اٽلي- مسولني
گھڻي وقت کان اٽلي پوئتي پيل ملڪ ھو. ان کي نئين سر منظم ڪري، اُتي فاشسٽ طريقي جي حڪومت قائم ڪرڻ ۽ اُن کي ھڪ وڏي سامراجي طاقت بڻائڻ جو ذميوار ۽ مُک اڳواڻ مسوليني ھو.
مسوليني اٽليءَ جي رومگانا پرڳڻي جي ڊروياڊي پريڊيپو ڳوٺ ۾ 29 جولاءِ 1883ع تي ڄائو ھو. سندس پيءُ جو نالو ايسندرو ۽ ماءُ جو نالو روزا التوني ھو.
ھن جو پيءُ سوشلسٽ انقلابي خيالن جو ھو، ۽ ماءُ ماسترياڻي ھئي. ھن جي ابتدائي زندگي نھايت غربت ۾ گذري، ايتريقدر جو هو گھر ۾ کٽ نه ھئڻ ڪري، ھن کي گاھ وڇائي اُن تي سمھڻو پوندو ھو.
مسولينيءَ جي پيءُ جو مکيه پيشو کيتي ھوندو ھو. پر ھو لوھارڪو ڌنڌو به ڪندو ھو. ھن کي سندس ماءُ پھريائين مذھبي تعليم پڙھڻ لاءِ ھڪڙي چرچ اسڪول ۾ ويھاريو، پر سندس پيءُ پادرين جي خلاف ھوندو ھو.
پڙھائي پوري ڪرڻ کان پوءِ مسوليني ماستري ڪرڻ لڳو. جڏھن 19 سالن جو ٿيو، تڏھن فوج ۾ زوريءَ ڀرتيءَ جي ڊپ کان ملڪ ڇڏي، سئٽزرلنڊ ۾ وڃي رھڻ لڳو. اُتي ھو
سِرون وجھي، ۽ ٻي مزوري ڪري، گذر ڪندو ھو. اُتي ھو آھستي آھستي ٿي، سياسي ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ لڳو. اُنھيءَ ڪري، ڪجھ وقت کان پوءِ ھن کي سئٽزرلنڊ مان نڪرڻو پيو. پر اُن کان اڳي، سياسي ڳالھين ڪري، ھن کي اُتي يارنھن ڀيرا ٿورو ٿورو عرصو جيل ڪاٽڻو پيو. نيٺ ھيءُ 21 سالن جي عمر ۾ 1904ع ڌاري موٽي اٽليءَ آيو، جتي وري به ماستري ڪرڻ لڳو. ساڳئي وقت ھو اخبارن ۾ ليک به لکندو رھيو. ھِنن ڏينھن ۾ ھن ڪيترائي ڪتاب به لکيا، اُنھن مان سندس ڪتاب ”ڪلاس اسٽرگل“ ملڪ ۾ گھڻي شھرت حاصل ڪئي.
نيٺ 1912ع ۾ ماستري ڇڏي، ھيءُ ”اوانتي“ اخبار جو ايڊيٽر ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ شروع ٿيڻ کان پوءِ، اٽليءَ جا قومي ڪارڪن ٻن راين ۾ ورھائجي ويا. ھڪڙا غير جانبدار رھڻ جي فائدي ۾ ھئا ۽ ٻيا اتحادين سان گڏجي، جنگ ۾ حصي وٺڻ جا حامي ھئا. مسوليني ٻئي گروھ سان شامل ھو.
آخر جڏھن اٽليءَ اتحادين جو طرف ورتو، ته ھيءُ فوج ۾ شامل ٿي، جنگ ۾ لڙيو ۽ زخمي ٿي پيو.
لڙائيءَ کان پوءِ، 23 مارچ 1919ع تي، مسولينيءَ ھڪ قسم جي خانگي فوج جھڙي پارٽي ٺاھي، جنھن ۾ جيڪي لڙائيءَ ۾ سندس سولجر ھئا انھن کي شامل ڪيائين. پنھنجي اُن پارٽيءَ کي زور وٺائڻ لاءِ، ھو اخبار ”پاپولو ڊي اٽاليا“ ڪڍي، پرچار ڪرڻ لڳو. ھيءَ سندس پارٽي آھستي آھستي زور وٺڻ لڳي. لڙائيءَ کان پوءِ بيروزگار سولجرن جي روزگار، جمھوري وزارتن جي ڪمزورين، اسيمبلي ميمبرن جي خودمطلبين ۽ قوم کي طاقتور بڻائڻ جا سوال ھٿ ۾ کڻي، ھُن عوام کي منظم ڪرڻ شروع ڪيو. جڏھن ھن جي پارٽيءَ زور ورتو، ته لشڪر به ھن جي پٺڀرائي ڪرڻ شروع ڪئي. سندس طاقت کي وڌندڙ ڏسي، سياستدانن ۽ ڪارخانيدارن به ھن جي ھمت افزائي ڪئي ۽ ھن جي پارٽيءَ کي مدد ڏني.
