قسط 18
جڏهن ڪو ماڻهو خود به- اهڙي ڪشمڪش ۾ ورتل هجي- سو ڪنهن زندگيءَ لاءِ ڪهڙي جدلياتي تقاضا ايجاد ڪري- ڪو بهتر فيصلو ٿو ڏئي سگهي؟ وري زندگيءَ جي تلخين مان ڪٺن تجربا حاصل ڪري- ڪنهن ٻئي جي زندگيءَ بابت ڪو آخري فيصلو ڪيئن ٿو ڏئي سگهجي؟
اقرار جي ماءُ به- اهڙي ئي خيال سان جڏهن مون کي پنهنجي گهر گهرائي مون کان پڇيو هو، ”فتاح ابا! سچ پڇين ته- مون کي زندگيءَ ۾ خوشي به هاڻ محسوس ٿي آهي- منهنجين دعائن ۽ هدايتن کان وڌيڪ- اوهان جي دوستيءَ جي مهابي اقرار پنهنجي ماڻهپي واري زندگيءَ ڏانهن موٽيو آهي- هاڻي ماءُ جي حيثيت سان- صرف هڪ اُميد اڃان باقي سانڍي ويٺي آهيان- ڇا اوهان سندس دوست منهنجي ڪجهه مدد ڪري سگهندا؟“
ڪوبه ۽ ڪهڙو به ندارت اولاد- پنهنجي گهر لاءِ ڪا سُٺي ۽ قيمتي شيءِ آڻڻ چاهي ٿو ته- اهو نڀاڳو اولاد به مائٽن لاءِ سدورو هوندو آهي- ۽ امير گهر مان ڪجهه ڏيندڙ اولاد مائٽن لاءِ مصيبت جي برابر هوندو آهي.
اقرار جي ماءُ به اهڙي طرح- توکي اقرار سان گڏ ڏسي زندگيءَ جا پويان پهر ڏاڍا سڪون وارا پئي محسوس ڪيا- سندس ان مادرانا شفيق لهجي جي جواب ۾ مون کيس يقين ڏياريندي چيو هو، ”ڇو نه ماسي- ضرورت وقت مان توهان جي ڪم اچي سگهان- ته مون کي ضرور چئجو؟“
”ضرورت بس اها اٿم فتاح! ته اقرار کي شادي ڪرايان- توڻي جو پاڻ- پهرئين گهر سان نڀائي نه سگهيو- پر سمجهان ٿي هاڻ هو گهر ۽ زندگيءَ کي ڪجهه نه ڪجهه محسوس ڪري چڪو آهي. مان چاهيان ٿي ته کيس شادي ڪرائي وڌيڪ ذميوار بڻايا ۽ پڻس کانپوءِ هن هيتري ساري ملڪيت جو ٻيو وارث به ڪير آهي؟“
اولاد هٿان ماءُ جو زخمي ٿيل روح- کيس انسان به هاڻ پئي تصور ڪيو-
انسان جا انسان تي احسان- اهڙو بار زندگيءَ جي جهان ۾ ٻيو ڪو آهي به ڪونه- پر پنهنجي محبت ٻئي کي ڏئي ڇڏڻ اهو ڪهڙو احسان چئبو- ۽ ايئن ڪڏهن زماني ۾ ڪنهن کان اتفاقن به نه ٿيو آهي!
اهو احسان توکان ٿي سگهيو ۽ تو اهو احسان اقرار تي ڪيو جو منهنجي محبت اقرار کي ڏيڻ پئي چاهي- تڏهن ته هو پنهنجن مائٽن کي به وڻڻ لڳو هو-
اقرار ۾ تبديلي ته واقعي اچي چڪي هئي- پر مون کي اڃان به تنهنجي لاءِ ذهن سندس فريبي لڳندو هو- ايئن محسوس ڪرڻ لڳس ته هو- منهنجي جان جو ٽڪرو- مون کان اٽڪل بازيءَ سان کسڻ پيو چاهي! – پنهنجي اهڙي نيت سان مان کيس بهتر ماڻهو تصور ئي نه ڪيو هو- جنهن حد تائين سندس ماءُ کيس ساراهي رهي هئي.
