تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جديد عالمي سياست

ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4867
  • 2493
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جديد عالمي سياست

انگلنڊ

يورپ جي مکيه ملڪن مان انگلنڊ ھڪ رھيو آھي. جنھن دور جو ھتي ذڪر ٿي رھيو آھي، اُن دور ۾ ھيءُ ملڪ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سامراجي طاقت ھو. اُن لاءِ مشھور ھو ته اُن جي شھنشاھيءَ تان سج ڪونه ٿي لٿو. باوجود ايڏيءَ طاقت ۽ ايتريءَ وسيع سلطنت جي پارلياماني طرز حڪومت ھلندڙ ھئي، جا گھڻي وقت کان اُتي ھلندي ٿي آئي، ۽ اڃا تائين ھلندي اچي ٿي. ھن ئي ملڪ ۾ جمھوري قدر رائج ھئا ۽ گھڻي قدر اڄ به آھن. ھتي ئي دنيا جي مشھور انقلابين ڪارل مارڪس، لينن ۽ سن ييت سين جھڙن کي جاءِ پناھ ملي ھئي. ھيءُ ئي مُلڪ ھو جنھن پنھنجي نفعي جي خيال کان ئي سھي، پر ٻين جي بچاءَ لاءِ ھٿيار کنيا ٿي، ۽ جو، ڪم از ڪم نظرياتي طور، جمھوريت ۽ انساني حقن جو قائل ۽ پاڻ وٽ پنھنجي حڪومت ۾ زور زبردستيءَ کان پري ھو.
پھرينءَ مھاڀاري جنگ ۾، ھيءُ ملڪ زور ڪري اِن لاءِ داخل ٿيو، جو يورپ جي حڪومتن جي طاقت جو توازن ٽٽي وڃڻ جو امڪان ھو. اُن لڙائيءَ ۾ ھن جا اڍائي لک سپاھي مئا ۽ 15 لک سپاھي زخمي ٿيا ھئا. ان لڙائيءَ تي سندس خرچ 8 ارب پائونڊ ٿيو ھو.
جنگ انگلنڊ ۽ سندس اتحادين کٽي، پر ان کان پوءِ انگريزن کي ڪيترين مشڪلاتن کي منھن ڏيڻو پيو. سندس ماتحت ملڪن مان آئرلنڊ، انڊيا، مصر ۽ ٻين ملڪن ۾ سندن تسلط کان آزادي حاصل ڪرڻ لاءِ تحريڪون شروع ٿيون ھيون. خود سندن پنھنجي ملڪ ۾ اسٽرائيڪون ٿيون، پر ھي سڀني ڳالھين کي نھايت دانشمنديءَ سان منھن ڏيندا آيا.
انگريزن جي ڪاميابيءَ جو مکيه راز صدين کان اھو رھيو آھي ته ھنن يورپي طاقتن جي وچ ۾ توازن قائم ڪري، پنھنجي طاقت کي فيصلي ڪُن حالت ۾ رکڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ھئي. پھرينءَ لڙائيءَ ۾ به اُن لاءِ گھڙيا، جو ڏٺائون ته يورپي ملڪن جي طاقت جو توازن ٻيءَ صورت ۾ قائم رھي نٿي سگھيو.
اُن کان پوءِ جڏھن جرمنيءَ ۽ اٽليءَ جي طاقتن، زور وٺي، 1936ع ڌاري اڳرائي اختيار ڪري، اُن توازن کي ٽوڙڻ شروع ڪيو، تڏھن ھنن جنگ جي خطرن کي ٽارڻ لاءِ ابتدا ۾ ٿوري وقت لاءِ اُن ڳالھ کي برداشت ڪيو، جو سمجھيائون ٿي ته اِئين ھو ڪجھ وقت حالتون قبضي ۾ رکي سگھندا. اُن لاءِ ھنن جرمنيءَ سان بحري معاھدو ڪيو، ۽ اٽليءَ سان به آخر تائين سمجھوتي بازيءَ کان ڪم وٺندا رھيا.
ھيڏانھن ھندوستان کي پڻ، 1935ع وارن سڌارن ڏيڻ سان، ڪجھ ٿڌو ڪرڻ گھريائون. آگسٽ 1936ع تي، پنھنجي ٻئي محڪوم ملڪ مصر سان سمجھوتو ڪري، ان جي ناراضگي گھٽايائون.
پر جڏھن ھنن ڏٺو ته جرمنيءَ ۽ اٽليءَ وارا پنھنجي زور زبردستيءَ جي روش کان نٿا مڙن، ته ھو فرانس سان تعلقات گھاٽا ڪري، اندروني طور ايندڙ تصادم لاءِ تيار ٿيڻ لڳا.
انگريز ھڪ عجيب عادتن ۽ روايتن واري قوم آھي. دنيا جي ٻين گھڻن ملڪن مان بادشاھ نڪري ويا آھن، پر ھتي بادشاھي سرشتي کي، دستوري طرح ۽ نالي ماتر ئي سھي، پر ڏاڍي پر وقار نموني ۾ ھلايو وڃي ٿو. پنھنجي شاھي فرمانروا جي عزت ۾ گھٽتائي ڪانه ٿا ڪن، پر اختياري ڪا خاص ڪانه ٿا ڏينِس.
20 جنوري 1936ع تي جارج پنجين، ھنن جي شھنشاھ ، وفات ڪئي. ان جي جاءِ تي سندس وڏو فرزند ايڊورڊ اٺين جي خطاب سان تخت تي ويٺو. ھو ھڪ آمريڪي عورت، مسز سمپسن، جي محبت ۾ ڦاسي پيو ۽ ان سان شادي ڪرڻ گھريائين. جيئن ته اھا عورت طلاق ورتل ھئي، ان ڪري انگلنڊ جي قدامت پسند ماڻھن کيس اھا دل گھري شادي ڪرڻ کان منع ڪئي. اُن تي ھيءُ پنھنجي ننڍي ڀاءُ جارج ڇھين جي فائدي ۾ تخت تان دستبردار ٿي ويو ۽ ڊيوڪ آف ونڊسر جي خطاب سان ملڪ کان ٻاھر رھي، ان عورت سان شادي ڪيائين.
اِن مان پتو پئجي سگھي ٿو ته باوجود ترقي يافته ملڪ ھئڻ جي، ھِنن ۾ اڃا تائين قدامت پسنديءَ کي پنھنجي سماجي، معاشي، ۽ سياسي ڪاروبار ۾ ڪيترو زوردار اثر آھي.
1935ع کان وٺي انگلنڊ جي حڪومت ڪنزرويٽِو پارٽيءَ جي ليڊر مسٽر بالڊون جي ھٿ ھيٺ ھلندڙ ھئي، جا 1937ع ۾ مسٽر چيمبرلين جي ھٿ ھيٺ آئي. جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ 1940ع ۾ ملڪ جو وزير اعظم مسٽر ونسٽن چرچل ٿيو. سموري جنگي عرصي ۾ اُھو ئي سندن وزير اعظم رھيو. ھو تقرير، تحرير ۽ تدبر ۾ بي مثل لياقتن جو مالڪ ھو. ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ انگريزي قوم جي ھن جنھن نموني دانشمنديءَ سان اڳواڻي ڪئي، سا سندن تاريخ جي عظيم يادگار آھي. ھيءُ وڏيءَ قوم جو وڏو اڳواڻ ھو، ان ڪري سندس زندگيءَ جو مختصر احوال ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو.