ناول

لفظن جي خواهش

حيدر دريا جي هيءَ تحرير اسان جي زماني، اسان جي دؤر جي بي حد ڏکائتي صورت حال جو پڻ عڪس آهي، جنهن ۾ هر طرف، هر پاسي شڪ ۽ گمان جا اولڙا هڪ ٻئي سان ٻکئين پئجي ويل آهن، ان ڇڪتاڻ جي، جيڪا هڪ نئين سوچ ۽ نئين فڪر جي اثر هيٺ اُڀري ظاهر ٿي آهي، بيشڪ اثرائيتن لفظن ۾ تصوير ڪشي ڪئي وئي آهي.
Title Cover of book لفظن جي خواهش

قسط 16

جنهن مهل اُها اقرار واري دعوت برخاست ٿي هئي ۽ محفل اختتام کي پهتي ته هر دوست پنهنجي، پنهنجي ڪمپنيءَ سان راهه روانو ٿيڻ لڳو هو- ۽ تو اقرار کان موڪلائڻ وقت- اقرار کي ڪجهه چيو پي- جيڪو دوستن جي اجائي هل حشري ۾ مان چڱي طرح ڪجهه ٻڌي نه سگهيو هئس-
دل وارو ماڻهو ڪنهن رقيب سان- پنهنجي منهن ڪجهه ڳالهائيندو هجي ۽ اهڙي گفتگو دل جي دڙڪن تائين رسندي نه هجي- ته اندر ۾ بيچينيءَ جو ڪيڏو نه غوغا پيدا ٿي پوندو آهي.
ڪهڙو تجربو آهي- جيڪو زندگي ڀر حاصل ٿي نه سگهندو آهي؟
ڪوششون،
محنتون،
خيال،
سوچون، ارادا
۽ محبتون- سڀ اهڙي تجربي جي حاصل خاطر- وندر بڻجو پون. ۽ جي حاصل ٿي به ويندو آهي- ته ان کي ذهن کان ٻاهر واضح بيان ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ناهي هوندو.
اقرار کي تو ڇاپي پنهنجي منهن چيو؟ دل ۾ ويٺل ان هول- Terror کي ختم ڪرڻ لاءِ- مونکي تنهنجي موٽر ۾ توسان گڏ هلڻ جو خيال هو- پر توسان گرل فرينڊز جي رش ڏسي- تو کي چئي نه سگهيو هئس- ۽ وري جڏهن تو خود چيو هو ” فتاح سڀاڻي منجهند مهل گهر ته اچجان- ڪو مسئلو حل ڪرڻو آهي! ٺيڪ آهي نه“ ايترو چئي تو جهڙو مونکي موٽر ۾ ساڻ کڻي هلڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو هو- گهر ته منهنجو به ڪو ايترو ولايت ڪونه هو- پر الاءِ ڇو تنهنجو هڪ پل پري ٿيڻ به- پنهنجي هر منزل جي لاءِ صدين جو سفر محسوس ڪرڻ پي لڳيس!
ٻئي ڏينهن تنهنجي چوڻ مطابق- منجهند جو تنهنجي گهر آيو هئس ته- مونکان اڳ اقرار تو وٽ ويٺل هو- سندس بيٺڪ مان مون کي ائين لڳو پي- ته تو وٽ ويٺي کيس ڪافي وقت لڳو هو-
مان جڏهن صوفي تي سانتيڪو ٿي ويٺس ئي مس- ته تو ساءِ ڪلر جو سادو فائل مونکي ڏيندي چيو هو ”فتاح! هيءُ فائل پڙهي – ٿوري نظر مان ڪڍ؟“
فائل منهنجي هٿ ۾ ته- تو چيو هو، ”پهريون دفعو آهي – جو اقرار جو ذهن مون اڄ پڙهيو آهي - سو به منهنجي زمين بابت- هڪ نئين Plantation.“
جڏهن فائل کولي پڙهڻ شروع ڪيم ته- مون کي ان مان نادار زندگين جا پُٺا اُگهاڙا نظر اچڻ لڳا هئا- ڪجهه اڳتي پڙهيم ته مون کي تنهنجي زمين نئين سري سان آباد ڪرڻ لاءِ هڪ نئين رٿا نه پر هڪ خوشامد محسوس ٿي هئي- اهڙي خوشامد جنهن ۾ توکي وڌ کان وڌ خوش ڪرڻ خاطر- تنهنجي زمين بابت نوان فارم لڳائڻ جي تجويز رٿي وئي هُئي ۽ ان ۾ انساني زندگيون فنا ڪندڙ فارمولو جوڙيو ويو هو- زمين مان وڌ کان وڌ اُپت حاصل ڪرڻ لاءِ اهو ايجنڊا فائل لکيو ويو هو- جنهن جا شروعاتي اهم نڪتا هن طرح هئا ته:
(1) پراڻن هارين کي بي دخل ڪري- چوٿي ونڊي تي نوان هاري رکڻ.
