنجي زندگيءَ جي زماني چريو چيو هو– ليڪن مان ان کي پنهنجي زندگيءَ جو جيئاپو ۽ مقصد ڪري ويٺس– پوءِ ان کي تون ڪوئي اڌورو ناول به چئي پئي سگهينءَ – پر نه تو ان کي باقائده پنهنجيءَ دل سان،
بدمستي،
بي ماڻهپو،
چريائپ،
خود رائي،
خودڪشيءَ جهڙا لقب ۽ خطاب ڏنا!
الاءِ ڇو ٿڪائڻ پئي چاهيئي.
عضوو، عضوو، ٽُٽي پيو هئم،
زبان به ٿڪائي وڌي هيئي– اهڙن بي وزن خيالن ۽ سرابي لهجن سان!
ليڪن محبت ۾ ٿڪجڻ جي وائيءَ کي منهنجن بي زبان خيالن هميشه اهڙي ديوانگي تصور ڪئي– جن تي وليون چڙهي گل ٿيون کلائن. ۽ بازارين ۾ اهڙيون ئي ٿڪل، ٽُٽل ديوانگيون اڳڙيون ۽ قيمتي ڪاغذ چونڊينديون آهن.
يا ڪنهن شاعر جي هيءَ آس ته:
”ڪاگا سڀ تن کائيو، اور چُن چُن کائيو ماس،
اِڪ دو نينا مت کائيو، جنهين پيا ملن ڪِي آس.“
مان ته منڪر، نڪير لاءِ به، اهڙو ئي سوچي ويٺس– ته ٻي هر سزا ماڻهو قبول ڪري ٿو– پر اکين پورڻ جي سزا تي– دل فريادي بڻجي پوي ٿي.!

