سر ونسٽن چرچل
پنھنجي اسڪول جي ڏينھن ۾ ھو ڪو خاص ھوشيار شاگرد ڪونه ھو. ملٽري اڪيڊمي سئنڊھرسٽ جي داخلا جي امتحان ۾ ٽي دفعا ناپاس ٿيڻ بعد مس مس اُتي داخلا ملي ھيس. اُتان پڙھي نڪرڻ تي، ھن فوج ۾ نوڪري ڪئي.
پھريائين ھو ھندوستان ۾ ليفٽيننٽ مقرر ٿي آيو ۽ حيدرآباد دکن ۾ نوڪري ڪيائين. پوءِ ڪجھ عرصو ھن سرحدي علائقن جي مالاڪنڊ ايجنسي ڇانوڻيءَ ۾ نوڪري ڪئي. اُتان ھو انگلنڊ جي ڪن اخبارن جو نامه نگار ٿي به ڪم ڪندو ھو. صوبي سرحد ۾ تيواھ جي سرحدي جنگ ۾ ھن حصو ورتو ھو.
ھندوستان ۾ نوڪري ڪرڻ بعد، ھيءُ آفريڪا ۾ لارڊ ڪچنز سان، نيل دريا جي سوڊان ۾، مھدي سوڊانيءَ جي حملن وقت شريڪ ڪار رھيو. ان کان پوءِ ھيءُ موٽي وطن ويو، جتي ڪجھ وقت رھي، 1899ع ڌاري، ھيءُ آفريڪا ۾ بوئرس جنگ وقت ”مارننگ پوسٽ“ اخبار جو نامه نگار ٿي ويو. اُتي لڙائيءَ ھلندي، ھي قيد ٿي پيو، پر قيد مان ھمت ڪري، وڏين مشڪلاتن بعد، سلامت وطن پھتو.
1901ع ۾ ھيءُ 27 سالن جي عمر ۾ برٽش پارليامينٽ جو ميمبر چونڊيو. ھيءُ 1901ع کان 1906ع تائين پارليامينٽ ۾ ڪنزرويٽو پارٽيءَ جو ميمبر ٿي رھيو. ان کان پوءِ ' فري ٽريڊ ' جي سوال تان ھيءُ اھا پارٽي ڇڏي، لبرل پارٽيءَ ۾ شامل ٿيو.
1908ع ۾ ھن کي ٽريڊ بورڊ جو پريزيڊنٽ چونڊيو ويو، ۽ 1910ع ۾ کيس ھوم سيڪريٽري ڪري رکيو ويو. ان کان پوءِ 1911ع ۾ کيس فرسٽ لارڊ آف ائڊمرلٽي مقرر ڪيو ويو، جنھن عھدي تي 1915ع تائين کيس قائم رکيو ويو. 1940ع جي پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت، ھن لبرل پارٽيءَ جي جنگي وزارت ۾ ڪم ڪيو.
اُنھيءَ لڙائيءَ ۾ ھن سامونڊي ٻيڙي جي اڳواڻي ڪري، دره دانيال ۾ ترڪن تي حملو ڪري، اھو قلعو وٺڻ چاھيو، جنھن ۾ مصطفيٰ ڪمال ھن کي شڪست ڏني. ان تي ھن کي وزارت تان استعيفا ڏيڻي پيئي. وري مسٽر لائڊ جارج، انگلنڊ جي وزير اعظم، کيس 1917ع ۾ ٻيو ڀيرو جنگي رسد جو وزير ڪري رکيو. اُن کان پوءِ به ھو ڪيترن عھدن تي فائز رھندو آيو. 1924ع ۾ ھو ٻيھر ڪنزرويٽو پارٽيءَ ۾ داخل ٿيو، ۽ اُن جي حڪومت ۾ چانسلر آف ايڪسچيڪر مقرر ڪيو ويو.
ھن ھندوستان جي آزاديءَ جي سوال تان مسٽر بالڊون جي انڊيا بِل جي سخت مخالفت ڪئي.
ھيءُ جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي وڌندڙ طاقت خلاف وقت به وقت پارليامينٽ ۾ انگريزن کي آگاھ ڪندو رھيو. پر ان وقت ھن کي ڪنھن به نه ٻڌو. مسٽر چيمبرلين حتيٰ المڪان ڪوشش ڪئي ته جنگ ٽري وڃي ۽ ھٽلر راضي ٿئي، پر ان ۾ ھو ناڪامياب ٿيو. نيٺ سيپٽمبر 1939ع ۾ جڏھن انگريزن کي مجبور ٿي، جرمنيءَ خلاف جنگ جو اعلان ڪرڻو پيو، تڏھن چرچل کي ملڪ جي گڏيل جنگي وزارت ۾ کنيو ويو. 10 مئي 1940ع تي چيمبرلين جي استعيفيٰ ڏيڻ تي ھو انگلنڊ جي وزير اعظم جي عھدي تي فائز ٿيو.
سڄي ٻي مھاڀاري لڙائيءَ جي عرصي ۾، حڪومت جي واڳ ھن جي ھٿ ۾ رھي. اِھو ھن جي ھمت، سحر بيانيءَ ۽ لاڳيتيءَ اڻٿڪ محنت ۽ ڪوشش جو نتيجو ھو، جو سخت مشڪلاتن جي وقت به انگريزن ھيڻي ڪانه ٻولي ۽ ھو جوان مڙديءَ سان لڙندا رھيا. آخر جنگ، آمريڪا جي شموليت سبب، اتحادين جي فائدي ۾ فيصل ٿي.
ونسٽن چرچل، جنھن کي پوءِ سندس بي مثل جنگي خدمتن جي صلي ۾ لارڊ جو خطاب مليو، ھڪ بھترين لکندڙ ۽ تقرير ڪندڙ ھو. ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا آھن. واندڪائيءَ جي وقت ھو جاين جون سِرون وجھي، عمارت سازي به ڪندو ھو، تصويرون به ڪڍندو ھو. جنگ کان پوءِ جلد ئي انگريزن جون نيون چونڊون ٿيون، جنھن ۾ ليبر پارٽي ڪامياب ٿي ۽ ھن جي جاءِ تي مسٽر ڪليمٽ ائٽلي وزير اعظم مقرر ٿيو.
اُن کان پوءِ، ھڪ ڀيرو وري ڪنزرويٽو پارٽيءَ جي چونڊن ۾ ڪاميابيءَ بعد، ھيءُ انگلنڊ جو وزير اعظم ٿيو. ھن 1964ع ۾ نوي (90) ورھين جي عمر ۾ وفات ڪئي.