(2) اهي نوان هاري لڏائي- باقائدي زمين تي ويهارڻ.
(3) هرهڪ هاريءَ کي- هاريپ لاءِ صرف چار ايڪڙ زمين ڏيڻ.
(4) في هاريءَ کي 500 روپيا ماهوار خرچو، ڀتو ڏيڻ ۽ سندس باقي پورهئي جو اُجورو- سال پوري ٿيڻ کانپوءِ- خرچ پکو ڪٽي باقي بچت کيس ڏيڻ.
(5) بيمار، بي ايمان، سست، ڪمزور ۽ ڪم چور هاريءَ کي بي دخل ڪري زمين تان لڏائي اُٿاري ڇڏڻ.
(6) ڪنهن به هاريءَ جو وقت سر زمين ۾ نظر نه اچڻ- وقت سر زمين جو ڪم مڪمل نه ڪرڻ- سندس خلاف شڪايتون اچڻ، ڪنهن به غلط ماڻهوءَ کي پاڻ وٽ مهمان ڪري ترسائڻ، - اهڙيءَ صورت ۾ کيس بي دخل ڪري زمين تان لڏائي به سگهجي ٿو ۽ ٻيءَ حالت ۾ کيس غلط عملن سبب پوليس حوالي به ڪري سگهجي ٿو- وغيره وغيره.
اهي چند فقرا پڙهي- فائل اهڙي نفرت زده خيال سان بند ڪيو هئم – جو وڌيڪ پڙهڻ جي خواهش ئي نه هئم.
منهنجي ذهن ۾ - ان وقت اهڙي تجويز جا ٻه پهلو هئا- هڪ ته توکي شايد حد کان وڌيڪ بيوقوف بڻايو پئي ويو- ۽ ٻيو هڪ پورهيت لاءِ- سندس اُجوري جي سلي بابت جهڙي بي رحم ۽ بدحواس خيال کي قلمبند ڪيو ويو هو- ان مان مون کي ايئن معلوم پئي ٿيو ته- اڄوڪي هاري، پورهيت کان ڪنهن طوائف جو دلال وڌيڪ عزت ۽ ٺاٺ سان- پنهنجو اُجورو حاصل پيو ڪري.
انسان کي ڪيئن نه سندس نيتن ۾ ئي ويڙهي ٺاهيو ويو آهي! دوستن ۽ عام ۾- ڪيڏي ڪمال درجي ۾ ٿو ڳالهائي- پر پنهنجي ذات کي ڪميني پن سان صلح ڪرائي- انفرادي سوچ سان- رهزن قانون جوڙي- ڪيڏو بي رحم ٿو بڻجي پوي! افسوس! مفاد ڪيڏي نه ڪميڻي شيءِ آهي!
پنهنجو پاڻ کي گاريون ڏيڻ سان- شايد غيرت جو قانون نٿو ٽُٽي. نادار مقدرن لاءِ- نادر بڻجي- پنهنجا فيصلا ويهي مڙهي ڪهڙو حق هو اقرار کي.
پنهنجي ڪنهن ذاتي ضرورت جي وقت- ويجها ماڻهو به ڪيترا نه پري وڃيو نڪرن- ڪيڏي نه دليريءَ سان- پنهنجي اڪيلي دل جي غيرت جون اکيون ڪڍي وٺندو آهي انسان!
خبر نه پيم ته- توکي اقرار جو وڌيڪ ذهن وڻيو هو- يا سندس اها تحرير- جنهن ۾ هن پنهنجي ڪنهن مقصد لاءِ- نڌڻڪيون زندگيون گروي بڻائي رکيون هيون.
