تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جديد عالمي سياست

ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4821
  • 2476
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جديد عالمي سياست

جرمني- ھٽلر

يـورپ
1- جرمني
پھرين مھاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ يورپ جي گھڻن ملڪن جي مالي حالت خراب ٿي ويئي ھئي. ڪيترن ملڪن اندر، پارٽيبازيءَ ڪري، اندروني انتظام خراب ٿي چڪو ھو. جمھوري سرشتي حڪومت ۽ سرمائيداري نظام کي ناڪام سمجھي، رد عمل طور، انھن جي خلاف ھر ھنڌ ڪوششون شروع ٿي ويون ھيون. نتيجي طور اُتان جي ڪن مکيه ماڻھن ۽ فڪري دنيا جي سربراھن، اُنھن خرابين کي دور ڪرڻ لاءِ، آمرانه يا آپيخاني (Totalitarian) طريقي حڪومت رائج ڪرڻ ۾ حل ٿي ڄاتو، ۽ ڪن وري روس ۾ قائم ٿيل ڪميونسٽ نظام موجب سوشل انقلاب آڻي، پنھنجي پنھنجي ملڪ جي عوام جي حالت کي بھتر بڻائڻ ضروري ٿي سمجھيو.
جرمنيءَ، لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ڪري، گھڻو نقصان سَٺو ھو. ويتر جو اُن تي جنگي تاوان رکيا ويا، سندس اندروني آزاديءَ تي پابنديون وڌيون ويون ۽ ڪي اُن جي ملڪي اراضيءَ جا ٽڪرا فرانس جي حوالي ڪيا ويا ھئا، تن جرمن جھڙيءَ غيرتمند قوم ۾ شديد ردعمل پيدا ڪري ڇڏيو ھو.
نتيجي طور، اُن وقت جرمنيءَ ۾ اڪثر ماڻھو، سوشلزم جي نظريي ۾ پنھنجي نجات ڄاڻي، ملڪ کي اُنھيءَ پٽاندر ھلائڻ جا طرفدار بڻبا ويا. ڪن خاص ماڻھن وري جرمن نئشنلزم (قومپرستيءَ) جي آڌار تي، سڄيءَ جرمن قوم کي متحد ۽ منظم ڪرڻ گھريو ٿي. جرمن قوم جي راءِ اِنھن ٻن رجحانن جي وچ ۾ ورھايل ھئي. اُن جا غريب ماڻھو گذريل موتمار جنگ ۽ اُن کان پوءِ جي پيدا ٿيل حالتن کان متاثر ٿي، ڪميونزم طرف مائل ٿيڻ لڳا ھئا. سرنديءَ وارن کي ڪميونزم مان خطرو ھو، تن ملڪ کي طبقاتي تصادم ۾ ڦاسائڻ جي عيوض ماڻھن کي جرمن قوم جي نالي ۾ منظم ڪري، ملڪ کي طاقتور بڻائڻ گھريو ٿي.
عين انھيءَ موقعي تي جرمن قوم ۾ ھڪ اھڙو ماڻھو پيدا ٿيو، جنھن ملڪ جي ٻنھي گروھن کي گڏي، ھڪ جاءِ تي آڻڻ جي تحريڪ ھلائي، ۽ نيشنل سوشلزم (قومي سماج واد) جي بنيادن تي ھڪ پارٽي ٺاھي، ڪم ڪرڻ شروع ڪيو- جا، اڳتي ھلي، ”نازي پارٽي“ نالي سان سڏجڻ لڳي. اُن ماڻھوءَ جو نالو ”ھٽلر“ ھو. اُنھيءَ تحريڪ کي ”نازي ازم“، يا اٽليءَ ۾ مسولنيءَ نالي اھڙي ئي ھڪ اڳواڻ طرفان اٿاريل قومي بحاليءَ جي تحريڪ جي نالي پٺيان ”فاشزم“ يا فسطائيت جو نالو ڏنو ويو. ھٽلر ھڪ ڪتاب ”مئن ڪئمف“ نالي لکيو، جنھن ۾ ھن پنھنجي قومي سماج واد تحريڪ جا مقصد ۽ پروگرام پيش ڪيا.
ھٽلر جي اُن ھلچل جا نتيجا ڪھڙا نڪتا، انھن جي بيان ڪرڻ کان اڳ ھٽلر جي شخصي زندگيءَ بابت احوال ڏيڻ ضروري ٿو سمجھان.

ھٽلر ۽ سندس زندگيءَ جو احوال
ھن شخص جو اصلي نالو اَڊولف ۽ پٽ اَليوس جو ھو. سندس ” سرنيم“ يا گھراڻي جو نالو ھٽلر ھو. سندس پيءُ اَليوس آسٽريا جي ڳوٺ ”برانو“ ۾ رھندڙ ھو ۽ موچڪو ڌنڌو ڪندو ھو. ھن ٽي شاديون ڪيون ھيون. سندس ٽيءَ زال جو نالو ”ڪَلرا پوزيل“ ھو، جنھن مان کيس 30 اپريل 1889ع ۾ اَڊولف ھٽلر پيدا ٿيو. اَڊولف 21 سالن جي عمر تائين اُنھيءَ ڳوٺ ۾ رھندو آيو. تعليم به اتي ئي ورتائين. ان کان پوءِ ھو جرمنيءَ جي ميونچ شھر ۾ رازڪو ڪم ڪرڻ لڳو. روز جي ڪم کان واندو ٿيڻ کان پوءِ ھيءُ ڪتابن جو مطالعو ڪندو ھو ۽ ملڪي سياست جي ڪمن ۾ دلچسپي وٺندو ھو. ٿوري وقت کان پوءِ ھيءُ جرمن فوج جي نوڪريءَ ۾ گھڙيو.
پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ ھن جرمنيءَ طرفان جنگ ۾ پوريءَ سرجوشيءَ سان بھرو ورتو. ليڪن باوجود بھترين لشڪر، عمدن ھٿيارن ۽ پورين تيارين جي، جرمنيءَ ۽ ان جي ساٿي ملڪن ۽ ترڪيءَ جي حڪومتن کي جنگ ۾ شڪست ملي. ان ڪري ھر محبِ وطن جرمن کي ارمان ۽ پشيماني پيدا ٿي. ويتر ورسيلز جي عھدنامي ھنن جي حالت ابتر بڻائي ڇڏي. جنگ ۾ شڪست کائڻ جي سببن معلوم ڪرڻ ۽ وڃايل طاقت ۽ وقار کي وري ھٿ ڪرڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ جرمن قوم جا وطن دوست غور ۽ فڪر ڪرڻ لڳا.
ھٽلر به نوڪري ڇڏي ڏني، ۽ اُنھيءَ مسئلي تي سوچ ويچار ڪندي ڪندي، ھو ڪن خاص نتيجن تي پھتو. ھن کي جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ شڪست جا ٻه ڪارڻ ڏسڻ ۾ آيا:
(1) ھن پھرين ته جمھوري سرشتي حڪومت کي اُن لاءِ جوابدار ٺھرايو، جنھن، ھن جي راءِ مطابق، پارٽي بازيءَ جي اختلافن ڪري، سڄو قومي شيرازو بگاڙي ۽ ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو.
(2) ٻيو ڪارڻ جرمن قوم جي ابتريءَ ۽ ڪمزوريءَ جو ھن جي نظر ۾ ھيءُ آيو ته جرمنن جي دل ۽ دماغ تان پنھنجي جرمن قوميت جي عصبيت جو اثر گھٽجي ويو ھو، ۽ ان لاءِ ھُن يھودين کي مکيه ڏوھي ۽ جوابدار ٿي سمجھيو.
