4. فاشزم (فسطائيت)
اُنھن ھيگل ۽ نطشي جي سياسي فلسفن مان سبق وٺي، اُنھيءَ نظريي جو بنياد وڌو ھو.
دنيا ۾ قديم وقت کان مختلف صورتن ۾ اُنھيءَ نظريي جا پوئلڳ پئي رھيا ھئا. پر جھڙي طرح ڪميونزم پنھنجي آخري شڪل ڪارل مارڪس جي تعليم ۽ لينن جي عملي ڪارگذاريءَ ذريعي ورتي، تنھن وانگر ھن فسطائي نظريي به پنھنجي آخري صورت عملي طرح ھٽلر ۽ مسولنيءَ جي ھٿان ۽ اُنھن جي دور ۾ ورتي.
انھيءَ نظريي جا بنيادي اصول ھيٺيان ھئا:
(1) بقاي اصلح (”سروائيول آف فٽيسٽ“) جي قانون مطابق، ھر ڪمزور ۽ ناصالح جانور ۽ ماڻھو مضبوط، صالح ۽ صحت مند جانور ۽ ماڻھوءَ جي مقابلي ۾ ناڪام ٿي، ختم ٿيو وڃي. اھو قانون قومن سان به لاڳو آھي. مضبوط ۽ لائق قومون ترقي ڪري، ملڪن جون مالڪ بڻجن ٿيون. ڪمزور ۽ نالائق قومون، ھيٺ ڪِري، فنا ٿيو وڃن يا غلام بڻجيو وڃن.
(2) اُنھيءَ اصول کي مدنظر رکي، ھٽلر آريا قوم کي صحتمند ۽ صالح ڄاڻي، دنيا جي رھبري ۽ حڪومت جي لائق ٿي سمجھيو.
(3) حڪومت جي ڪاروبار ھلائڻ لاءِ صالح ۽ لائق گروھ کي اھل سمجھيو ٿي ويو. جمھوريت جي اصول کي فقط نااھل ماڻھن جي برتري قبول ڪرڻ جي برابر سمجھي، رد ڪيو ٿي ويو.
(4) انھيءَ اصول مطابق اُھي صالح قومون ٻين نااھل قومن مٿان حڪومت ھلائڻ جون حقدار ھيون.
(5) اُنھيءَ نظريي وارين حڪومتن سموري قومي وسائل کي مرڪزي طرح منظم ڪري، اُنھن کي مخصوص طبقي جي مفاد لاءِ ڪتب آندو. شخصي ملڪيت کي قائم رکيائون ٿي.
ٻين مغربي قومن، جن جمھوريت جي اصول کي مڃيو ٿي، تن به ساڳيءَ طرح طبقاتي مفاد جي حمايت، پنھنجي سامراج قائم رکڻ سان، حڪومت جي پاليسيءَ طور مقرر ڪئي ھئي. تفاوت ٻنھي گروھن ۾ صرف ھي ھو ته جمھوريت جي نالي وٺندڙ ماڻھن سامراج جو قيام پٺتي پيل قومن جي سڌاري، تربيت ۽ حفاظت جي نالي ۾ عارضي طور رکڻ ٿي گھريو؛ پر فسطائي گروھ پٺتي پيل قومن کي ھميشه لاءِ نااھل سمجھي، انھن کي دائمي طور غلام رکڻ جو ارادو ٿي رکيو.
جمھوريت ھلائڻ جا طريقا پھرئين گروھ به اھڙا رکيا ھئا، جو طاقت ھميشہ مخصوص طبقي جي ھٿ ۾ رھڻ واري ھئي، ليڪن ٻئي گروھ مرڳو اختلاف راءِ کي بيڪار سمجھي، پنھنجي مخصوص اقليتي طبقي جي اقتدار کي محفوظ رکڻ لاءِ ھڪ پارٽي راڄ قائم ڪرڻ ٿي گھريو. ھي ٻيو گروھ جارحانه نئشنلزم جو حامي ھو.