في الحال ته مون کي پنهنجي دل جي پيچ جو بند ٿيڻ وارو وهم پڪو پئجي چڪو هو- باقي جو ڪجهه هو ان به تجربو ڪافي ڏنو هو.
منهنجي هڪدم فائل بند ڪرڻ سان تو پڇيو هو، ”ڇو فتاح فارمولو مڪمل ناهي ڇا-؟“
ته مون تمام ڌيرج سان توکي سمجهائيندي چيو هو ته، ”آسا هن کي فارمولو نٿو چئي سهگجي- هي ته بس مڙئي ڪا تحرير آهي، جنهن کي اسان- ڪنهن مقصد جي لکت به چئي سگهو ٿا.“
”لکت ڇا...... ڪهڙي مقصد جي لکت؟“ پنهنجي بي خبري ڄاڻائيندي پڇيو هيئي- اهڙو سوال ته اقرار کي پڇڻ کپندو- پر نه، تو پڇيو هو- وصف گهڙيندي مون چيو هو ته، ”آسا! اهڙي مقصد واري لکت، جنهن ۾ انساني زندگين جي خريداريءَ جا فيصلا- انهن جي پرپٺ ڪيا ويندا آهن- ۽ پوءِ اهڙا فيصلا جڏهن عمل ۾ ايندا آهن- ۽ اهي خريد ڪيل زندگيون ڳرڻ لڳنديون آهن- تڏهن صرف سندن قبرن لاءِ سوچيو ويندو آهي- جنهن ۾ نادار زندگيون تمام سستيون پونديون آهن.“
”يار تنهنجي هر ڳالهه- مڪمل طرح الاءِ ڇو نه سمجهي سگهندو آهيان.“ اقرار وچ ۾ منهنجي ڳالهه روڪيندي چيو هو- ته مون کيس چيو هو، ”اقرار! جڏهن مقصد کي مفاد کان ٽوڙي ڳالهائبو آهي- ته ڪڏهن، ڪڏهن تو جهڙن کي ڳالهه واقعي سمجهه ۾ نه ايندي آهي!“
”پر جنهن ماڻهوءَ کي- ماڻهو سمجهي نه سگهي- اهڙي ماڻهوءَ لاءِ تون ڪهڙي راءِ ڏيندين فتاح؟“
اهو سوال پڇندي هو ساهه مان ڀرجي پيو هو. تمام آهستگيءَ سان جواب ڏيندي مون چيو هومانس، ”خبر ناهي ڪهڙي ماڻهوءَ بابت پيو پڇين- جيڪو سمجهي نٿو سگهي يا جيڪو سمجهائي نٿو سگهي؟“
”هُون- ڳالهه کي وڌائڻ به ڪو توکان سکي- نه!“ هُن ڪنڌ ڌوڻي اسٽائل سان چيو هو- سندس اهڙي شوخ لهجي واري ٽوڪ تي تون به کلي پئي هئينءَ.
ڳالهيون ماڻهو وڌائي ڇو پيش ڪندا آهن؟- اهڙو سوال خود تو به هڪ ڀيري اُٿاريو هو- سو تڏهن، جڏهن هڪ لڱا مون توکان پڇيو هو، ”آسا! جي خدا ڪري- توکان اڳ حقيقي موت مري پوان- ته تون منهنجي قبرستان تي ايندينءَ؟“
تڏهن تنهنجو اهو سوال هو ته، ”ماڻهو هرو ڀرو ڳالهيون ٺاهي وڌائي پيش ڇو ڪندا آهن؟“
ان وقت تفصيل سان جواب ڏيندي مون چيو هو، ”آسا ماڻهو جيڪو وهميل هوندو آهي- حقيقي چريو اُهو ئي هوندو آهي- اها ئي سندس ذهني بيماري هوندي آهي- ته هو مقصد لاءِ ڳالهيون ٺاهيندو وڌائيندو ويندو آهي- اهڙيءَ طرح سان دنيا لاءِ مڪمل چريو ۽ پنهنجي پريتم جي گهر ۾- اڌ چريو هوندو آهي!“
اقرار جو اهو چوڻ ته، ڳالهه کي وڌائڻ به ڪو توکان سکي- مون کي خاموش ڪري ڇڏيو هو- انهيءَ ڪري جو مان پنهنجو پاڻ لاءِ- ڪنهن، ڪنهن مهل ته واقعي اڌ چريو بڻجي پوندو هئس. پر ان مهل اقرار معلوم به ڪري ورتو هو- ۽ ڳالهه وڌائي به وڌي هئم- ته ان کي کُٽائڻ منهنجي وس ۾ نه هو.