جيئن زماني ۾ شخصيتن پٺيان- ماڻهو چڱيءَ طرح سڃاتا ويندا آهن- ساڳيءَ طرح سان اقرار کي مون صرف تنهنجي ذات تائين محدود پئي سمجهيو- هو خود کي ڪيتري حد تائين پاڻ ملهائي ۽ نڀائي پئي سگهيو؟- ان لاءِ به مان کانئس باخبر هئس ۽ نه وري سندس حق ۾- ڪو بهتر فيصلو به ڏئي پئي سگهيس- مون سندس ماءُ کي ٻُڌايو ته، ”ماسي مان اقرار کي سچ پچ ته- پوريءَ طرح سمجهي نه سگهيو آهيان- ها! باقي آسا هن کي Hold up هولڊ اپ ڪري پئي- هو زندگيءَ ڏانهن موٽي به آيو آهي، پر چئي نه سگهندس ته شاديءَ کانپوءِ پنهنجي شريڪ حيات سان نڀائي به سگهندو يا نه؟“
مون اهڙي طرح پئي ڳالهايو- جهڙو پنهنجو پاڻ کي وڃائي ويٺو هئس. خود وڃايل ماڻهو- ٻين کي پوريءَ طرح سمجهي به ڪيئن ٿو سگهي- ان وقت سندس ماءُ جو بس اهو تڪيو ڪلام هو، ڄڻ ته لفظ وٽانئس رُسي ويا هئا. لفظن جي محتاجيءَ کان بار بار اهو پئي چيائين ته، ”ابا اڪيلي اولاد لاءِ ته- مائٽن کي ڪيتريون ئي حسرتون ۽ خواهشون هونديون آهن؟“
شايد اها به حقيقت رهي آهي ته امير مائٽ جو اڪيلو اولاد چريو يا ............. هوندو آهي.
ها! عقل وارن جي فيصلي ۾- اهو اولاد نه بلڪه اهو اڪيلو مائت چريو هوندو آهي- جيڪو پنهنجي اڪيلي اولاد جي رشتي سان- لاتعداد خواهشون ۽ حسرتون ٿو سانڍي- جيڪي کيس به چريو ڪيو ڇڏن.
مون سندس حسرتن ۾ واڌارو آڻيندي چيو، ”ها ماسي مان سمجهان ٿو، توهان سندس شاديءَ سان گڏوگڏ- سندس اولاد ڏسڻ جا به خواهشمند هوندا؟- ڇا کيس شاديءَ جو ارادو آهي؟“
اهڙي سوال جي جواب لاءِ- سندس ماءُ کان وڌيڪ شايد منهنجي ذهن کي ضرورت هئي. هُن اهڙي سوال جي خوشيءَ ۾ ٽهڪ ته نه ڏنو هو- پر سندس چهري جون ريکائون سڀ کِلي پيون هيون- ۽ کل مُک سان ٻُڌائيندي چيائين، ”شاديءَ جو ته کيس ڏاڍو شوق آهي فتاح! – بلڪه هو پنهنجي Choice جو به اظهار ڪري چڪو آهي- مون ته سندس ڪجهه ٻين دوستن کان- اهڙي مشورت جي راءِ ورتي آهي- ۽ توکي به اهڙي خيال سان گهرايم- ڇا تون- مون کي ايترو به نه ٻُڌائي سگهندين- ته هو هن وقت جوئا ۽ نشو ڪيتري حد تائين ڪندو آهي؟“
هن مون کان ايئن ئي پڇيو هو- جيئن هر مائٽ پنهنجي نڀاڳي اولاد بابت سندس عام دوستن کان پڇندا آهن- پر ڪڏهن به کين عام دوستن کان سندن اولاد بابت ڪا حقيقت حاصل ٿي نه سگهندي آهي ۽ پاڻ غلط نتيجن جو شڪار ٿين ٿا.
