7. اسپين
اسپين يورپ جي سڀني ملڪن کان پٺتي پيل ھو. ان ۾ زمين تي قبضو وڏن زميندارن ۽ مذھبي مھندارن جو ھو. تعليم تمام گھٽ ھئي. ان ۾ 45 سيڪڙو ماڻھو اڻ پڙھيل ھئا، جو سيڪڙو يورپي ملڪن جي مقابلي ۾ نھايت گھڻو ھو. منجھس بي زمين ھاري گھڻا ھئا. سندن حڪمران طبقو ظالم، غير جوابدار، مغرور، جاھل، ھوا جي رخ تي ڦرندڙ گھرندڙ، بي اصولو ۽ اڻ لائق ھو. سندن حال ھوبھو سنڌي وڏيرن جھڙو ھو.
اُن وقت اسپين جو بادشاھ ”الفانسو تيرھون“ ھو، جنھن جي اختيار ۽ اقتدار جو سڄو مدار زميندارن، پادرين ۽ لشڪر تي ھوندو ھو. ملڪ جي زمين 50 سيڪڙي کان به مٿي صرف ھڪ سيڪڙو ماڻھن جي ھٿ ۾ ھئي، جيتوڻيڪ ملڪ جو 72 سيڪڙو ماڻھو زراعت تي گذر ڪندڙ ھئا. 40 سيڪڙو ماڻھو اھڙا ھئا، جن کي ايڪڙ زمين به ڪونه ھو. باقي ماڻھن کي به تمام ٿوري زمين ھئي. رڳو ھڪ ' ڊيوڪ آف البا ' جي ھٿ ۾ سموري بيلجم جي ملڪ جي ايراضيءَ جيتري زمين ھئي. زميندار اڪثر ڪري زمين جي پيدائش مان عيش عشرت ۽ سير شڪار تي خرچ ڪندا ھئا. اُنھن مان گھڻا زمين تي رھڻ جي عيوض سڄو وقت وڏن شھرن ۾ گذاريندا ھئا.
اسپين جو لشڪر تي تمام گھڻو خرچ ھو. سندن لشڪر ۾ 700 جنرل ۽ 21 ھزار آفيسر ھئا. ھر ڇھن سولجرن پٺيان ھڪ آفيسر ھونِ!
ملڪ ۾ 40 ھزار پادري ھئا، جن سڀني کي پگھار حڪومت کان ملندا ھئا، جي سياست ۾ زميندارن ۽ ڪامورن سان گڏجي حصو وٺندا ھئا. مذھبي ادارن جي ھٿ ۾ زمين کان علاوه کاڻيون، ھنري ڪارخانا، سامونڊي جھاز، ٽرامون، اليڪٽرسٽي، بسون وغيره ھونديون ھيون.
اھي پادري، مذھبي ڳالھين کان سواءِ، ملڪ جي زمينداري ۽ ٻين پيشن ۾ دلچسپي وٺندا ھئا. ملڪ جو سمورو تعليمي سرشتو سندن قبضي ۾ ھو. مذھب کي انھن ملڪي سياست جو رانديڪو بڻائي ڇڏيو ھو.
اسپين ۾ 1931ع جي چونڊن بعد بادشاھي ختم ٿي، ۽ ريپبليڪن پارٽيءَ جي ھٿ ۾ حڪومت آئي. اُھا پارٽي وچين طبقي جي ماڻھن تي، جن ۾ ننڍا ڪامورا، پروفيسر، اديب وغيره ھئا، مشتمل ھئي. انھيءَ پارٽيءَ جي ليڊرشپ مئنوئل ازانا نالي جمھوريت پسند اڳواڻ جي ھٿ ۾ ھئي، جو ريپبليڪن پارٽيءَ جي حڪومت جو وزير اعظم ٿي ڪم ڪرڻ لڳو. اُنھيءَ پارٽيءَ ملڪ جو آئين ٺاھيو، جنھن ۾ ھنن مذھبي ماڻھن جي حڪومت مان دست اندازي ڪڍي ڇڏي، سياست ۽ مذھب کي جدا ڪيو، حڪومت کي رعيتي راڄ بڻايو، تعليم زوريءَ ۽ مفت ڪئي، زالن کي ووٽ جو حق ڏنو، خاندانن جا لقب رد ڪيا، ڪارخانن جي مزدورن کي وڌيڪ حق ڏياريا.