ويتر جو 21- 1920ع ۾ اٽليءَ ۾ مزورن جي پگھار ۽ مزوريءَ جي اگھن ۾ گھٽتائي آئي، ته انھن ۾ سخت بيچيني پيدا ٿي، جنھن جو فائدو وٺي، ھيءُ پارٽيءَ کي مضبوط بڻائي ويو. مزورن کي ساڻس شريڪ ٿيندو ڏسي، ڪارخانيدار به وڌيڪ ھن کي اھميت ڏيڻ لڳا ۽ کيس ۽ سندس پارٽيءَ کي پنھنجي پاسي ڪرڻ لاءِ، وڌي وڌي سندس مدد ڪرڻ لڳا.
آڪٽوبر 1922ع ۾ ھن روم تي پنھنجي خانگي فوج سان ڪاھ ڪري، بنا تصادم جي قبضو ڪري ورتو. بادشاھ کيس ايترو بااثر سمجھي، پنھنجي حڪومت جو وزير اعظم مقرر ڪيو.
مسولينيءَ پھريائين ڪوليشن (گڏيل) وزارت ٺاھي حڪومت ھلائڻ شروع ڪئي. پر ڏھن سالن کان پوءِ ھن، ٻين گروھن کي وزارت مان ڪڍي، سمورو قبضو پنھنجي پارٽيءَ جي ھٿ ۾ رکيو.
ھيءُ ڪافي علم ۽ معلومات جو صاحب ھو. تقرير ۽ تحرير جي فن تي پورو عبور ھوس. ھن ھڪ ڪتاب زور يا تشدد جي جواز ۾ لکيو ھو. ھيءُ زور يا تشدد جي فائدي ۾ اھو دليل ڏيندو ھو ته ”طاقت جي اھميت ۽ افاديت کان انڪار ڪرڻ ڌرتيءَ جي ڪشش (ڪشش ثقل) کان انڪار ڪرڻ جي برابر ھو.“ ھو چوندو ھو ته ”طاقت کان سواءِ حڪومت ھلي نه ٿي سگھي. حڪومت مان سڀ ماڻھو راضي نٿا ٿي سگھن. تنھن ڪري عوام جي رضامندي سان حڪومت ھلائڻ وارو نظريو ئي بيڪار ھو. حڪومت کان طاقت جو استعمال کسي ڇڏجي ۽ ان جو مدار رڳو اصولن تي رکجي، ته اُھا حڪومت منظم ۽ طاقتور گروھن جي محتاج ٿي ويندي.“ – ڄڻ ھونئن ئي، يعني عوام جي رضامندي تي ھلڻ جي دعوا ڪندڙ حڪومت منظم ۽ طاقتور گروھن جي محتاج ڪانھي!
ھيءُ تقدير ۾ گھڻو ويساھ رکندو ھو.
مسولينيءَ جي نظريي حڪومت، جنھن کي ھُن پاڻ فاشزم جو نالو ڏنو، اُن جي سرشتي حڪومت ھيٺ خانگي ملڪيت ۽ خانگي نفعي جو اصول قائم رھي ٿو. ليڪن اُنھن کي حڪومت جي ضابطي ھيٺ رھڻو پوي ٿو. انھيءَ حڪومت جو جوڙجڪ جاگرافيائي طور مقرر ڪيل تڪن مان چونڊجي آيل عيوضين جي بدران ڌنڌن جي بنياد تي چونڊيل عيوضين جي ھٿ ۾ رھي ٿو. پر اھڙيءَ چونڊ لاءِ اميدوار فقط (فاشسٽ) پارٽي نامزد ڪندي آھي. اُن لاءِ، توڙي ملڪ ۾ ٻئي ڪنھن مقصد لاءِ ٻيءَ ڪنھن پارٽيءَ جو وجود تسليم نه ڪيو ويندو آھي. ووٽرن کي فاشسٽ پارٽيءَ جي نامزد ميمبرن کي چونڊڻ لاءِ صرف ھائو يا نه ڪرڻي پوندي آھي.
مسولينيءَ پاڻ ھڪ ئي وقت پنھنجي فاشسٽ پارٽيءَ جو ليڊر، رياست جو وزير اعظم، ۽ اُن جي قومي ڪائونسل جو صدر ھو.
