قسط 3
اهائي محبت ۾ تنهنجي قرباني ۽ خلوص هو.
منهنجي به هر قرباني تنهنجي لاءِ صرف تنهنجي لاءِ هئي- جنهن جي فلسفي کي- پوري طرح تو سمجهيو به نه.
تنهنجي جيئڻ مرڻ جون ڳنڀيرتائون- ۽ ڳڻتيون- سڀ مون پنهنجي مرضي سان توکان چورائي پنهنجن خيالن ۾ ٽُنبي ڇڏيون.
ان ڪري جو تنهنجي زندگيءَ ۾- غيرارادي طور مونکي پنهنجي Balance Sheet جي به هَوَس هئي. جيڪا منهنجي شايد وڏي ۾ وڏي ڪمزوري هئي.
تنهنجي ته پسند ئي اها هوندي هئي- ته توکي موت جهڙي چٻري Pose ۾ وڻندو هئس.
۽ تون مونکي زندگي جي روپ ۾ وڻندي هئينءِ.
جڏهن تنهنجون ٻاراڻيون ۽ عجيب خصلتون منهنجي ذهن جي قبرستان ۾ دفن ٿي. منهنجي ذهن کي نواڻ- بخشينديون هيون- تڏهن اهڙي سوچ مون تي Control ڪنٽرول ڪري ويندي هئي- ته تنهنجي محبت جي مذهب ۾ رهي- حسن جو ثناگر بڻجي- جيڪا تصوراتي شاعري ڪئي اٿم- سا سڀ جي سڀ ساڙي يا ڦاڙي ڇڏيان!
آخر سوچي، سوچي جنوني سوچ ۾ اچي هڪ دفعو ائين به ڪري ويٺس- جو هاسيڪار ڀاڙو خرچ ڪري- بس تي چڙهي سنڌونديءَ جي ٺٽي واري پل تي وڃي لٿس- ۽ پُل تي بيهي پنهنجي شاعري جو مواد سنڌو دريا ۾ لوڙهي ڇڏيم ۽ ڪجهه گهڙين لاءِ سڪون محسوس ڪيم- جڏهن ان حقيقت جو ذڪر توسان اچي ڪيم ته ان صدمي کان ڪيترا ڏينهن تو مون سان ملڻ به ڇڏي ڏنو هو. توڙي جو شاعري لاءِ تون مٿاڇري تي سوچيندي هئين. تنهنجي نه ملڻ سان- مان ڪنهن نامعلوم پڇتاءُ ۾ رهندو هئس.
پنهنجي شاعري جو مواد مون سنڌونديءَ ۾ ڇو لوڙهيو؟
اهڙي سوال ته وقت سر منهنجي دماغ کي به ڪچو ڪري وڌو- پنهنجي اهڙي عمل کي مڪمل طرح سمجهي نه سگهيس- پر ايترو محسوس ضرور ڪيم- ته محبت آميز تنهنجي محبوبي منهنجي ذهن کي- خيالن جي ترقي ڏئي- هڪ اهڙي نواڻ شايد بخشي رهي هئي- جنهن ۾ مان پنهنجي من اندر ويٺل شاعر واري شاعري- هڪ کوکلائپ ۽ پاڳلپڻو تصور ڪري ويٺس-
۽ وري جڏهن توکي راضي ڪرڻ لاءِ- توکي ريجهائيندي مون چيو هو ”آسا!مون شاعري لوڙهي- غلطي واقعي ڪئي آهي- پر مون شاعري ڪرڻ ڇڏي ته ناهي ڏني“
تڏهن توکي الائي ته ڇا ٿي پيو هو- مان توکي پوري طرح سمجهي نه سگهيو هئس. تو سنڌ جي اديب ۽ شاعر تي سخت لهجي ۾ تنقيد ڪندي چيو هو ”جڏهن حق ۽ باطل نيڪ ۽ بد، چڱائي ۽ بڇڙائي جي ڳالهه ٿيندي آهي- تڏهن اهڙي وقت اسان جو شاعر ۽ اديب پنهنجن ذاتي نفرتن، عداوتن، نجي معاملن، مسئلن، جنسي خواهشن ۽ اوڻائين ۾ ايترا ته ٻڏل هوندا آهن. جو هو پنهنجي ذات کان ٻاهر ڪانءُ جيئان ڪجهه نه ڏسي سگهندا آهن!“
”اها تنهنجي غلط فهمي هوندي آسا- تو شايد خود کي بهتر مطالعي کان محروم رکيو آهي؟“ پنهنجي خلوص نيت سان توکي- تنهنجي اصلاح ڪندي چيو هئم.