(6) ھنن پنھنجي برتري ۽ مخالفن جي ابتري يعني نسل جي بنياد تي قائم ٿي رکي، ۽ پاڻ کان گھٽ نسل ڏانھن نفرت سندن سياسي پاليسيءَ جو مکيه اصول ھو.
(7) انھيءَ نظريي کي عمل ۾ آڻڻ ۽ پنھنجي حڪومت ۽ برتري ڪمزور قومن تي مسلط ڪرڻ لاءِ، ھنن تشدد جو استعمال لازمي ٿي سمجھيو.
(8) ڀر وارن ملڪن ۽ ننڍين قومن تي قبضو ڪرڻ سندن پروگرام جو مکيه جزو ھو.
ھيءُ نظريو ھندوستان جي سياسي صورتحال ۾ گھڻين بدعتن جي پيدا ٿيڻ جو باعث بڻيو. برِ صغير جي مسلمانن جون ھيٺيون چار جماعتون يا سياسي تحريڪون انھيءَ نظريي جون مرھون منت سڏي سگھجن ٿيون:
1- ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال جي اسلامي تشريح، ۽ مسلم ليگ جي پاليسي.
2- علامه مشرقيءَ جي خاڪسار تحريڪ.
3- علامه مودوديءَ جي جماعت اسلامي، ۽
4- ذوالفقار علي ڀٽي جي پيپلس پارٽي.
ھندن مان به ڪن جماعتن جھڙوڪ جن سنگھ، راشٽريه سيوڪ سنگھ ۽ ٻين جماعتن اُنھيءَ ساڳئي فسطائي نظريي مان سبق ورتو ھو. پر جنھن صورت ۾ اھي جماعتون ھن وقت پاڪستان کان ٻاھر آھن، ۽ ھتي انھن جو واسطو نه رھيو آھي، ان ڪري، ھيٺ، مثال طور، آءٌ رڳو مٿين چئن تحريڪن جي فاشزم سان مشابھت ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندس.
[b]1- علامه شيخ محمد اقبال جي اسلامي تشريح، ۽ مسلم ليگ جي پاليسي.[/b]
(الف) ڊاڪٽر صاحب، مسلمانن لاءِ، اعتقاد ۽ عمل جي بنياد تي، چونڊيل ۽ اعليٰ قوم ھئڻ جي دعويٰ ٿي ڪئي.
(ب) مسلم قوم دنيا جي قومن جي آڏو بھادريءَ جي مثال پيش ڪرڻ ۽ سندن رھبري ڪرڻ لاءِ آئي ھئي.
(ج) جھاد (تشدد) کي زندگيءَ جي ڪاروبار ۾ وڏو حصو ۽ اھم درجو حاصل ھو.
(د) سندس نزديڪ جمھوريت ھڪ فرسوده نظريو ھو.
(ھ) مسلم ليگ ھِنن ڳالھين مان سبق وٺي، پاڻ کي واحد نمائنده جماعت ٿي سڏيو، ۽ ھڪ ليڊر، ھڪ جھنڊي ۽ جداگانه ۽ برتر قوميت جو فسطائي نعرو ھنيو ٿي، ۽ ”يقين محڪم، اتحاد ڪامل ۽ تنظيم“ کي پنھنجي مقصدن جي حاصلات جا وسيلا شمار ٿي ڪيو.