ھن جي خيال موجب يھوديت ھڪ خاص نظريي جي حامل ھئي، جنھن نسل، جاگرافيائي حدن جي وطن ۽ اُن جي ڪلچر، زبان ۽ اقتصادي مفاد جي بنياد تي ھزارن ورھين جي تاريخي ارتقا جي ذريعي بڻيل قومن جي وجود کي ختم ڪري، قومن جو وجود ڪن خيالي نظرين، جذبن ۽ مذھبي عقيدن جي بنياد تي قائم ڪيو ھو، ۽ اِئين جديد نئشنلزم (قوميت) جي شيرازي ۽ عصبيت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. ھن جو خيال ھو ته جرمن قوم ۾ قومي عصبيت گھٽ ٿي ويئي ھئي، سا به اُن يھوديت جي اثر ڪري ۽ اُن جي سازشي ڪوشش سبب، ۽ اُن ئي کين ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو. آسپاس وارين ڪيترين قومن کي گھڻن ئي ايشيا ۽ آفريڪا جي ملڪن تي تسلط ھو. ليڪن جرمن قوم جڏھن به پنھنجي ترقيءَ ۽ اقتدار لاءِ ڪوشش ٿي ڪئي، ته ان جي راھ ۾ رڪاوٽون وڌيون ٿي ويئون، ۽ اُنھن رڪاوٽن کي مذھب، جمھوريت ۽ ڪميونزم جي نظرين جي نالن ۾ ۽ انھن جي مدد سان مضبوط ڪيو ٿي ويو، جن ٽنھي نظرين کي ھُن يھوديت جي پيداوار ٿي سمجھيو.
جوش ۽ مصيبت جي حالت ۾ دماغي توازن ٺيڪ نٿو رھي. ھٽلر کي به اُن وقت ڏسڻ ۾ آيو ته اُھي سڀ ڳالھيون سيميٽڪ (سامي) تخيل جو نتيجو ھيون. جمھوريت ۾ ھن کي مادي ۽ ذھني قوت تي تعداد جي تفوق ۽ آڪرائي جو راز لڪل نظر آيو. ڪميونزم ۾ به ساڳي اُھا ڳالھ ۽ پڻ قوم پرستيءَ جي دشمن نظر آيس. دنيا جي مکيه مذھبن، ڪرسچئنٽي ۽ اسلام، کي ھن يھوديت جي پيداوار ٿي ڄاتو. انھن سڀني جي فروغ ۾ ھن کي قوميت جو موت ٿي نظر آيو. جھڙيءَ طرح ڊاڪٽر اقبال کي وطنيت ۾ (جا ساڳئي وقت قوميت به آھي) مذھبن جو موت ٿي نظر آيو، اھڙيءَ طرح ھٽلر وري مذھبن کي قوميت جو (جا ساڳئي وقت وطنيت نه آھي) دشمن ٿي ڄاتو.
حقيقت ۾ مذھب (دين) توڙي قوميت، جڏھن مطلق حق ۽ فوقيت جا نعرا ھڻي سامھون اچن ٿا، تڏھن اُھي ٻيئي سامراج جا ھٿيار بڻجي ڪم ڪن ٿا. مذھب جو مطلق حق ذھني سامراج ھو ۽ وطن يا قوم جو غير محدود ۽ غير مشروط تفوق مادي سامراج ھو.
نظرياتي بنيادن تي بين الاقوامي خيالن جي پرچار ۾ يھودين کي اڳرو ڏسي، انھن جو مخالف ٿي بيٺو ھو. اھڙيءَ طرح ھن جمھوري نظام کي به جرمن قوم ۾ انتشار ۽ ڪمزوري پيدا ڪرڻ لاءِ جوابدار ٿي سمجھيو.
اِئين ته قديم يونان جي زماني کان وٺي جمھوريت ۽ آمريت جي نظرين تي سياسي مفڪر رايا ظاھر ڪندا پئي آيا آھن، ليڪن ھر ملڪ ۾ آمرانه يا جمھوري حڪومت قائم ڪرڻ لاءِ وقتي ماحول ۽ مڪاني حالتون جوابدار ٿين ٿيون.