ماڻهو ته اهي بلند مقام هوندا آهن- جيڪي ڳالهين سان گڏ خود کي به کُٽائي پيش ڪندا آهن.
الاءِ ته ڪهڙي کوٽ ۽ ڪهڙو عيب هو مون ۾- جو ڳالهه وڌائي پيش ڪرڻ کانپوءِ- ڪوئي ٽوڪيندو هئم ته- يا خوش ٿي پوندو هئس- يا ذهن ۾ گهت هڻي- وري ڪائي ٻي نه کُٽندڙ ڳالهه شروع ڪندو هئس!
اقرار کي انهيءَ وڌاءُ بابت ڪو جواب نه ڏنو هئم- ان مهل توکي مخاطب ٿيندي مون پڇيو هو، ”آسا تو رات مون کي انهيءَ ڪم لاءِ اچڻ جو چيو هو؟“
”ها فتاح! ڪم ته اهو ئي هو- ۽ اهو ساڳيو ڪم- رات مون گهر ايندي اقرار کي به چئي ڇڏيو هو- ۽ اقرار اهو سڀ ڪجهه لکي کڻي به آيو آهي- انهيءَ مهل تڪڙ ۾- سو توکي ٻُڌائي نه سگهي هيس.“
زندگيءَ کي ڏاڍو تڪڙو ڊوڙائڻ لڳي هئينءَ- ڪنهن به طرف ڏانهن اک ڇنڀ نظر ڊوڙائيندي- ڪنهن جي مفاد تي به غور نه پئي ڪيئي.
ڪهڙو بيهودو لقب ڏيان ها مفاد کي- انساني زندگيون به داءُ تي لڳايون وينديون آهن-
پنهنجون خوشيون تنهنجي نانءُ ڪري به- توکي تنهنجي ڪنهن يادگار مُسرت لاءِ- ڪا دل گهائيندر مبارڪ ڏئي نه سگهيو هئس. زمين بابت اقرار جي لکيل تحرير لاءِ- توکي تنهنجي خوشيءَ خاطر ايترو چوڻ به منهنجي بيوسي هئي ته، ”آسا اقرار جيڪڏهن بهتر لکي آيو آهي- ۽ توکي پسند به آهي- ته پوءِ دلپسند کان وڌيڪ ٻيو ڇا گهرجي؟“
۽ تو چيو هو، ”ها! پر هي سارو ڪم- اهو ڪيئن ٿيندو- ڪير ڪندو؟“
ڪيڏي نه مايوسيءَ ۽ لاچاريءَ سان چيو هيئي. چوڻ ۽ ڏسڻ جا ته ابن، ڏاڏن کان وٺي ماهر هئاسين- پر عمل صرف صلاحن تاءِ محدود- زندگيءَ ۾ اهم شيءِ ته رهي عمل آهي- جنهن کي تو پنهنجي عمر مطابق ڏاڍو دير سان محسوس ڪيو هو.
پر بي رحم ۽ سخت تجويزون ڏيڻ کانپوءِ- ان جي ذميواري ماڻهو پنهنجي ذمي پاڻ کڻڻ بجاءِ- ڪنهن قومي شيطان جي حوالي رکندا آهن.
مان اهو ئي سوچي رهيو هئس ته- اقرار جڏهن اهو ايترو سڀ ڪجهه لکي کڻي آيو آهي- جنهن کي منهنجو ذهن قبول ئي نه پيو ڪري- انهيءَ کي عملي جامو پارائڻ لاءِ- اهڙو ذمو پاڻ ڇو نه پئي کنيائين؟
ڪاغذن تي مڙهيل اها تحرير توکي ته پسند به گهڻي هئي پر سندس نيت ۾ لکيل تحرير- جنهن کي هن پنهنجي ضمير ۾ سانڍي رکيو هو- ان مان هڪ لفظ به هن- انهيءَ فائل ۾ نه آندو هو-
ماڻهو! جيڪي وقتي طور پنهنجي وقار لاءِ قسم کائيندا آهن- ته دنيا ۾ نوان نوان ڪوڙ ۽ منافقت انهن مان ئي جنم ٿا وٺن. پاڻ سڌارڻ لاء- ساکن کي نه، نيتن جو قبلو درست ڪيو ويندو آهي.