ھندن لاءِ نفرت، انھن ڏانھن مَسھپ جو رويو، دھشت گردي ۽ جارحانه ذھنيت- سڀ اُنھيءَ فسطائي نظريي جا مظھر ھئا. نازين (ھٽلري جماعت) ۽ ھِنن ۾ تفاوت صرف ھيءُ آھي ته ھُنن جرمن قوم کي نسل ۽ لياقت جي بنياد تي چونڊيل قوم ٿي سمجھيو- جيتوڻيڪ جرمن قوم نه ٺيٺ آريا نسل ھئي ۽ نه لياقت ۾ ٻين کان اعليٰ ھئي- ۽ اھي نعرا صرف عوام کي اُڀارڻ ۽ گمراھ ڪرڻ لاءِ ھنيا ٿي ويا: ۽ ھيڏانھن ڊاڪٽر صاحب وري مسلمانن لاءِ مذھب جي بنياد تي چونڊيل قوم جي دعويٰ ٿي ڪئي. جيتوڻيڪ غور سان ڏسڻ بعد معلوم ٿيو ٿي ته سڀيئي مسلمان نه اعتقاد ۾ ھڪ ھئا ۽ نه عمل ۾ يڪسان ھئا- ۽ اُھو نعرو فقط عام ماڻھن کي مذھب جي نالي ۾ برغلائڻ لاءِ ھنيو ٿي ويو.
جرمنن يھودين جي نفرت ۽ خوف کان پاڻ کي منظم ڪرڻ گھريو ٿي، ۽ مسلم ليگين ھندوستاني مسلمانن کي ھندن جي خوف ۽ نفرت جي بنياد تي متحد ٿي ڪيو.
جرمنيءَ ۾ ٻي پارٽي ممنوع ھئي، ھِتي ٻي ڪا مسلمانن جي پارٽي ھر طرح قبول نه ٿي سمجھي ويئي. ھُتي ھٽلر ليڊر ھو، ھِتي جناح کي ننڍڙو ھٽلر بڻايو ويو ٿي. جرمن وارن جو قومي نشان آرين جو سواستيڪا ھو، جو آرين جو سامراجي نشان ھو، ۽ مسلم ليگ جو نشان چنڊ ۽ تارو ھو، جو بازنطينن ۽ پوءِ ترڪن جي جارحيت ۽ ملڪگيريءَ جو نشان ھو.
جرمنن سرزمين جرمنيءَ کي مقدس بڻائڻ ٿي گھريو، جنھنڪري جيروسلم ۽ روم جي مذھبي تقديس ثانوي حيثيت وٺي ٿي ويئي: مسلم ليگ وري پاڪستان کي پاڪ بڻائي، اسلام جي مقدس ملڪن جي حيثيت کي گھٽايو ٿي.
[b]2- خاڪسار تحريڪ (علامه مشرقيءَ جي) :[/b]
ھن تحريڪ جو بنياد ھيٺين مکيه ڳالھين تي ھو:
(1) ھو بقاي اصلح جي اصول مطابق، جاندار شين کي ٻن گروھن، ھڪ صالح ۽ ٻيو غير صالح، ۾ ورھائڻ جا قائل ھئا.
(2) جھاد (تشدد) کي ھنن مذھب جو بنيادي اصول ٿي سمجھيو.
(3) جمھوريت کي غلط سمجھي، ھنن، ڪن اصولن جي بنياد تي ھڪ ليڊر جي ماتحت ملٽري ڊسيپلين وسيلي، ماڻھن کي غلبئه اسلام واسطي منظم ڪرڻ گھريو ٿي.
اقبالي مسلم ليگ ۽ مشرقي خاڪسار تحريڪ جي وچ ۾ بنيادي اصول ساڳيا ئي فسطائي ھئا، ليڪن منجھن تفاوت ھيٺئين قسم جا ھئا:
(1) ڊاڪٽر اقبال جي نظر ۾ خُتني ٿيل، مسلماني نالي رکيل، مسلماني فرد سڏائيندڙ سڀ ماڻھو جداگانه مسلم قوم ھئا، جي لائق ۽ صالح ھئڻ ڪري دنيا جي رھبري ڪرڻ جا حقدار ھئا. ھن، شاعريءَ جي جذبي ھيٺ اچي، پنھنجي ئي بيان ڪيل اعتقاد ۽ عمل جي يڪسانيءَ جي اصول کي وساري ٿي ڇڏيو.