جرمنيءَ ۾ جمھوريت جي خلاف ھٽلر جي نازي تحريڪ جي زور وٺڻ لاءِ ھيٺيان ڪارڻ شمار ڪري سگھجن ٿا.
(1) جرمن قوم مان اڃا قبيلائي عصبيت گھٽ ڪانه ٿي ھئي.
(2) گھڻي وقت کان جرمن قوم کي، اڳرائيءَ واري قومپرستيءَ (قومي تفوق يا غلبي) جي تعليم ۽ تربيت ذريعي جنگجو بڻايو ويو ھو.
(3) پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ ۾ شڪست کائڻ ۽ ناجائز صلح جي شرطن ڪري، جرمن قوم ۾ غيرت ۽ انتقام وارو ردعمل پيدا ٿيو ھو.
جنگ کان پوءِ مٿين ڳالھين کان متاثر ٿي، ھٽلر، نوڪري ڇڏي، قوم جي وڃايل طاقت ھٿ ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو. ھن نئشنل سوشلسٽ (قومي سماج واد) پارٽي ٺاھي، ھڪ اخبار ذريعي ان جا مقصد ۽ پروگرام پکيڙڻ شروع ڪيا؛ اُن ۾ ھن جمھوري سرشتي حڪومت کي ملڪ لاءِ نقصانڪار ھئڻ جو پرچار ڪيو، ۽ جنگي عھدنامن کي رد ڪرڻ لاءِ پروپيگنڊا شروع ڪئي.
ابتدا ۾ ھو سوشلزم ذريعي مڪمل اقتصادي انقلاب آڻڻ طرف زياده مائل ھو، ۽ عام ماڻھن کي اُنھيءَ ئي آسري ۽ آڌار تي ڪَٺو ڪرڻ شروع ڪيائين. پر اڳتي ھلي ھن کي محسوس ٿيو ته ملڪ ۾ شاھوڪار طبقو به ڪافي اثر رکندڙ ھو. انھن جي مدد کان سواءِ ساريءَ جرمن قوم کي ھڪ جاءِ تي متحد ۽ منظم ڪرڻ ڏکيو سوال ھو. تنھنڪري انھن جي ھمدردي حاصل ڪرڻ لاءِ ھن نئشنلزم (قوميت) جي ڳالھ کي ترجيح ڏيئي، سوشلزم کي ڪميونزم کان علحده نه ڄاڻي، جرمن قوم کي پنھنجين وڃايل ڪالونين ھٿ ڪرڻ ۾ طاقتور بڻائڻ لاءِ، آريا نسل جي بنياد تي منظم ڪرڻ شروع ڪيو.
ھن 1923ع کان پنھنجي اِنھن خيالن جي آڌار تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو. سنه 1930ع ڌاري سندس پارٽي زور وٺي ويئي، جنھن ۾ ڪيئي لک ميمبر شامل ٿي ويا.
1932ع ۾ جڏھن پريزيڊنٽ جي چونڊ ٿي، ته ھن جي ڌُر کي ڏيڍ ڪروڙ ووٽ مليا. ان ڪري ھن کي وزارت ۾ شرڪت لاءِ دعوت ڏني ويئي؛ ليڪن ھن مستقبل کي خيال ۾ رکي، ان ۾ شريڪ ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
ان کان پوءِ 30 جنوري 1933ع تي چانسلر سليشر جي جاءِ تي ھو جرمن قوم جو چانسلر مقرر ٿيو. سِگھو ئي جرمن پارليامينٽ، جا 'ريچسٽئگ ' سڏبي ھئي، ھن کي چئن سالن لاءِ ڊڪٽيٽري اختيار ڏنا.