زندگيءَ سان محبت جهڙي جُوا ڪير نٿو کيڏي؟- پر سا دلين جي راند آهي- جنهن ۾ زندگي سچائيءَ سان داءُ تي لڳائڻي ٿي پوي- محبت سچائيءَ کانسواءِ ته ڪنهن سان کيڏندي به ناهي! – بدقسمتيءَ سان منهنجو ڪنهن اهڙي جواري زندگيءَ سان نه ڪڏهن صلح رهيو ۽ نه ڪڏهن ڪنهن قسم جو ڪو لاڳاپو- بس سادي نموني ۽ سڌيءَ طرح زماني کي ڏيکاري محبت ڪريو ۽ جيئو- اهو منهنجو شخصي اُصول هو.
ان کان علاوه ڪنهن به دوست زندگيءَ جو چغل رهڻ، ڪنهن ذات جي عيب ثواب تي اجايو سوچڻ ۽ انهيءَ لاءِ پنهنجي مرضيءَ جو فيصلو ڏيڻ- منهنجي سوچ جي ئي خلاف هو- پر پنهنجا اهڙا ذاتي اُصول اقرار جي ماءُ کي ٻُڌائڻ مون نه ضروري سمجهيو ۽ نه واجب.
ها! البت محبت جي جهان ۾- پنهنجي محبت جي حفاظت ڪرڻ هڪ باغيرت معاملو آهي ۽ ان کانسواءِ محبت کي پناهه ڏيڻ ته ڇا پر ماڻهو پنهنجي اوگهڙ به محفوظ نٿو رکي سگهي!
پنهنجي ڪمزوري پنهنجي خدا کي ٻُڌائڻ چڱو ڪم آهي يا بيوقوفي- ان جي ته خبر نه هئم- پر پنهنجي محبوب کي پنهنجي ڪمزوري ٻُڌائڻ سواءِ پريشانيءَ جي ٻيو ڪجهه ناهي-
۽ ڪنهن دوست جي ڪمزوري سندس مائٽن يا دشمن کي ٻُڌائڻ- منهنجي خيال ۾ اها بيوقوفي هئي- انهيءَ ڪري مون اقرار بابت سندس ماءُ کي ٻُڌائيندي چيو هو، ”ماسي اقرار مون کي ايترو ويجهو نٿو رهي، جيترو اسان سڀن دوستن کان وڌيڪ آسا سان رهي ٿو. تنهن ڪري مان سندس باري ۾ گهڻو ڪجهه بهتر نٿو ٻُڌائي سگهان. صرف ايترو کيس سمجهي سگهيو آهيان- ته هو اڳ کان هاڻي ڪافي بدليل ۽ نئون ماڻهو محسوس ٿيندو آهي!“
”تو منجهس نواڻ ڪهڙي محسوس ڪئي آهي؟“ هن مون کي غور سان ٻُڌندي پڇيو، ۽ مون چيومانس، ”منهنجي خيال ۾ ماسي- هو زندگيءَ کي شاهوڪار بڻائڻ ٿو چاهي.“
منهنجي ذهن ۾ لفظ شاهڪار هو پر متضاد لفظ هو، انهيءَ ڪري مون لفظ شاهوڪار اُچاريو- ۽ هن منهنجي ذهن جي اهڙي هٺيلي نيت کي محسوس به نه ڪيو هو- تنهن هوندي به هن ڄڻ ته منهنجي ذهن وٽان چيو هو ته، ”سواءِ شاديءَ جي- ٻي کيس ڪهڙي شاهوڪاريءَ جي ڪمي اٿس؟“
”زندگيءَ ۾ دليون ڪهڙي شاهوڪاريءَ جي شوق ۾ ٻڏل رهنديون آهن؟“ مون پنهنجو پاڻ کان پڇيو هو- جيڪا منهنجي محبت ڪرڻ کانپوءِ عادت ٿي چڪي هئي.