تو منهنجي اهڙي خيال کي ڪائي اهميت نه ڏيندي- وڌيڪ جوش ۾ اچي چيو هو ”ادبي تخليق ۾ اسان سواءِ انفرادي مفاد ۽ ذاتي ملوڪيت جي- باقي ديس، قوم، ٻولي ۽ انسانيت لاءِ ٽوڪ، ٺٺول کان وڌيڪ ٻيا ڪهڙا صاف، سهڻا خيال يا امن ۽ سک جا وڻ پوکيا آهن؟“
تنهنجن اهڙين بخيل ڳالهين مان- مان به بخيل ٿيڻ لڳو هئس منهنجي صبر ۽ سهپ کان مٿي- تون ادب تي ڇوهه ڇنڊڻ لڳي هئينءِ- تنهنجي اهڙي غير شعور ۽ ڪم عقل راءِ کان بدظن ٿيڻ لڳو هئس.
دنيا جي ڪهڙي به هستي سنڌي ادب تي اهڙي بيجا، بعيد از عقل تنقيد ڪندي- منهنجي اڳيان اهڙي ناداني ڳالهاءِ ها، ته مان پنهنجي قلم جي تيز ڌار نوڪ سان سندس ٻئي اکيون ڪڍي کيس چوان ها ته، هاڻ تون منهنجي پٺيان اچ- ڏس ته ادب انڌي جي ڪيئن، ڪهڙي ۽ ڪيستائين رهنمائي ٿو ڪري- پر توکي ته ڪجهه نه پي چئي سگهيس- ان ڪري جو تون خود منهنجو ادب هئينءِ. جنهن جي لافاني خوبين ۽ شاهڪار حسن سان گڏوگڏ سندس اهڙي انسانيت سان به محبت ڪري ويٺس- جن کي مون پوري طرح سمجهيو به نه هو- بس تنهنجي صرف طبيعت کان ظاهري طرح- ايترو واقف هئس- ته جذبات ۾ اچي- ڪڏهن، ڪڏهن تون ڇتپڻ جهڙا بيمار، جڏا فيصلا ۽ اٻهرايون به ڪندي هئينءِ.
هڪ لڱا تنهنجي ذهن تي مجنوني محبت وارو جنڙو خيال به سوار ٿيو هو- تو پنهنجي وڏي اُتساهه مان- منهنجي بي خيالي ۾- منهنجي ڪلهي ۾ چڪ پاتو هو- ۽ مون کان وڏي- دانهن نڪري وئي هئي-
منهنجي ان اهڙي دانهين حالت تي- ساڳي ان جڳهه تي ئي وري هڪ زورائتي مُڪ وهائي ڪڍي هُيئي- ۽ مذاح واري انداز ۾ دڙڪو ڏيندي چيو هيئي ”خاموش“ بيمان- علامه آءِ آءِ قاضي جي سوانح عمري پڙهي هوندئي- ان جهڙي حالت بنائي ڇڏيندي سانءِ“
تنهنجي ان مذاحيه دڙڪي- سچ پچ ته- منهنجي ذهني ڪيفيت وڌيڪ پُرڪشش بڻائي وڌي هئي- ذهن جي مقام ۾ دفن ٿيل خيالن جا لاشا جاڳي پيا هئا- هر هڪ خيال ڪڏهن منڪر ته ڪڏهن نڪير پي محسوس ٿيو.
مرده خيالن جون ڀيانڪ صورتون- دل کي آزاري- ذهن کي پٽڻ کائڻ لڳيون هيون- ۽ سوچن کي جهڙو Typhus بخار چڙهي پيو هو.
تو نه رڳو اهو دڙڪو ڏنو هو- پر تنهنجي محبت اهڙو ئي ته ذري گهٽ بڻائي رکيو هئم- پر منهنجي اهڙي حالت جو بازاري حسينن جيئان تو وٽ نه احساس هو نه قدر- بي قدريءَ جي جهان ۾- زندگي کي جيئارڻ- ڪيڏي نه بي قدري آهي!
