ڊاڪٽر گوبلس
پھرينءَ مھاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ جرمنيءَ کي شڪست اچڻ تي جن جرمن محب وطنن کي صدمو پھتو، انھن مان ھيءُ به ھڪ ھو. ان ڪري 1922ع ڌاري ميونچ ۾ جڏھن نازي پارٽيءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، ته ھيءُ اُن ۾ شامل ٿيو ۽ ھڪدم پارٽيءَ جي مکيه تقرير ڪندڙن ۾ شمار ٿيڻ لڳو.
سحربيانيءَ ۾ ھٽلر کان پوءِ ٻيو نمبر ھيءُ ھو. صحافت ۾ خاص لياقت ھيس. ان ڪري اڳتي ھلي کيس برلن ۾ ' انگرف ' نالي اخبار ذريعي پارٽيءَ تنظيم ۽ پروپيگنڊا جو ڪم سپرد ڪيو ويو، جنھن ۾ ھن نھايت ھوشياريءَ ۽ اورچائيءَ سان ڪم ڪيو.
پارٽيءَ جي طاقت ۾ اچڻ تي پارٽيءَ ۽ سرڪار جي پروپيگنڊا ۽ نشر و اشاعت جي چارج ھن جي حوالي ڪئي ويئي. اُن ۾ ھن پاڻ کي نھايت ڪامياب ثابت ڪيو. ھن جو چوڻ ھو ته پروپيگنڊا جو مکيه مقصد عوام جي دلين کي ھٿ ڪرڻ ھو. ۽ انھيءَ مقصد جي حصول لاءِ صحيح يا غلط طريقن جي خيال ڪرڻ جي ڪا ضرورت ڪانه ھئي.
ھو چوندو ھو ته ”عوام جا حافظا تمام ڪمزور آھن ۽ ھو ھرو ڀرو ڳالھ جي تھ ۾ وڃڻ جا عادي به نه آھن. جيڪڏھن صفا بي بنياد ڳالھ به ڏھ ڀيرا دھرائي، سندن اڳيان پيش ڪبي، ته اُن کي ھو مڃڻ لڳندا.“
ھن جي عملي پاليسيءَ لاءِ اختيار ڪيل نقطن مان ھڪ اھو به ھو ته جرمن قوم جي ترقيءَ لاءِ ڪتاب ۽ تلوار (پروپيگنڊا ۽ ملٽري طاقت) ضروري ڳالھيون ھيون.
اِھو ساڳيو نظريو ملا واري اسلام جو به مکيه نقطو پئي رھيو آھي. ھُن ملن کان اھو سبق سکيو ھو، يا موجوده وقت جا ملا ھن جي ڪاپي ٿا ڪن، تنھن جو پتو پوڻ مشڪل آھي. ملو به قرآن ۽ تلوار کي اسلام پکيڙڻ لاءِ ضروري شيون سمجھي ٿو. جھاد جو نظريو به اُنھيءَ نقطي نگاھ جو جزو آھي. ان ڪري بعضي ماڻھو اِنھيءَ راءِ جا آھن ته تعصبي مذھب جو اِھو نقطي نگاھ ۽ فاشزم ساڳي ڳالھ آھي.
ھن جو چوڻ ھو ته آمرانه حڪومت جو مکيه اصول اھو ھئڻ گھرجي ته سڄيءَ پريس تي حڪومت جو ضابطو ھئڻ گھرجي.ان ڪري ھن اھو طريقو اختيار ڪيو ھو ته اخبارن ۾ جيڪي به لکڻ ۾ اچي، سو حڪومت جي اجازت ۽ اشاري سان ئي لکجي.
ھن سندس پروپيگنڊا جا مکيه مقصد ھيٺيان مقرر ڪيا ھئا؛
1- جمھوريت کي جرمن مفاد لاءِ نقصانڪار ثابت ڪرڻ.
2- جرمن قوم ۾ يھودين لاءِ نفرت پيدا ڪرڻ.
3- جرمن قوم جي عظمت، صلاحيت ۽ برتري بيان ڪرڻ.
4- خوف ۽ نفرت جي بنياد تي جرمن قوم ۾ اتحاد پيدا ڪرڻ.
اھا پروپيگنڊا ھن اھڙي نموني ڪئي، جو ساريءَ قوم تي جادو ٿي ويو، ۽ ھو نازي اڳواڻن جي ھر ڳالھ کي صحيح ۽ فائديمند سمجھي، اکيون پوريو سندن پٺيان ھلڻ لڳا، ۽ ھلندا رھيا.
اڄ به اڪثر حڪومتون ڊاڪٽر گوبلس جي سيکاريل اِنھن طريقن مان فائدو وٺي رھيون آھن.