اھڙيءَ طرح طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ ھن ھر انھيءَ شيءِ کي، جا سندس مقصدن ۽ اقتدار جي سامھون ھن کي رڪاوٽ ڏسڻ ۾ آئي، بيدرديءَ سان ڪچلڻ شروع ڪيو. پريس تي ضابطو رکيائين. مخالفن کي سزائون ڏنائين. 1934ع ۾ خود پنھنجيءَ پارٽيءَ ۾ جيڪي رقيب نظر آيس، تن کي قتل ڪرائي ڇڏيائين. ھن جلد ئي يھودين کي تنگ ڪري، ملڪ ڇڏڻ لاءِ مجبور ڪيو، ۽ اُن لڏ پلاڻ ۾ ڪيترا جرمن يھودي ختم ٿي ويا.
ھٽلر غير معمولي صلاحيتن جو مالڪ ھو. ساري عمر شادي نه ڪيائين. چي، سندس معشوق ملڪ جي خدمت ھئي، عورت اُن جي جاءِ وٺي نٿي سگھي. گوشت نه کائيندو ھو. شراب پيئڻ کان پري ھوندو ھو. زالن جي صحبت طرف مائل نه ھو. پيسي سان ڪابه رغبت نه ھوندي ھيس. ڪم ڪرڻ کان جڏھن واندو ٿيندو ھو، ته اڪيلائيءَ ۾ غور ۽ فڪر ۾ گذاريندو ھو. سواءِ مخصوص ماڻھن جي، عام سان گھاٽو نه ٿيندو ھو. شخصي دوست ڇِٽا ھوندا ھئس.
ابتدا ۾ ھيءُ رومن ڪيٿولڪ مذھب جو پوئلڳ ھو. پر جڏھن طاقت ۾ آيو، ته جرمن قومپرستيءَ جي راھ ۾ مذھب کي رڪاوٽ ڄاڻي، اُن کان ٽھڻ ۽ متنفر ٿيڻ لڳو.
ھيُ ھڪ يڪ خيالو ۽ يڪ دليو انسان ھو. ھن جي ڪم جا طريقا ۽ رٿائون بدلبيون رھنديون ھيون پر ھن جا بنيادي مقصد ڪڏھن به نه بدليا ھئا- جيڪي ھر حالت ۾ ھڪ مضبوط ۽ طاقتور جرمنيءَ جي پيدا ڪرڻ لاءِ مخصوص ۽ وقف ھوندا ھئا. ان پنھنجي منزل جي حصول لاءِ ھُو ھر قسم جي ابن الوقتيءَ ۽ ڦيرين گھيرين وغيره کان به نه ھٻڪندو ھو. بنيادي مقصد بھرحال ھر صورت ۾ ۽ ھر وقت سامھون ھوندو ھوس.
ھو باھمت ۽ مضبوط ارادي جو مالڪ ھو. جيئن ڪم گھڻو ٿيندو ھوس يا سندس راھ ۾ رڪاوٽون پونديون ھيون، تيئن سندس ارادي جي قوت ۽ عمل جو جذبو زور وٺندو ھو.
ھو ملٽريءَ ۾ رھي چڪو ھو، ان ڪري نظام ۽ ضابطي جو ماھر ھو. ٿوري وقت اندر ساٿين جي مدد سان، نمائشي طريقن ۽ سخت پروپيگنڊا ذريعي، ھن جرمن قوم جي ڪثرت تعداد ماڻھن کي، جوش ۽ نفرت جي لھر ۾ لوڙھي، فڪر ۽ سمجھ کان موڙي، جرمن قوم جي عظمت لاءِ، نسلي بنياد تي منظم ڪري ورتو.
ھن پنھنجن ماڻھن کي قومي وقار حاصل ڪرڻ لاءِ جوش ڏياريو ۽ اُنھن جي غيرت کي للڪاريو، ۽ جرمنيءَ جي سمورين بي غيرتين ۽ ڪمزورين لاءِ يھودين کي جوابدار ٺھرائي، اُنھن لاءِ جرمن قوم جي دلين ۾ نفرت جا آڙاھ ٻاري ڇڏيا.اھي ٻيئي ھن جا نسخا جرمن قوم ۾ عارضي اتحاد ۽ جوش پيدا ڪرڻ لاءِ نھايت ڪارآمد ثابت ٿيا.
ھن جي سامھون جرمن قوم ۽ ملڪ جو مفاد، جيئن ھُن اُن کي سمجھيو ٿي، سڀ کان بالا ھو. انھيءَ راھ ۾ ھن مذھب ۽ ڪميونزم جي نظرين کي رڪاوٽ ٿي سمجھيو. ھن جي نظر ۾ ھيءَ ڳالھ به آئي ته اُن وقت دنيا ۾ يھودي قوم ئي ھئي، جا ٻين ملڪن ۾ رھي به مذھب جي بنياد تي پنھنجو قومي وجود قائم رکيو آھي.
ھن جي عملي سياست جي تجربي ھن کي ذھن نشين ڪرايو ھو ته بين الاقوامي مفاد جو وجود عملي دنيا ۾ عدم پيدا ھو. ”ھاٿيءَ جا ڏند کائڻ لاءِ ھڪڙا ۽ ڏيکارڻ جا ٻيا.“ اُن وانگر جن ماڻھن اھڙيون ڳالھيون ڪيون ٿي، تن جو عمل ان جي مخالف ھو. عملي دنيا ۾ ھر ڪا قوم ۽ ھر ڪو ملڪ پنھنجي پنھنجي ترقيءَ ۽ اقتدار لاءِ ڪوشان ھو.
ھن ڏٺو ٿي ته جرمني، جديد علم، ھنر، جنگي طاقت ۽ تعداد ۾ زياده ھجڻ جي باوجود، ڪن نظرين جي پرچار ڪري، ڪمزور ٿي ويئي ھئي ۽ ڪمزور بڻائي ويئي ھئي. جيڪڏھن ننڍين قومن جي آزاديءَ جو اصول حق ۽ انصاف وارو ھو، ته پوءِ انگلنڊ، فرانس، ھالنڊ، پورچوگال وغيره ملڪن جي ماتحت ملڪن کي ڇو نه ٿي آزادي ڏني ويئي!
ھن بين الاقوامي جماعت جي وجود ۽ ننڍن ملڪن جي آزاديءَ جي اھڙيءَ گفتگوءَ کي صرف جرمن قوم کي طاقت کان ٻاھر ۽ ڪمزور رکڻ لاءِ ڌوڪو ٿي سمجھيو. تنھن ڪري ھن پنھنجي مخالف سامراجي طاقتن کي صاف ۽ ظاھر ظھور چئي ڏنو ته اوھان چئو ھڪ ڳالھ ٿا ۽ ڪريو ٻي ڳالھ ٿا؛ اسين، جا ڳالھ ڪرڻ گھرون ٿا، اُن کي لڪائڻ مناسب نٿا ڄاڻون.
ھٽلر پنھنجي مخالفن جي عقلي چالبازين جي ڦندي کان قوم کي بچائڻ ۽ اُن کي خيال ۽ عمل جي دنيا ۾ چست ۽ چوبند رکڻ لاءِ، خوف ۽ نفرت جا ذريعا ڪارآمد سمجھيا.
اُن سموري ڪم ۾ جرمن قوم جا بھترين دماغ ساڻس شريڪِ ڪار ھئا، جن ۾ به سندس مکيه ساٿي ٽي ماڻھو ھئا- جنرل گوئرنگ، ڊاڪٽر گوبلس ۽ ڊاڪٽر شاخت. جنھن صورت ۾ ٿوري عرصي اندر جرمنيءَ کي طاقتور بڻائي، سڄيءَ دنيا کي ٿرٿلي ۾ وجھي ڇڏڻ جو جوابدار انھن کي به بڻايو وڃي ٿو، ان ڪري اُنھن ٽن جو مختصر احوال به ھيٺ ڏجي ٿو.