ھُن طاقت ۾ اچڻ کان پوءِ کُليو اِن ڳالھ جو اظھار ڪرڻ شروع ڪيو ته يورپ جي ٻين ملڪن کي ڪالونيون (بيٺڪون، يعني غلام ملڪ) ھجن، ته اٽليءَ کي ڇو نه ھئڻ گھرجن! اُن لاءِ دليل ڏنائين ٿي ته اٽليءَ جي آبادي سوا 4 ڪروڙ ھئي، جا ھر سال ڏيڍ لک ماڻھن جي اضافي سان وڌي رھي ھئي. ماڻھن جو گذر کيتيءَ تي ھو. ملڪ ۾ ڪارخانا تمام ٿورا ھئا ۽ جتي ھئا انھن کي ڪچي سامان جي ڪمي ھئي. ملڪ ۾ رٻڙ، ٽين، نڪل، ڪپھ، ڪوئلي، تيل، لوھ ۽ ٽامي جي ڪوتاھي ھئي. جيڪڏھن اٽليءَ کي زندھ رھڻو ۽ طاقتور بڻائڻو ھو، ته ان جي ماتحت ايراضيءَ کي وڌائڻ ضروري ھو.
ھُن ڏٺو ته ايشيا ۽ آمريڪا جا اڪثر ملڪ يورپ جي ٻين سامراجي طاقتن جي ھٿ ھيٺ ھئا. پر حبش جو ھڪ اھڙو ملڪ ھو، جو سڌو ڪنھن حڪومت جي تسلط ھيٺ نه ھو، ۽ اُن ۾ ڪچو مال به گھڻو ھو. ان جي حڪومت به ڪمزور ھئي. اِن ڪري، ھن فوراً اُن ملڪ کي پنھنجي تسلط ھيٺ آڻڻ جو ارادو ظاھر ڪيو.
اِن خيال کان پوءِ 3 آڪٽوبر 1935ع تي، ھُن حبش تي بنان سبب جي حملو ڪيو. جيئن ته اُھو ملڪ سوڊان جي ڀر ۾ ھو، جو اُن وقت انگريزن جي ماتحت ھو، ۽ انگريزن جي ايشيا وارين ڪالونين ۽ قبضي ھيٺ آيل ملڪن جي رستي تي پڻ ھو، اِن ڪري انگريزن اُن مان سندن پنھنجي مفاد کي خطرو محسوس ڪيو، ۽ ليگ آف نيشنس کان اٽليءَ خلاف ٺھراءُ پاس ڪرايو، جنھن اٽليءَ کي ناحق حملي آور طاقت قرار ڏنو، ۽ 18 نومبر تي، ٻئي ٺھراءَ ذريعي، اُن تي پابندين عائد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
پر مسولينيءَ اُنھن ٺھرائن جي پرواھ نه ڪندي، 5 مئي 1936ع تي حبش جي گاديءَ اديس ابابا تي قبضو ڪري، ساري ملڪ کي پنھنجي تسلط ھيٺ آڻي ڇڏيو، ۽ اُن جو 9 مئي 1936ع تي ھُن کليل اعلان ڪيو.
اُن کان پوءِ، ليگ آف نيشنس کي اتحادين جو اوزار ۽ ھڪ بيڪار جماعت سڏيندي، ڊسمبر 1937ع تي مسولينيءَ اُن مان پنھنجي ملڪ جي نڪري اچڻ جو اعلان ڪيو. ان وقت يورپ جي سامراجي طاقتن جو اخلاق ۽ اخلاقي ھمت ايتري ڪِريل ھئي. جو ليگ آف نيشنس جي مکيه ميمبر ۽ جمھوريت جي علمبرداريءَ جي دعوا ڪندڙ انگريزي حڪومت، باوجود اِن جي، جو ليگ آف نيشنس اٽليءَ جي حبش تي حملي خلاف ٺھراءَ پاس ڪيا ھئا. 16 نومبر 1937ع تي اٽليءَ سان سمجھوتو ڪري، حبش تي اُن قبضي کي قبول ڪيو، ۽ ترت ئي پوءِ فرانس به اُھا صورتحال قبول ڪئي.
جڏھن مسولينيءَ ڏٺو ته باوجود اُن جي، جو حبش تي سندس حملي جي مخالفت ڪئي ويئي، آخر ۾ وري به اُن تي سندس قبضي کي يورپ جي ٻن مکيه طاقتن ڪيو ھو، ۽ ساڳيءَ ريت ھوڏانھن آسٽريا ۽ زيڪوسلويڪيا تي اُنھن ئي طاقتن جي اکين اڳيان ھٽلر قبضو ڪري ويو ھو، تڏھن ھن جا حوصلا ويتر وڌي ويا، ۽ بنا ڪنھن سبب جي، 7 اپريل 1939ع تي، ھُن وڌي، البانيا تي قبضو ڪري ورتو.
اُن کان پوءِ، مئي 1939ع ۾، ھُن جرمنيءَ سان جنگي عھدنامو ڪيو. جڏھن اُن سال سيپٽمبر ۾ ٻي مھاڀاري لڙائي شروع ٿي، ته جرمني ۽ اٽلي، يعني ھٽلر ۽ مسوليني، ٻيئي ھڪ ٻئي سان گڏ ھئا، ۽ اُنھيءَ ئي لڙائيءَ ۾ ٻنھي جي طاقت جو زوال آيو.