مائوزي تنگ
ابتدا ۾ ھيءُ سن يات سين جي نيشنلسٽ پارٽيءَ جو ميمبر ھو. پر جڏھن ڏٺائين ته نيشنلسٽ پارٽيءَ جي ساڄي ڌر، ملڪي شاھوڪارن ۽ غير ملڪي سامراجين جي قبضي ۾ ھئڻ سبب، عوام جي حالت بھتر بڻائڻ لاءِ ڪوبه قدم کڻڻ لاءِ تيار نه ھئي، بلڪ قوم پرستيءَ جي نالي ۾ چند شاھوڪارن ۽ ڪامورن جي فائدي لاءِ ملڪي ڪاروبار ھلائي رھي ھئي، تڏھن ھن سوشلزم کي نيشنلزم تي ترجيح ڏيئي، سڌيءَ طرح پورھيت عوام کي سجاڳ ڪرڻ ۽ منظم ڪرڻ جو ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. 1927ع ۾ ھن کي چين جي ھارين جي يونين جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو. 1930ع ڌاري ھيءُ چين جي مزورن ۽ ھارين جي انقلابي ڪميٽيءَ جو چيئرمين مقرر ٿيو.
جڏھن چيانگ ڪائي شيڪ، ڪومنتانگ پارٽيءَ جي کاٻيءَ ڌر خلاف ڪات ڪھاڙا کنيا، ته مائوزي تنگ ڪميونسٽ خيالن جي ڪارڪنن کي پاڻ سان وٺي، ڊگھو سفر ڪري، ڪنھن محفوظ جڳھ تي پير کوڙي بيھڻ لاءِ، حالي دشمن جي نظرن کان ھٽي وڃڻ شروع ڪيو. اُن ڊگھي سفر جو نھايت دلچسپ قصو آھي، جنھنجو مختصر احوال ھڪ انگريز ايڊگر سنو نالي سندس ڪتاب ”ريڊ اسٽار اوور چائنا“ ۾ نھايت پرجوش اسلوب سان بيان ڪيو آھي.
مائوزي تنگ جا ٻه مکيه مددگار ھئا، جي ھر حالت ۾ ساڻس گڏ رھيا ۽ سندس مددگار رھيا: اُنھن مان ھڪ ھو جنرل جيوڊي، ۽ ٻيو ھو مسٽر چو اين لائي.
مائوزي تنگ محنتي، نظرياتي طور نھايت اعليٰ مفڪر ڪارڪن ھو. جپانين جي چين جي گھڻي ڀاڱي تي قابض ٿيڻ تي، ھيءُ ڪجھ وقت چيانگ ڪائي شيڪ سان گڏ جپانين خلاف جنگ آزاديءَ ۾ حصو وٺندو رھيو. ھن کي پتو ھو ته جپانين کان آزاديءَ بعد وري چيانگ ڪائي شيڪ جو گروه ڪميونسٽن کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان ڪري اُنھيءَ لڙائيءَ جي عرصي ۾، جڏھن ٻاھرين سامراجي طاقتن به، سندن پنھنجن مفادن جي خيال کان، چينين کي پيسي ۽ ھٿيارن جي ھر طرح مدد پئي ڪئي، تڏھن ھُن اُن موقعي مان فائدو وٺي پنھنجي ماڻھن کي تربيت ڏيارڻ جي ڪوشش پئي ڪئي، ۽ وس آھر پنھنجي ھم خيال فوجي دستن کي ھٿيارن گڏ ڪرڻ جو وجھ ڏياريو.
مھاڀاري لڙائيءَ جي ختم ٿيڻ بعد جڏھن جپاني ملڪ مان نڪري ويا، ته چيانگ ڪائي شيڪ جي قوم پرست گروھ ۾ ھن جي ڪميونسٽ پارٽيءَ جي وچ ۾ تصادم ٿيو. اُن ۾ گھڻين قربانين ۽ ڪشالن بعد نيٺ ھن جي پارٽيءَ کي ڪاميابي نصيب ٿي ۽ ساري چين تي ڪميونسٽ پارٽيءَ جو قبضو ٿي ويو.