ڪيڏو بي رحم آهي خلقڻهار!
دلين جون ڳالهيون سمجهڻ لاءِ- ذهنن ۾ هڪڙي نس به نه رکيائين، اهو تڏهن محسوس ڪندو هئس- جڏهن پنهنجي دل جا اشارا نه سمجهندي- پنهنجي لاءِ ڪو نئون آزار پيدا ڪري ويهندو هئس.
”منهنجي خيال ۾- مون کان وڌيڪ- اهو ڪم اقرار آسانيءَ سان نڀائي سگهندو آسا؟“
دل ۾ ڪروڌ رکي- پنهنجي بيوقوفيءَ سان- اهڙي تجويز ۾ اقرار جو نالو کڻي ويٺس- حالانڪه مون سمجهيو به پئي ته- اقرار کي اهڙي مصلحت جو شدت سان انتظار هو- ۽ تو اڃان اقرار جي منهن ۾ ڏٺو ئي مس هو ته، هن هڪدم چيو هو- ”ها، ها! ڇو نه- مان بلڪل تيار آهيان- هونئن به ته بابا به زمين جو سمورو ڪم مون کي سپرد ڪيو آهي- مون کي صرف گاڏيءَ جي درڪار هئي- سو جيستائين پنهنجي گاڏي وٺان تيستائين آسا واري جيپ- منهنجي لاءِ وڌيڪ سهولت به ٿيندي.“
هن تنهنجي راءِ وٺندي پڇيو هو، ”ڪيئن آسا؟“
”ها، ها، بلڪل ٺيڪ.“ باخوشي اظهار ڪيو هيئي- جهڙو مون کان اڳ اها صلاح ڪري ويٺا هئا. ڏاڍي سرهائي ڊوڙڻ لڳي هئي- تنهنجي منهن ۾- هن کي جيپ کان- وڌيڪ ته ڪجهه ٻيون شيون درڪار هيون- ۽ انهن لاءِ ته هر هيلو استعمال ڪري پئي سگهيو- ۽ توکي به اهڙا سڀ ڪم- شايد پنهنجي حُسن جي بدلي مفت ۾ وٺڻا هئا. تنهن ڪري پنهنجي اهڙي پريشانيءَ وارو مسئلو حل محسوس ڪندي- تو چيو هو، ”پراڻا هاري ته- هاڻ جهڙا زمين جا اصل وارث ئي پياهجن- جڏهن به زمين تي وڃ ته- لڀن ئي ڪونه- ڪو هجي به کڻي- ته نڪ مان پيو ڳالهائيندو.“ اقرار سان مخاطب ٿيندي- تو اهو سڀ ايئن پئي ڳالهايو- ڄڻ پنهنجي ڪنهن ڪمدار سان مخاطب هئينءَ ۽ خوشي به اهڙيءَ ۾ غرق هئينءَ- جيئن ڪنهن ڪنوار کي- سندس سرتيون، ساهيڙيون سينگارڻ وقت- اهڙي حقيقت کان اڻڄاڻ هجن ته نڪاح کانپوءِ- سندس ڪنوارو گهوٽ سندس انهيءَ ڪنواري سينگار جو ڪهڙو حشر ڇڏائيندو.
زندگيون بدلبيون آهن- ته انهن جي سڃاڻپ لاءِ سندس زبان مان نڪرندڙ لفظ ڪافي هوندا آهن ۽ بي سمجهه ذهنن لاءِ- مون جهڙا اُٻهرا ماڻهو، جيڪي سوچي، سمجهي ڳالهائڻ کانپوءِ به- ڪو بهتر فيصلو ڏئي نه سگهندا آهن- سي پنهنجا سور پاڻ پيدا ڪري وٺندا آهن!
ماڻهو ته دانا ظالم به هوندو آهي- ڪيڏا نه ڪربناڪ قانون جوڙيا اٿس- عورت جي مخصوص ۽حساس جُسي کي چيرڻ لاءِ- ڪيڏيون خوشيون ۽ دعوتون پيو ملهائي!
اهڙي دعوت جنهن ۾ سون کان هزارن تائين دوستن ۽ احبابن کي اشارن ئي اشارن ۾- پنهنجي اصل ڳالهه لڪائي دعوت ۾ چوندو آهي ته- فلاڻي جي نياڻي فلاڻي مرد لاءِ مخصوص ڪئي پئي وڃي- اهڙي سمي توهان جو اچڻ ۽ موجود هجڻ- اسان لاءِ خوشيءَ جي مهل هوندي!
ايئن اهڙيءَ طرح عورت جي بي عزت غلاميءَ لاءِ- عام دعوت جو اهتمام ڪيو ويندو آهي- پر تو ۽ مون اهڙي دعوت لاءِ ته ڪڏهن هڪ ٻئي کان سڌيءَ طرح پڇيو به نه هو! ۽ ارادا هئا به ته- خاموش دلين تائين.
۽ دلين جو نڪاح- دنيا ۾ اڄ تائين ته قبول ئي نه پيو آهي! ماڻهو جيئن پنهنجو موت نٿو وساري- ساڳيءَ طرح شاديءَ جهڙي آسوده خوشي به وساري نه سگهندو آهي. پر شاديءَ کانپوءِ خوشين جي وفات ٿيڻ سان- خود کي هڪ ڀيرو بيوقوف ضرور چيو هوندائين.
وقت هو- غير شادي شده دلين کي- ڪنواريون دليون چئبو هو- پر وقت پنهنجي وهي کاڌي ته- لفظ ڪنوارپ فوت ٿي ويو- پوءِ به انهيءَ وهيءَ کاڌل وقت جا حاڪم پنهنجي خود آزاديءَ کانسواءِ- اسان کي آزاديءَ جو پروانو ڏئي نه سگهيا!
صرف سندن نيتون ڪنواريون ۽ آزاد رهيون! – پوءِ پنهنجي پريم جي گهر ۾ رهي- اگر ڪوئي پريمي- پنهنجي خيال جي پنهنجي آشا جي،
پنهنجي آدرش جي،
پنهنجي سوچ جي،
۽ پنهنجي جان جگر جي خودڪشي ڪري- ته سا خود غارت نه پر وقتي حاڪم جي ضمير جو موت آهي.
مون ڪوشش ڪئي- هر اها ڳالهه ڪريان جيڪا منهنجي سچ ۽ اختيار هجي- پر محبت پنهنجي ضابطي ۽ دستور جي حد- اگر ڪنهن کي پنهنجي مجال ۽ اختيار ۾ ڏني ته انهيءَ جو نالو عشق ۾ نه پر شوق، عيش يا هوس ۾ شمار ٿيو- پر وري اهڙي وقت- جڏهن زمانو لُٽيرو هجي- دل جي بستي اُجاڙي- حُسن کي يرغمال ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف هجي- تڏهن گهٽ ۾ گهٽ مون جهڙو پريم داعي ته- بي اختياريءَ جو شڪار هوندو.
دنيا هزار ستم ڪري- بسم الله. پر محبوب خماريل نيڻ رنج ٿي کڻي ته، نعُوذ باِلله!
ڌڻيءَ جو ڌڻي ڪڏهن به ڪنهن نه ٻُڌو نه ڏٺو- انهيءَ کان وڌيڪ دنيا کي نڌڻڪو- ڇا چئجي؟
دل جو ڌڻي به چون ٿا- بي دل دلبر هوندو آهي- اڪيلي جهان ۾ خدا کان وڌيڪ دلير ڪوئي نه هو- پر جڏهن دل جوڙي ان تي نظر وڌائين- تڏهن بي قراريءَ جو منظر ڏسڻ وٽان هو- سندس محبوب سان ابن آدم عشق ڪيو، ته خدائي لُٽائي ويٺو. وٽانئس ڪجهه وٺڻ جو اهو وقت هو- پر تو ۾ ايمان رکي- سو وقت جو وڙ به ٺڪرائي ويٺس! آدم الله جو رقيب آهي!
جڏهن ڪو دل وارو- محبوب جو اڪيلو چاهيندڙ هجي- اهڙي وقت رقيب پيدا ٿي پوي- تڏهن هي بي اختيار اڪيلو انسان پنهنجي خدا جيان ڪيئن نه عقل، ۽ علم جهڙي ڪُل خزاني سميت خود کي لُٽائي ٿو ويهي.
اقرار ته هاڻ تنهنجن پراڻن هارين کان وڌيڪ تنهنجي زمين جو وارث ٿي پيو هو- روز ٻئي ڏينهن جيپ کڻي زمين تي وڃڻ- ان جي باقائده توکي رپورٽ ڏيڻ ايئن پنهنجي زندگي هو- تنهنجي روزنامچي ۾ ڪيڏي نه سرگرم رکڻ لڳو هو- ڪهڙي شيءِ هئي جنهن کيس محنتي ۽ ڪم وارو ماڻهو بڻائي وڌو هو- مون کانپوءِ اهو پهريون ماڻهو هو- جنهن کي سرنهن جو ساڳ پاڻ سان گڏ کارائڻ شروع ڪيو هيئي- جنهن وقت به اچ ته هاري زمين، ڪمندار ۽ ڪوٽارن جو ذڪر هو.
چانڊوڪين واري چاهت،
ڪَتين سان ڪچهريون،
ساري رات جاڳي، ستارن کي سمهارڻ،
ڪڪرن سان قرب ۽ سندن صورتون- سڀ ڪجهه وسارڻ لڳي هئينءَ.
دنيا جي جاگير دل سان چاهيندي- محبت جي جاگير تنهنجي من تان اوجهل ٿيڻ لڳي هئي.
ها! اسان سڀ شايد هن جاگير ۾ هڪٻئي جي نظرن کان ايئن اوجهل ۽ مخفي ٿي وينداسين!- جيئن صدين کان ٿيندو آيو آهي.
اسان جو خيال باقي شايد آهي- جيڪو روح جي گمنام شڪل ۾- قبرستان جا ڏيک ڏيندو رهندو-
دل جون صدائون- هوائن سان ملي هڪ ٿي وينديون-
آواز! جنهن کي خدا چيو وڃي ٿو- خلا سان محبت ڪرڻ لڳندو، ان کان اڳ،
امن جا تاديب ۽ محبت جا صلاحڪار، چنڊ تي خون جي هولي به شايد کيڏندا!
کلندڙ کيتن ۾، گلن جي خوشبوءِ، بارود جي بانس ۾ بدلجي ويندي!
موت ڪيڏو پريشان هوندو ان وقت- جڏهن خيالن جا روح قبض ڪرڻ لاءِ پنهنجي خالق جو فرمان به نڀائي نه سگهندو- ۽ کيس ٻيو نمبر عزازيل ڪيو ويندو- پوءِ اهو وقت هوندو- موت جي موت جو!
ڪيڏو اڪيلو هوندو ان وقت موت- جنهن مهل موت سان موت شريڪ ٿي موت کي مات ڪندو!
ايئن محبت ۾ انسان به ڪيڏو نه اڪيلو ٿو رهي- چاهيندي به پنهنجي محبت ۾ ڪنهن کي شريڪ ئي نٿو ڪري سگهي!
ها! اڪيلو انسان پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت وارو اسرار به سمجهي نه سگهيو.
افسوس آهي زماني تي- افسوس نٿو کائي- امن جي پانڌيئڙي هن اڪيلي آدم تي- جيڪو امن جو داعي بڻجي رت جي ڇولين ۾ پيو وهنجي! ۽ ڪيتريون ئي بکون سندس ڪڍ لڳل آهن،
زر جي بک،
گهر جي بک،
غربت جي بک،
شهرت جي بک،
محبت جي بک،
غيرت جي بک،
ڪيڏو بکيو آهي، بگهڙن جي راڄ ۾ اڪيلو انسان! ۽ هاڻ ته کيس موت جي بک اچي ورايو آهي.