اهڙي شاهوڪاري ۽ شاهڪاريءَ جو شوق دنيا ۾ ڪهڙي انسان جي دل ناهي رکيو؟
دنيا خود هڪ وڏو شاهڪار آهي،
انسان خود شاهڪار آهي،
هر صورت به شاهڪار،
هر ڪوتا جو ڪومل خيال شاهڪار،
پوءِ هر شاهڪار لاءِ- شاهوڪار جي ڪمي به ڪهڙي؟
عزتون،
شهرتون،
صورتون،
سيرتون،
غيرتون،
مطلب ته ڪهڙي شيءِ هئي- جيڪا اقرار جي اميريءَ کي به حاصل نه هئي-؟
۽ هن شاهوڪار وطن ۾- اسان لاءِ ڪهڙي شيءِ شاهڪار ناهي؟
ڪوڙ ۽ فريب،
منافقي ۽ سياست،
مذهب ۽ جاهلي،
بک ۽ رومانس،
لالچ ۽ لفنگي،
دوکو ۽ بي ايماني،
غيرت ۽ ڪارو ڪاري- سڀ شاهڪار ته آهن- تڏهن ته شاهوڪاريءَ جو شان اعليٰ آهي- ۽ وٽس ڪا ڪمي ناهي!
پاڻ ماري ڇڏڻ کانپوءِ- ڪهڙي شاهوڪاريءَ جو شوق باقي رهي ٿو؟- مون پنهنجي دل کان جڏهن به اهڙو سوال پڇيو ته دل ”چار درويش“ کان به وڏو داستان ٺاهي وٺندي هئي- اهو ساڳيو سوال اقرار جي ماءُ کان به ٻُڌم- پر کين ته ڪنهن شاهوڪاريءَ جي ڪمي نه هئي- سندس ماءُ جي چوڻ موجب- هئي ته صرف اقرار جي شاديءَ جي کوٽ- ۽ اهڙي شاهوڪار خوشيءَ لاءِ- شايد کين ڪنهن جي شاهڪار صورت گهربل هئي. بس اها ئي هڪ شيءِ رهجي ٿي- سا اها ته- امير کي امير صورتن جي هميشه کوٽ محسوس ٿيندي آهي- ۽ امير دلين کي شاهڪار صورت جو جنون!
اقرار جي ماءُ مون سان ان وقت- اهڙي حقيقت جو اظهار نه ڪيو هو ته- اقرار پنهنجي شاديءَ لاءِ- ڪهڙي شاهڪار صورت جي چونڊ ڪئي آهي-
پر مون کي خبر هئي ته- هن شاهڪار ملڪ پاڪستان ۾- اميرن کي عزت ۽ غيرت به سرعام وٺڻ جائز آهي!
جا شيءِ جهان ۾ نه ملي- سا اسان وٽ پاڪستان ۾ سستي ۽ جلد به ملي ٿي- پوءِ اقرار لاءِ صورتون خريد ڪرڻ ته ڇا پر دليون سودائڻ به ڪو مسئلو نه هو.
جڏهن دلين تي به رشوت خوريءَ جو الزام لڳي- ته پوءِ چمين سان گڏ- بم، بارود به محبت جي جنگ ۾ جائز سمجهڻ گهرجن!
پوءِ ڪيئن نه پيو چئي سگهجي ته- محبت جي ماڳ تي به سامراجي قوتن ۽ سرمائيدارن جي حاڪميت آهي- جن کي صرف طوائفون محبت ڪرڻ سيکارن ٿيون.
ڇا؟ پوءِ دليون ۽ ضمير آزاد چئي ٿا سگهجن؟
دنيا کڻي چئي به سگهي آسا- پر مان محبت جي طابع غلام رهيس.