پر ھيءُ آئين پوريءَ طرح عمل ۾ اچي ڪين سگھيو. ھن پارٽيءَ جي ڪارڪنن نظرياتي ڳالھين تي وڌيڪ ۽ عملي ڳالھين ڏي گھٽ ڌيان ڏنو. کين خبر ھئي ته سندن دشمن زميندار، پادري ۽ ملٽريءَ وارا نھايت خطرناڪ ھئا، پر سواءِ قانون ٺاھڻ جي انھن جي طاقت گھٽائڻ لاءِ عملي طرح ڪوبه قدم نه کنيائون.
انھيءَ آئين پاس ٿيڻ تي جنرل سنجورجا نالي ھڪڙي فسطائي خيالن جي فوجي جنرل حڪومت خلاف بغاوت ڪئي، پر ھو اڀري ڪونه سگھيو، ۽ ناڪام ٿيو. ريپبليڪن پارٽيءَ پوءِ ديولين جي ملڪيت کي قومي ملڪيت بڻائڻ جو ٺھراءُ پاس ڪيو. پر ملڪيت جو قبضو اُھوئي ديولين جي حوالي رھيو ۽ عملي طرح اُھو اُنھن کان ڇڏائي نه سگھيا. ملٽريءَ جي طاقت گھٽائڻ لاءِ ھنن ڏھاڪو ھزار آفيسرن کي پوري پگھار جي پينشن ڏيئي فوج مان بيدخل ڪري ڇڏيو. پر ريپبليڪن پارٽيءَ جي اُھا وزارت گھڻو وقت قائم رھي نه سگھي. اڍائن سالن کان پوءِ ھِنن جي وزارت ڪري پيئي، ۽ اُن جي جاءِ تي ساڄيءَ ڌر جي قبضي واري گڏيل وزارت ( ”پاپيولر فرنٽ“ جي نالي ۾) طاقت ۾ آئي. ھِن وزارت، اڳـئينءَ وزارت جي ڪم کي رد ڪرڻ شروع ڪيو.
اُن تي آڪٽوبر 1934ع ۾، سوشلسٽ گروھ ان جي مخالفت ڪئي، جنھن کي طاقت ۾ آيل حڪومت زبردستيءَ سان دٻائي ڇڏيو. اُن جي نتيجي ۾ 1935ع ڌاري 30 ھزار کن ريپبليڪن ۽ سوشلسٽ جيلن ۾ وڌا ويا. ساڄي ڌر 1936ع جي اول تائين طاقت ۾ رھي.
فيبروري 1936ع جي نين چونڊن ۾ وري ريپبليڪن پارٽي ٿوريءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿي، جنھن جو وزير اعظم ساڳيو مئنوئل اِزانا ٿيو. ان وري به 1931ع واري تجويز ڪيل پروگرام کي عمل ۾ آڻڻ گھريو ٿي، جنھن تي ساڄيءَ ڌُر جي زميندارن، شاھوڪارن، ڪامورن ۽ فوج حڪومت خلاف کليل بغاوت ڪئي.
اُنھن جنرل فرئنڪو کي، جو اسپين جي بيٺڪي ڪنيري ٻيٽن جو گورنر ھو، جرمن ھوائي جھاز ۾ گھرائي، موئرن (موراڪو جي رھاڪو مسلمانن) جي لشڪر جي مدد سان، اسپين ۾ آندو. ان بعد ملڪ ۾ خانه جنگي شروع ٿي ويئي. ان جنگ کي ڪميونسٽ ۽ فاشزم جي جنگ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو. آخر ۾ اڌ اسپين تباھ ڪري، جنرل فرئنڪو حڪومت تي قابض ٿيو.
ھيٺ اُن جنرل فرئنڪو جي شخصي زندگيءَ جو مختصر احوال ڏجي ٿو: