تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جديد عالمي سياست

ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4821
  • 2476
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جديد عالمي سياست

پيش لفظ

قديم زماني کان دنيا جو اھو دستور رھيو آھي ته مختلف ملڪن جي رھاڪن جا، رسم رواج ۽ ڪلچر، مذھبي عقيدن ۽ ملڪي مسئلن وغيره جي دائرن ۾ ھڪ ٻين تي اثر پئي پيا آھن. اِھي اثر، پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ، ھيٺين سببن ڪري پاڻ وڌيڪ تيز ۽ گھڻا پوڻ لڳا، ۽ تقريباً ساري دنيا اِنھيءَ عمل جي دائري ۾ اچي ويئي:
(1) ريل گاڏين، ھوائي جھازن، تارن، ريڊين، اخبارن ۽ ڪتابن مفاصلن کي گھٽائي ڇڏيو، ۽ جدا جدا ملڪن جي رسم رواج، مذھبي عقيدن، ڪلچر، ۽ سياسي ۽ اقتصادي نظرين جي باھمي ڏي وٺ لاءِ ترت وسيلن جو ڪم ڏنو.
(2) مغربي ملڪ، جديد علم ۽ سائنسي معلومات، ھنري ترقي ۽ جديد ھٿيارن جي زور تي، گھڻن ايشيائي ۽ آفريڪي ملڪن تي قابض ٿي، اُتي پنھنجا سامراج قائم ڪري چڪا ھئا، ۽ انھن ملڪن کي پنھنجن استحصالي مفادن لاءِ ڪتب آڻي رھيا ھئا، ۽ اُن سلسلي ۾ پنھنجن محڪوم ملڪن ۽ سماجن کي جديد علمن ۽ ڪاريگرين سان روشناس ڪري رھيا ھئا ۽ اُنھن کي پنھنجي پنھنجي ڪلچر جي رنگ ۾ رڱي رھيا ھئا ۽ موٽ ۾ پاڻ به اُنھن جي ڪلچري وجود کان متاثر ٿي رھيا ھئا.
مغربي دنيا جي ھِنن سامراجن جو، اڳتي ھلي، استحصالي موقعن ۽ 'حقن' جي ڳالھين تان پاڻ ۾ تصادم ٿيو، جنھن نيٺ دنيا کي پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ اَڙائي ڇڏيو. ھِن خونخوار لڙائيءَ ۾ ھڪ طرف جرمني، ھئبسرگ ۽ ترڪ شھنشاھتن حصو ورتو، ته ٻئي طرف انگلنڊ، فرانس ۽ روس مکيه ملڪن طور شامل ٿيا، جن سان آخر ۾ آمريڪا به اچي شريڪ ٿيو. پھرينءَ ڌُر کي محوري ملڪ (Axis Countries) ۽ ٻيءَ ڌُر کي اتحادي ملڪ (Allied Countries) جي نالي سان سڏيو ويو.
ايشيا ۽ آفريڪا ۾ اتحادين جي ماتحت گھڻا ملڪ ھئا، تنھنڪري انھن ملڪن جي ماڻھن کي به جنگ ۾ گھليو ويو ۽ اتي جي پيسي ۽ خام مال کي به جنگي مقصدن لاءِ ڪتب آندو ويو. جنگ جي وقت اتحادين طرفان پنھنجن محڪوم ملڪن سان گھڻا وعدا ڪيا ويا، اُنھن تي ظاھر ڪيو ويو ته اُھا جنگ ڪمزور قومن جي آزاديءَ لاءِ لڙي پئي ويئي. اُنھن وعدن ۽ اعلانن جي آڌار تي ماتحت ملڪن به جنگ ۾ پنھنجن حاڪم ملڪن جي مدد ڪرڻ ۾ ڪين گھٽايو.
ھي جنگ 1914ع ۾ شروع ٿي ۽ 1918ع تائين ھلي. ھندوستان جنھن صورت ۾ انگريزن جي ماتحت ھو، اِن ڪري اُن کي به ھن جنگ ۾ گھليو ويو. ھتي جو پيسو جنگ تي خرچ ڪيو ويو. ھتي جا سپاھي يورپ ۾ جنگ لاءِ موڪليا ويا، جن يورپي سپاھين سان گڏجي لڙائيءَ ۾ حصو ورتو، ۽ اُتي جي عادتن، رسمن ۽ رواجن مان واقفيت پرائي. جنگ جي ميدان تي حاڪم ۽ محڪوم ڪَٺا لڙي رھيا ھئا. ان جنگ ۾ لکين ماڻھو مئا ۽ ڦٽيا. اربن جو خرچ ٿيو. آخر ۾ آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ ڪري اتحادين جي فتح ٿي.
انھيءَ وقت آمريڪا جو صدر مسٽر وڊرو ولسن ھو، جو نھايت نيڪ ۽ شريف ماڻھو ھو. ھن جنگ جي تباھ ڪارين کان متاثر ٿي، آئيندي لاءِ مختلف ملڪن جي اختلافي مسئلن کي نبيرڻ لاءِ، آمريڪن ڪانگريس اڳيان 8 جنوري 1918ع تي ھيٺين چوڏھن نقطن جو پروگرام پيش ڪيو:
(1) آئينده حڪومتن جي وچ ۾ عھدناما کليل طرح ڪيا وڃن.
(2) ھر ڪنھن ملڪ کي بين الاقوامي عھدنامن مطابق بند ٿيل ايراضين کان سواءِ، ھر سمنڊ ۾ جھازرانيءَ جو پورو حَق، صلح توڙي جنگ جي حالت ۾، ھئڻ گھرجي.