فطرت جو حُسن ماڻهوءَ جي مغز جو رت چٽڻ لاءِ،
بجليءَ جو ڪرنٽ ماڻهوءَ جو خون پيئڻ، لاءِ
جهازن جا پيٽ بارود سان ڀريل، ماڻهن مٿان اُڇلائڻ لاءِ،
روڊن تي خلق کي اُڏائي- رت جي راند ڏيکارڻ لاءِ-
چمنين جا زهريلا دونهان- انسان جي ڦڦڙن جي خوراڪ بڻجڻ لاءِ،
ماڻهو، ماڻهوءَ لاءِ موت جو سپاهي بڻيل آهي-
هر ماڻهو جي هٿ ۾ موت جو اوزار آهي-
۽ وقتي حڪمرانن جا مغز ته ڪوئن ٽُڪي ڇڏيا! سڀ اقتدار جي وبا جا مريض.
انهيءَ ڪرسيءَ ۾ ته- اقتدار واري ايڊز جا وائرس آهن،- سندن عضون جا جوڙ- دماغ تائين حڪم ڇڏي ويا آهن، - ، اهي ته واري، واري سان هڪٻئي کي گاريون ڏئي، عوامي گارين جا حقدار بڻجي پيا آهن!
سنڌو ديش ۾ته ايئن ئي آهي-
جرنلن جون سانڍيل طوائفون به- سياسي اقتدار جو سونهن سليقو ۽ زينت آهن!
۽ ڪرسين تي ويٺل سڀ صورتون، چرٻٽ! سڀن جا ڪرسين جيئان ٻوٿ سُڄيل!
دليون پلاٽڪ جون- ۽ اکيون امريڪن چٻرن جون لڳل!
مغز ۾ مڇيءَ جي چرٻي ڀريل- ذهن ڪمينا ۽ نٻل!
پنهنجي اقتدار جي طاقت سان- هر ضمير قيدي بڻائڻ، سندن پسند جو مشغلو رهيو آهي!
اقتدار گڏهه جي پُٺي آهي ان بي عقل گڏهه جي پٺيءَ تي ويٺل ايترو آزاد ناهي- جيترو لغام هوندي گڏهه آزاد!- کيس ڪنهن به وقت پنهنجي پُٺيءَ تان اُڇلي- پنهنجي هينگ جو ٽهڪ ڏيندو!
جنهن جا پنهنجي ٻوليءَ ۾ آخري لفظ هوندا- ،
غلام، غلام، غلام، ٿُو غلام.
انسان کي غلاميءَ جي حالت ۾ رکڻ هيستائين ڪيتريون نه ايجادون ٿي چڪيون آهن!
ڇا آزاديءَ تي ڳالهائيندي- غلاميءَ جا قانون نٿا جُڙن؟ ڪيڏو ڪمينو شاعر هئس.
تنهنجي رخسارن جي هوس، هنئين سان سانڍي، هنڍائي غيرت جي بُک ساڻ کڻي، ٻئي نمبر عزازيل جيئان مرڻ پئي چاهيم. خوشنصيب چئبا اهي شاعر- جن کي پنهنجي محبت لاءِ غيرت، ننگ لاءِ قربانيءَ جهڙي شيءِ ۽ ڌرتي لاءِ محبت نصيب ٿي.
غير فاني جي فلسفي ۾، شخصيتن جون يادون به ڪي نراليون رهن ٿيون-
وقت جي اهڙن حاڪمن واري موت تي، ماڻهن سان گڏ، گڏهه به ٿا رُئن!
ڪهڙي خبر ته ڪنهن دل سان رُنو؟ ڪنهن فنڪاري ڪئي؟ ۽ ڪنهن کي، ڪنهن جي لاءِ درد وڌيڪ هو!؟
شايد سياسي ڏک ۾، اکيون پنهنجا لفظ ناهن ڳالهائينديون، پر منهنجو موت شايد اهڙو ئي ٿئي- جنهن تي گڏهه به شايد نه رُئن!
مون به روئي، روئي هيستائين اهو سکيو ته- اگر ڪوئي ڪنهن جي لاءِ روئندو آهي- ته اهو بس رڳو- پنهنجو ئي منهن ڌوئندو آهي! ۽ پوءِ ڪڏهن، ڪڏهن ڪنهن معرفت سان سندس ڌوتل منهن جي سڃاڻپ رهندي آهي.
اهڙيءَ طرح مان به پنهنجي منهن جو ڌوٻي پاڻ رهيس- هر داغ روئي، روئي ڌوتم- پر تنهنجي چميءَ وارا داغ ڌوئڻ لاءِ دل اجازت ئِي نه ڏني!