(2) علامه مشرقي پيغام اسلام کي ڪنھن حلقي، قبيلي ۽ قوم سان وابسته ڪرڻُ روح اسلام جي خلاف سمجھي، ھر صحيح الاعتقاد، صالح عمل، خادم خلق، حسن اخلاق رکندڙ ماڻھوءَ کي مسلمان ٿي سمجھيو، ۽ تنھن ڪري سندس جماعت ظاھري طرح غير مسلمانن لاءِ به کليل ھئي. ليڪن جڏھن غلبي اسلام لاءِ سندس خيال ۽ ارادي تي نظر ٿي ڪئي ويئي، ته عملي طرح نتيجو فقط سندس پنھنجي خيال کي مڃيندڙ گروھ جي برتري وڃي ٿي بيٺي.
(3) علامه اقبال جي پوئلڳ ليگين ظاھري طرح جمھوري طريقي تي سياسي جماعت بڻائي، ڪم ٿي ڪيو، ليڪن عملي دنيا ۾ ھنن به ھڪ جماعت، ھڪ ليڊر، ھڪ جھنڊي ۽ ھڪ نصب العين جي حاڪميت جا نعرا ھڻي، جمھوري اصولن جي مخالفت پئي ڪئي.
(4) علامه مشرقيءَ صاف طور تي جمھوري راءِ جي عيوض ھڪ ۽ فقط ھڪ ليڊر جي حڪم جي تعميل جو پرچار ٿي ڪيو. انھن جا طريقي ڪار علحده ھئا، ليڪن سندن خيال، ارادا ۽ مقصد ساڳيا ھئا. علامه اقبال جي نظريي موجب مسلمانن جي قوم مڪمل ٿي چڪي ھئي، جنھن جو وقتي طور مثالي ليڊر جناح ھو، ۽ علامه مشرقيءَ اُنھن کي، پنھنجي ليڊريءَ ھيٺ، مڪمل ڪرڻ گھريو ٿي.
[b]3- علامه مودوديءَ جي جماعت اسلامي:[/b]
مودودي صاحب جي اسلامي تشريح جا مکيه جُزا ھيٺيان ھئا:
(1) مذھب اسلام آخري دين ۽ مڪمل قانونِ حيات ھو.
(2) انھيءَ جا سچا مڃيندڙ اھي ھئا، جن قرآن ۽ سنت جي مطابق ڪئي ٿي.
(3) اسلام جي تبليغ، تعليم ۽ حڪومت لاءِ صالحن جي گروھ مان ھڪ امير جي ضرورت ھئي.
(4) مذھب ۽ سياست کي گڏي ھلائڻ ئي صحيح ھو ۽ ضروري ھو.
(5) حڪومت کي قرآن ۽ سنت جي احڪامن پٽاندر ھلڻو ھو.
(6) حڪومت لاءِ آئين ٺاھڻ، ۽ اُن جي تشريح ڪرڻ جو حق صرف اُنھن صالحن وٽ ھو، جن کي ھو پاڻ صالح سمجھي.
(7) صالح ماڻھو صرف اُنھيءَ مذھبي تعليم جا ماھر ئي ٿي سگھيا ٿي، جيڪا مولانا مودوديءَ پاڻ مرتب ڪئي ھئي ۽ ڏيڻ گھري ٿي.
(8) مختلف مسلمان ملڪن جي ماڻھن کي گڏجي، پئن اسلامزم جي بنياد تي، اسلام جي عالمي غلبي لاءِ ڪوشش ڪرڻي ھئي.
(9) تقويٰ، خدمتِ خلق، صحيح اسلامي تعليم جي تبليغ وغيره سڀ انھن مقصدن جي حاصل ڪرڻ جا ذريعا ھئا.