(3) جتريقدر ٿي سگھي، اقتصادي رڪاوٽون ۽ بندشون ڪڍي ڇڏجن.
(4) سڀ ڪنھن ملڪ جي اندروني انتظام ۽ بچاءَ جو لحاظ رکندي، عام ھٿيار سازيءَ جي چٽاڀيٽيءَ کي گھٽ ڪيو وڃي.
(5) سامراجي ملڪن جي بيٺڪن ۾، مڪاني ماڻھن جي حَقن کي سامھون رکي، سڌارا آندا وڃن.
(6) روس جي نئين حڪومت سوويت يونين جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُتان جي ماڻھن کي سندن قومي ۽ ملڪي معاملات جي فيصل ڪرڻ لاءِ آزاد ڇڏيو وڃي.
(7) بيلجم جي حدن مان لشڪر ڪڍي، اُن کي آزاد ڪيو وڃي.
(8) فرانس جي حدن مان لشڪر ڪڍي، فرانس کي جرمنيءَ جا ٻه علائقا، ايس ۽ لورين، ڏياريا وڃن.
(9) اٽليءَ جي حڪومت کي سندن قومي ايراضي واپس ڏياري وڃي.
(10) آسٽريا ۽ ھنگريءَ جي رھاڪن کي مڪاني خودمختياري ڏياري وڃي.
(11) رومانيا، سربيا، ھنگريءَ جي حدن مان لشڪر ھٽائي، اُتي آزاد حڪومتون قائم ڪيون وڃن.
(12) ترڪن کي سندن اڪثريت وارين ايراضين ۾ قومي حڪومت ڏياري وڃي. سندن ماتحت ٻين قوميتن جي ماڻھن کي خودمختياري ڏيارڻ لاءِ سھوليتون مھيا ڪيون وڃن. دره دانيال کي کُليو رکيو وڃي.
(13) پولينڊ کي آزاد قومي حڪومت ڏياري وڃي.
(14) بين الاقوامي معاملن کي باھمي فيصلن ذريعي نبيرڻ ۽ ننڍين وڏين قومن جي آزادي برقرار رکڻ لاءِ ”دنيا جي قومن جي جماعت“ ٺاھي وڃي.
انھن مقصدن جي پورائيءَ جي سلسلي ۾ صدر ولسن 18 جنوري 1919ع تي يورپ آيو. اتحادين ھن جي اچڻ تي سندس وڏي مرحبا ڪئي. ليڪن پيش ڪيل 14 نقاتي پروگرام مان صرف ليگ آف نيشنس (دنيا جي قومن جي جماعت) قائم ڪرڻ جي تجويز بحال ڪئي ويئي. سندس باقي رِٿون، اِنھيءَ خيال کان ته اُنھن مان اتحادي حڪومتن جي مفادن کي نقصان پھچڻ جو ڊپ ھو، بحال نه ڪيون ويون. اُن تي ھو دلشڪستو ٿي، واپس آمريڪا موٽي ويو.
ان پھرين مھاڀاري لڙائيءَ مان ھيٺيان نتيجا نڪتا:
(1) دنيا جون ڪي وڏيون شھنشاھيتون، مثلاً جرمني، روس ۽ ترڪيءَ واريون، ختم ٿي ويون.
(2) دنيا ۾، مذھبي جنگين کان سواءِ ھي پھريون ڀيرو ھو، جو حڪومتن طرفان جنگ ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ڪن اصولن جي بنياد تي ماڻھن کي اپيل ڪرڻ جو رواج پيو.
(3) روس ۾ ھڪ نئين حڪومت نظرياتي بنيادن تي سوويت يونين جي نالي سان وجود ۾ آئي، جنھن پنھنجي طاقت کي اشتراڪي نظريي جي بنياد تي وڏن پروگرامن جي تڪميل لاءِ مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو.
(4) جنگ پوري ٿيڻ تي ھيٺيان پنج مکيه عھدناما ٿيا، جن جي ڪري شڪست کاڌل ملڪ نقصان ھيٺ آيا، ۽ انھن ۾ ناراضگي پيدا ٿي پيئي، جا اڳتي ھلي ٻيءَ عالمگير جنگ جو باعث بڻي:
1. ورسليز جو عھدنامو.
2. سينٽ جرمين جو عھدنامو.
3. نيولي جو عھدنامو.
4. سيورس جو عھدنامو.
5. ٽرينان جو عھدنامو.
اُھي عھدناما ڪھڙا ھئا، انھن جو ذڪر طوالت جو باعث سمجھي، ھتي نٿو ڏيان (ان جو تفصيلي احوال منھنجي ڪتاب ”پنھنجي ڪھاڻي پنھنجي زباني“ مان ملي سگھندو) پر اُنھن بابت ھِتي ايترو ٻڌائڻ مناسب ٿيندو ته اِھو انھن عھدنامن جو نتيجو ھو، جو فقط 22 سالن جي قليل عرصي کان پوءِ دنيا کي ٻيءَ موتمار عالمگير جنگ جي مصيبت کي منھن ڏيڻو پيو، جنھن جي اثرن کان اڄ تائين دنيا جون قومون پوريءَ طرح آجيون ٿي نه سگھيون آھن.

پھرينءَ ۽ ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ ھيٺين پنجن نظرين جو اثر دنيا تي پيو:
1. پئن- اسلام- ازم،
2. نئشنلزم،
3. ڪميونزم،
4. فاشزم، ۽
5. جمھوريت (ڊيموڪريسي)
مٿي ذڪر ڪيل نظرين جي تشريح ھيٺ ڏجي ٿي.