5- سوويت يونين (روس):
21 جنوري 1924ع تي سوويت يونين جي بانيءَ ۽ ڪميونزم کي عملي صورت ڏيارڻ واري اعليٰ ليڊر لينن وفات ڪئي.
ڪميونزم، معاشري جي نئين طور تعمير ڪرڻ لاءِ، اقتصادي بنيادن تي بيٺل ھڪ نظريو آھي، جنھن جي پوئلڳن کي اھو يقين ويٺل آھي ته ھن وقت بني نوع انسان جي جملي معاشرن جي مشڪلاتن ۽ مصيبتن جي نجات اُنھيءَ جي پوئلڳيءَ مان ٿيڻ واري آھي.
ڪميونزم جي پوئلڳن جي دعوا ۽ عالمگير مذھبن- ھندو ڌرم، ٻڌ ڌرم، مسيحيت ۽ اسلام- جي پيروئن جي دعويٰ آخر ۾ ساڳي وڃي بيھي ٿي. منجھن تفاوت ھيءُ آھي ته مذھب جا مھندار روحانيت کي ترجيح ڏيئي، فوق العقل طاقت کي ڏنل ھدايتن کي رھبر راھ بڻائي، نجات انساني حاصل ڪرڻ گھرن ٿا، ۽ ڪميونزم جي نظريي ۾ ويساھ رکندڙ، ھر ڳالھ جو بنياد مادي حقيقتن تي رکي، عقل جي ذريعي، معاملي فھمي ڪرڻ گھرن ٿا. ٻنھي جو رجحان فردن کي جماعت جي تابع بڻائڻ طرف رھي ٿو. ٻنھي ۾، شخصي طور آزاد رھبرن جي راين کي سَند ڪري ورتو وڃي ٿو. مسلمان عالم، قال الله ۽ قال رسول جي سَند ڏيئي شخصي اجتھاد تي رڪاوٽ وجھن ٿا، ته ڪميونسٽ ڪارل مارڪس ۽ لينن جي راءِ کي سَند ڪري ڪتب آڻين ٿا.
لينن کان پوءِ سوويت يونين ۾ ٻه گروھ ٿيا: ھڪ ٽراٽسڪيءَ جو ۽ ٻيو گروھ اسٽالن جو.
پھريون گروھ ڪميونزم کي ھڪ ئي وقت سڄيءَ دنيا ۾ رائج ڪرڻ جو حامي ھو.
ٻئي گروھ پھريائين اُن جو رشيا ۾ تجربو ڪرڻ ممڪن ۽ فائديمند ٿي سمجھيو. ٽن سالن جي لفظي ڏي وٺ ۽ فڪري تصادم کان پوءِ، ڊسمبر 1927ع ۾، اسٽالن سڄي حڪومتي نظام تي مڪمل قبضو ڪري ورتو، ۽ ٽراٽسڪي ملڪ ڇڏي، آمريڪا ۾ وڃي رھيو.
1934ع ۾، اسٽالن سوويت يونين کي ليگ آف نيشنس جو ميمبر ڪيو. 1935ع ۾ ھن فرانس سان عھدنامو ڪيو. ھن تعمير ۽ ترقيءَ جي پنجساله پروگرامن ذريعي سوويت يونين کي اقتصادي طور ۽ صنعتي ميدان ۾ ھڪ طاقتور ۽ شاندار ملڪ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ اُن ۾ ھن کي ڪافي سختيءَ ۽ تشدد جي ڪارواين کان ڪم وٺڻو پيو. بھر صورت ھن ملڪ کي طاقتور بڻائڻ ۾ ڪابه ڪوتاھي ڪانه ڪئي. ھن جي دور ۾ خود سرمائيدار ملڪن به، سوويت يونين سان سفارتي تعلقات قائم ڪري، اُن کي مدد ڏيڻ شروع ڪئي.
ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت جرمن جھڙي زبردست ملٽري طاقت جو مقابلو ڪرڻ معمولي ڳالھ نه ھئي. اُن مقابلي ۾ ڪاميابيءَ جو سھرو اسٽالن جي سِر تي سونھي ٿو. ان ڪري ان جي زندگيءَ جو مختصر احوال پيش ڪرڻ ضروري ٿو ڄاڻان.