جيڪڏھن غور سان ڏسبو ته ھيءَ تحريڪ به ڦري گھري فسطائي نظريي جي ئي تحريڪ جو ھڪ روپ نظر ايندي- ماڻھن جي صالح ۽ غير صالح گروھن ۾ تقسيم، اطاعت امير، ھڪ ئي بھترين مذھب جو عقيدو، ۽ اُن جي غلبي لاءِ ھڪ جماعت، اُن مذھب جي تشريح جي اختياري صرف اُن جماعت ۽ اُن جي ليڊر وٽ محفوظ: ھي سڀ اُھي ساڳيا ئي فسطائي نظريي جا خيال ۽ اصول ھئا، جيڪي مٿن ٻن ھم مشرب شخصن ۽ جماعتن جي سلسلي ۾ بيان ڪيا ويا ھئا.
[b]4- ذوالفقار علي ڀٽي جي ”پيپلس پارٽي“[/b]
ھي جماعت پاڪستان جي قيام کان پوءِ تازو وجود ۾ آئي آھي. ان جو باني ۽ ليڊر مسٽر ذوالفقار علي خان ڀٽو آھي. ھِن جماعت سان جيتوڻيڪ جمھوري، سوشلسٽ ۽ اسلامي اصول لڳايا وڃن ٿا، پر جي چتائي ڏسبو، ته اُھا جماعت به حقيقي طور تي فسطائي نظريي جي بنياد تي بيٺل نظر ايندي.
(1) ان جو ليڊر ڀٽو صاحب تا حيات ليڊر آھي ۽ نا قابلِ تبديل آھي.
(2) ان کي جيتوڻيڪ جمھوري ۽ عوامي جماعت جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو، ليڪن ان جي پروگرام ۾ جمھوريت جي ھيٺين اصولن جو پورو انحراف ڪيو وڃي ٿو:
(الف) اُن ۾ قومن جي حق خود اراديءَ کي رد ڪري، ھڪ غير واضح نظريي پاڪستان مطابق، سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پختون قومن جي وجود کان انڪار ڪيو وڃي ٿو.
(ب) ان ۾ تحرير، تقرير ۽ جماعت سازيءَ ۽ جماعتي عمل جي آزادي نه آھي.
(ت) ان ۾ ھر مخالف خيال ماڻھوءَ کي دھشت ناڪيءَ ۽ تشدد وسيلي دٻايو، ھيسايو ۽ خاموش بڻايو وڃي ٿو.
(ث) اُن ۾ ھڪ زبان ۽ ھڪ ڪلچر جو نعرو ھنيو وڃي ٿو.
(ج) ان ۾ اسلام جي علمبرداريءَ ۽ اُن جي قانون جي تعميل جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ اسلام جي سندن پنھنجي مخصوص تشريح آھي، يعني مغربي دنيا جي فلسفي ۽ فڪر جي تتبع ۽ مطابقت واري تشريح، جنھن کي ھو جديد ۽ معقول اسلام سڏڻ جي دعويٰ ڪن ٿا.
(د) اُن ۾ سوشلزم جي علمبرداريءَ ۽ اُن جي قانونن جي تعميل جي دعويداري ڪئي وڃي ٿي. جيتوڻيڪ سوشلزم جِي به سندن پنھنجي مخصوص تشريح آھي، جنھن کي ھو اسلامي سوشلزم سڏين ٿا، ۽ اُن ۾ مخصوص ۽ محدود پيداوار، تقسيم ۽ مٽاسٽا جي ذريعن کي قوميائڻ جو عمل ھو پنھنجي پاڻ وٽ، يعني خود استحصالي ۽ حڪمران طبقي جي پنھنجي ضابطي ۽ پنھنجي ھٿن ۾، محفوظ رکڻ گھرن ٿا. (اُن جا پارٽي عھديدار ۽ اسيمبلين جا ميمبر ۽ حڪومتي اقتدار تي قابض ۽ اختيار جا صاحب، سنڌ ۾ توڙي سنڌ کان ٻاھر، گھٽ ۾ گھٽ 95 سيڪڙو زميندار ۽ شاھوڪار طبقي جا ھئا)