هر سهڻي ۽ بهتر شيءَ جو قدر ڪرڻ هر بي قدري ماڻهو تي قرض هوندو آهي- هر بي قدر ان جو مقروض هوندو آهي- مان ته صرف پنهنجي جسم تائين تنهنجو قرضي هئس- خيال آيم توکان پڇي وٺان ته- ماڻهو هڪ جان رهي به هڪٻئي کان اڻڄاڻ ڇو ۽ ڪيئن رهندا آهن؟
پر هڪدم اهڙي گهٻراهٽ جي تجسس ۾ اُلجهي پيس ته، ڪٿي ٻه جسم وارو پهلو- جنهن کي تون اوليت ڏيندي هئين- سو پهلو بحث هيٺ نه اچي- ۽ مان پنهنجي هار کائي سڀ ڪجهه نه وڃائي ويهان- ڇو ته مان ٻه جسم واري مسئلي ۾ تمام منجهيل ۽ ناقابل هئس ۽ مون نه پي چاهيو ته محبت جي ڪنهن تاريخي مقدس ڪتاب ۾- منهنجي ۽ تنهنجي هڪ جسم کي- ٻن جسمن جو درجو ڏئي لکيو وڃي- يا ان کي وقتي لذتن ۽ جنسي خواهشن سان نه ڳنڍيو وڃي.
پنهنجو اهڙو خيال ذهن ۾ لڪائڻ چاهيم، ته وري اهڙي اذيت کان گهٻرائجي ويس، ته ڪٿي ذهن ۾ رهجي ويل اهڙو خيال من جي صحرا ۾ ڪانڊيري جو وڻ نه بڻجي پوي جنهن جا زهريلا ڪنڊا دل جي ڳڀي ۾ چُڀن پيدا ڪري- دردن ۾ هڪ ٻيو وڌيڪ نئون واڌارو نه پيدا ڪن. جڏهن ته من جي پياسي رڻ ۾ اکين جي برسات ذريعي ٽوهه جي ولين ۽ ٿوهر جهڙا خيال اڳئي آباد هئا.
اهڙي دورانديشيءَ ۾- دل تان اهڙي بيمار فڪر جو بار هلڪو ڪرڻ جي خيال سان- توکان پڇيو هئم ”ماڻهو هڪ جان- ٻه جسم- اهي ڪهڙا ماڻهو هوندا آهن؟“
تون ان وقت پنهنجي ڪنهن نرالي ڪيفيت سبب پنهنجي ناخدائي جي خوشفهمي ۾ مبتلا هئين.
تو مذاج بدلائيندي- الائي ڪهڙي اڻڄاڻ خوشيءَ جي اميد ۾ خود کي منهنجي مٿان ڀُنڀوري جيئان اڏائيندي- مونکي بيپرواهي سان ڀاڪر وجهي- پنهنجي اُرهه کي منهنجي ڪلهي تي زور سان دٻائيندي چيو هو ”هن عمر ۾ تو ۽ مون جهڙا ٻيا ڪهڙا ماڻهو چئي سگهجن ٿا- جن پنهنجي هڪ جان هوندي به- پنهنجا جسم ورهائي رکيا هجن؟“
تنهنجي انداز بياني مان ائين پئي لڳو- ته تنهنجي نيت خراب ٿيڻ لڳي هئي ۽ ان جي ضد ۾- منهنجي ايمان ۾ مضبوطي ۽ نيت فيض ياب ٿيڻ لڳي هئي.
تنهنجي اُرهه وارو گوشت منهنجي ڪلهي کي ڏنڀي رهيو هو مونکي اهڙي جرئت نه پئي ٿي- جو تنهنجي دٻايل گوشت جي ان ڳڀي کي- پنهنجي هٿ سان- اتان هٽائي خود کان الڳ ڪري سگهان-
شايد ان وقت تون- جسم کي- جسم ۾ وجهي ڇڏڻ جي نادان تصور ۾ پاڻ ڦاٿل هيئن.
اهڙي تصور ۾ ئي- تو جڏهن مون کي زور ڀري چمي ڏني ته مان گهٻرائڻ لڳس- ۽ پنهنجي نيت ۾ عشق مجاز جي آرس چڙهندي محسوس ڪيم- ۽ تنهنجي چپن ۽ اکين مان تنهنجي جوان رت جو جوش نظر اچڻ لڳم- ائين پئي معلوم ٿيو- ڄڻ تو منهنجو خون پي- پيئڻ چاهيو.
پنهنجي ڳل کي منهنجي ڳل تي رکي- پنهنجي لڪل نيت کي اگهاڙو ڪندي- تو وري چيو هو ”خبر ناهي ته هڪ جسم ٿيڻ واروعقل ۽ خيال- توکي ڪڏهن اچي فتاح-؟ تيسيتائين پنهنجي ڪچڙي جسم کي تنهنجي پٿر جسم سان گسائيندي، گسائيندي- يا ڀُري ڀور ٿي وينديس يا ان ڪاڙهي ۾ ڪڙهي جوان وهيءَ کي پاڻي جيئان وهائي ويهان.“
”ڱاٺون ته آهن منهنجي جسم تي آسا- روز الاءِ ڪيترا ڏنڀ سهندو آهيان.“
مڙئي منهن جي ڏاڍائي ڪندي چيو هئم- اصل ۾ خوشي ٿيندي هئم- جو تون سختي کي هڪدم نرمائي ۾ بدلائي ڇڏيندي هيئن- اهڙي خوشيءَ ۾ چئي وڌو هئم ته ”ڀل تنهنجي شاهڪار بدن جا چٽ- منهنجي پٿر جسم تي چٽبا رهن- چٽ پٿر جو سونهن هوندا آهن آسا! ڀلي ته انمول جسم جا چٽ- منهنجي اڻ گهڙيئي جسم تي چڙهندا رهن- تيسيتائين جيسيتائين مان هڪ بي جان مورتيءَ بڻجي پوان- هڪ اهڙي مورتي- جنهن کي جيڪو به مصور غور سان ڏسي ته- آسا کين تنهنجو ئي جسم معلوم ٿئي-،
ائين مان فاني ۽ غيرفاني واري ڌٻڻ مان پاڻ ڇڏائي تنهنجي محبت کي- تنهنجي شڪل ۽ صورت ۾ غيرفاني بڻائي ڇڏيان، ڪهڙي نه عجيب ڪشش ۽ ڪشمڪش آهي- فاني ۽ غيرفاني واري فلسفي ۾!- ائين جيئن انسان ماءُ ۽ پيءُ جي وچ ۾ هڪ اِڪائي وارو فسلفو جيڪو (+) ۽ (-)، (-)(+) واري برابري جواب لاءِ اڻپورو رهيو آهي منهنجو فاني ۽ غير فاني وارو خيال ٻڌي- اڻٻڌو ڪري ڇڏيو هيئي ۽ اهڙي خيال بابت اڪثر ائين ئي ڪندي هيئن- شايد توکي پنهنجي غير فاني هئڻ جو اڃان پورو يقين نه هو جنهن ڪري هڪ جسم ٿيڻ وارو تصور تنهنجي وجود ۾ هڏ بنجي چڪو هو- ۽ تنهنجو بدن تندور جيئان تپي اُلا اڇلي رهيو هو،
توکي پنهنجي آتشزده جواني جي جبر تنگ ڪري رکيو هو- ۽ مونکي پنهنجي ذهني ڪنگال پڻي واري خاموش صبر ماري مُڃ ڪري وڌو هو.
ان رات به پٿر مان ميڻ بڻائي- منهنجي انسانيت کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪيئ هيئي- پر تنهنجي جسم سان ايتري محبت نه هئم- جيتري تنهنجي عزت، انا ۽ آبرو سان هئم-
شايد پنهنجو پاڻ سان ناانصافي ڪرڻ لڳو هئس- جنهن ۾ روئڻ وقت،
سڀ جو سڀ روئي ويٺس- ۽
بچائڻ لاءِ- بچائي ڪجهه نه سگهيس،
نه اندر جي پيڙاءُ
نه لڙڪن جو ارمان،
نه من جي شڪايت،
نه دل جو ماتم،
نه عقل ۽ وقت جي علامت،- ۽
نه روح جو قضيو!
بس اهڙي مُراد ۾ جيئڻ پي چاهيم- ته،
پنهنجي روح جي جنازي کي- تنهنجي اکين ۾ دفنائي ڇڏيان.