ڊاڪٽر شاخت
ھن جرمنيءَ جي مختلف يونيورسٽين ۾ تعليم وٺي، فلسفي جي علم ۾ ڊاڪٽريءَ جي سند ورتي. سگھوئي ھو ڊريسڊنير بئنڪ ۾ ڪلارڪ طور نوڪريءَ ۾ گھڙيو، جتي آھستي آھستي ترقي ڪري، 1908ع ڌاري ڊيپوٽي ڊائريڪٽر ٿي ويو.
1923ع ۾ ھن کي ڪرنسي (ضربخاني) جو ڪمشنر ڪري، سرڪاري نوڪريءَ ۾ رکيو ويو. اُتي ھن جرمن مارڪ جو مُلھ رينٽمارڪ ايجاد ڪرڻ سان بچائي ورتو، جنھن ڪري جرمن سِڪو ۽ اُن سان گڏ سڄي جرمن خزاني جي حالت سڌري ويئي. اُنھيءَ خدمت جي صلي ۾ کيس جرمن اسٽيٽ بئنڪ جو پريزيڊنٽ مقرر ڪيو ويو، جتي ھو 1930ع تائين ڪم ڪندو رھيو.
ان کان پوءِ نازي تحريڪ زور وٺي، طاقت ۾ آئي، ته ھيءُ اُن جو مکيه رڪن ٿي ڪم ڪرڻ لڳو.
ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي وقت کان اڳ ۽ جنگ جي عرصي ۾ جڏھن جرمنيءَ کي جنگ جي تيارين لاءِ گھڻي پيسي يا سامان جي ضرورت ھئي ۽ يورپ جا اڪثر شاھوڪار ملڪ ساڻن تعاون ڪرڻ جي خلاف ھئا ۽ ھنن جون واھون بند ٿيل ھيون، تڏھن ھن شخص جرمنيءَ جي مالي حالت کي اھڙو محفوظ رکيو ۽ مضبوط ڪري بيھاريو، جنھن جو مثال ملڻ مشڪل ھو. ان کي اقتصاديات جي دنيا ۾ ”شاخت جي ڪرامت“ چيو وڃي ٿو. ھن ڪچي مال جي مٽاسٽا (بارٽر) ذريعي واپار ڪرڻ، مھانگو وٺي سستي اگھ تي وڪڻڻ، قرض کڻي ھنر ۽ واپار کي زور وٺائڻ، قرض وارن کي چوڻ ته قرض ڏيئي ڪين سگھندس جيستائين مون کان خريد نه ڪندؤ وغيره، طريقن جي ايجاد ڪئي، جن جي اڄ تائين اڪثر مالي ماھر پوئلڳي ڪري رھيا آھن.
مٿين چئن جرمن اڳواڻن جي مختصر احوال پيش ڪرڻ کان پوءِ، ھاڻ آءٌ نازي دؤر حڪومت ۽ ٻي مھاڀاريءَ لڙائي جي آخر تائين جرمن سياست جو مختصر ذڪر ڪندس.
مٿي ڄاڻائي آيو آھيان ته 1933ع ڌاري ھٽلر جي پارٽي سموري جرمن حڪومت پنھنجي تسلط ھيٺ آڻي چڪي ھئي. ٿوري ئي وقت ۾ ھٽلر، جرمنيءَ کي طاقتور بڻائي، سڀ کان پھرين ورسيلز عھدنامي جي ماتحت جرمنيءَ تي رکيل جنگي تاوان (چَٽين) ڏيڻ کان انڪار ڪيو.
اُن کان پوءِ اُنھيءَ عھدنامي موجب جرمنيءَ جي رائين لئنڊ پرڳڻي تي، جو 15 سالن تائين اتحادين جو قبضو رھڻو ھو، ان کي رد ڪري، مارچ 1936ع ۾، ھُن ان تي زوريءَ قبضو ڪري ورتو.
ساڳئي عھدنامي موجب جرمنيءَ جي حڪومت کي ھڪ لک کان مٿي لشڪر نه رکڻو ھو ۽ اُن لشڪر کي به معمولي ھٿيار رکڻا ھئا. ان شرط کي به ھن موقعو وٺي ڀڃي، جرمن لشڪر ۽ اُن جي ھٿيارن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو- چي، روس ۽ فرانس عھدنامي موجب لشڪر نه گھٽايو ھو، تنھن ڪري ھيءُ به عھدنامي جي پوئواري ڪرڻ لاءِ ٻَڌل نه ھو.
سندس اُنھيءَ قدم کان خوفزده ٿي، انگلنڊ، فرانس ۽ اٽليءَ گڏجي 11 اپريل 1936ع تي جرمنيءَ خلاف گڏيل محاذ قائم ڪيو. ازان سواءِ ليگ آف نيشنس کان، جرمنيءَ جي عھدنامي جي شرطن ٽوڙڻ تي، اتحادين نِندا جا ٺھراءَ پاس ڪرايا. پر ھٽلر تي انھن ڳالھين جو ڪوبه اثر ڪونه پيو. ھيءُ ڏينھان ڏينھن ويو جرمنيءَ کي طاقتور بڻائيندو. مرڳو ليگ آف نيشنس جي ٺلھن ٺھرائن پاس ڪرڻ ڪري خود ليگ آف نيشنس جو پنھنجو وقار گھٽبو ويو.
سال 1936ع جي 14 نومبر تي، ھٽلر وري به ورسيلز جي عھدنامي جي ڀڃڪڙي ڪري، جرمنيءَ جي حدن کي بين الاقوامي حدون تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو. ان کان پوءِ 25 نومبر تي جپان سان ائنٽي ڪامنٽرن (ڪميونسٽ ملڪن خلاف) پئڪٽ ڪيو.
اُنھيءَ وقت ڌاري اتحادي قومون گذريل مھاڀاري لڙائيءَ جي ٿڪاوٽ، خودغرضين ۽ سندن تسلط ھيٺ آيل ملڪن ۾ آزاديءَ جي تحريڪن جي زور وٺڻ ڪري ايتري قدر مرعوب ٿي ويئون ھيون، جو ليگ آف نيشنس مان جرمنيءَ خلاف ملامت جي ٺھراءَ پاس ڪرائڻ جي باوجود، ھو وڌيڪ ڪو قدم کڻي نه سگھيون. ڇاڪاڻ ته ھٽلر جي سڄيءَ اِن آڪرائيءَ ڪري ھُنن پنھنجن بيروني مفادن کي ترت نقصان جو انديشو نه ٿي ڄاتو. بلڪ ڪن حالتن ۾ پاڻ انھن ٺھرائن جي خلاف طاقت ورزيءَ جا ھو پاڻ مددگار ٿي رھيا: جھڙيءَ طرح اٽليءَ جي حالت ۾ ڪيائون. اُن جو قصو ھيئن آھي ته اٽليءَ ۾ آيل ڊڪٽيٽر مسولنيءَ حبش جي ملڪ تي زوريءَ قبضو ڪري ورتو ھو. اُن تي اتحادين، دنيا جي عام راءِ کان متاثر ٿي، اُن کُليءَ ڏاڍائيءَ خلاف ليگ آف نيشنس کان اٽليءَ جي نندا جو ٺھراءُ پاس ڪرايو. پر اُن جي باوجود ھنن جي مکيه ميمبر، انگلنڊ، 2 جنوري 1937ع تي اٽليءَ سان باھمي مفاد جي بنياد تي سمجھوتو ڪري ڇڏيو؛ جنھن جي اڻ سڌيءَ طرح معنيٰ اھائي نڪتي ته اٽليءَ جو حبش تي قبضو تسليم ڪيائون ٿي.
جرمنيءَ ۾ ھٽلر جي زور وٺڻ کان پوءِ، جيڪي عھدنامن خلاف ڀڃڪڙيون ٿيڻ لڳيون ھيون. ان تي ناراض ٿيڻ جي عيوض انگريزن ھٽلر کي راضي رکڻ ۽ ٿڌي ڪرڻ جي پاليسي اختيار ڪئي.
1935ع ۾ انگريزن جرمنيءَ سان بحري عھدنامو ڪيو.
17 نومبر 1937ع تي لارڊ ھئليفاڪس کي ھٽلر سان سمجھوتي ڪرڻ لاءِ جرمنيءَ موڪليو ويو، جنھن واپس اچڻ کان پوءِ ھن جي تعريف ڪئي.
ٻئي پاسي، فرانس، ھٽلر جي اھڙين ڪارواين کان خوفزده ٿي، انگريزن جي ڦلھڙي پاليسي ڏسي، پنھنجي وزير خارجه ڊيلبس کي پولنڊ، رومانيا، يوگوسليويا ۽ زيڪوسلويڪيا ڏانھن جرمن خلاف محاذ قائم ڪرڻ واسطي ڳالھين لاءِ موڪليو، جن وٽان سندس حوصلي افزائي ڪانه ٿي.
اھڙين حالتن کي ڏسي، ھٽلر بي ڊپو ٿي پيو، ۽ ورسيلز عھدنامي جي شرطن ۽ ليگ آف نيشنس جي ٺھرائن خلاف آسٽريا تي مارچ 1938ع ۾ زوريءَ قبضو ڪري، اُن کي ھُن جرمنيءَ سان ملائي ڇڏيو.
ليڪن ان تي به اتحادين مان ڪنھن ملڪ کي طاقت نه ٿي، جو ڪجھ قدم کڻي.
جڏھن ھٽلر ڏٺو ته اُنھن ڳالھين تي جيتوڻيڪ ظاھري طرح انگلنڊ ۽ فرانس ڪُڇيا ڪونه ٿي پر اندروني طرح مخالفت لاءِ تياريون ڪري رھيا ھئا، تڏھن ھن 9 مئي 1938ع تي اٽليءَ جي ڊڪٽيٽر مسولنيءَ سان گڏ عھدنامو ڪري، ٻنھي فسطائي ملڪن جي دوستيءَ کي مضبوط ڪيو. اُن تي انگريزن جا اٽليءَ سان ڪيل سمجھوتا بيڪار بڻجي ويا. نيٺ انگلنڊ ۽ فرانس پاڻ ۾ اتحاد کي مضبوط ڪرڻ جا رستا اختيار ڪيا. جولاءِ 1938ع ۾ انگلنڊ جي بادشاھ جارج ڇھين ۽ راڻيءَ ايلزبيٿ کي فرانس ۾ ٻنھي ملڪن جي دوستيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو.
ڪجھ وقت اڳي ھٽلر پنھنجي تقرير ۾ زيڪوسلويڪيا جي جرمن اقليت جي حَقن جي حفاظت جو اعلان ڪيو ھو، جنھن تي زيڪوسلويڪيا جي وزير اعظم، موز، جواب ڏنو ھو ته ھو پنھنجي ملڪ ۾ ٻاھرين دست اندازي برداشت نه ڪندو. آسٽريا تي جرمنيءَ جي قبضي ٿيڻ بعد حالتون گھڻيون بدلجي چڪيون ھيون، ۽ زيڪوسلويڪيا ٽن طرفن کان جرمنيءَ جي گھيري ۾ اچي چڪو ھو. بھرحال، فرانس ۽ رشيا، زيڪوسلويڪيا جي مدد جو اعلان ڪيو، پر حالتون اھڙي نازڪ صورت اختيار ڪري چڪيون ھيون، جو زيڪوسلويڪيا کي لاچار جرمنيءَ سان ٺاھ جو ڳالھيون ڪرڻيون پيون. پر اُنھن مان جرمنيءَ جي پنھنجي مرضيءَ موجب نتيجو ڪونه نڪتو، تڏھن ھٽلر جنگ جي ڌمڪي ڏيئي، ظاھر ڪيو ته ھو جرمن اقليتن واري زيڪوسلويڪيا جي حصي کي جرمنيءَ سان ڳنڍي ڇڏيندو.
اُن تي انگريزن، بجاءِ اِن جي ته زيڪوسلويڪيا جو ڪو بچاءُ ڪن، سڌيءَ طرح ٻنھي جي وچ ۾ سمجھوتي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. پر ان جو به ھٽلر تي ڪو اثر نه ٿيو. آخر 29 سيپٽمبر 1938ع تي ميونچ ۾ ھڪ ڪانفرنس گڏ ٿي، جنھن ۾ جرمنيءَ طرفان ھٽلر ۽ ربنتراف، اٽليءَ طرفان مسولني ۽ ڪيانو ۽ فرانس طرفان ڊاڊليئر، ۽ انگلنڊ طرفان چيمبرلين عيوضي گڏ ٿيا. اُن ميٽنگ ۾ زيڪوسلويڪيا جو ڪوبه عيوضي ڪونه ھو. ميٽنگ ۾ سڀني شامل ملڪن گڏجي، زيڪوسلويڪيا جي رضامنديءَ کان سواءِ، اُن جي ورھائڻ واري عھدنامي تي صحيحون ڪيون، ۽ پھرين آڪٽوبر 1938ع تي يعني ٻئي ڏينھن، زيڪوسلويڪيا کي سندس ملڪ جا جرمن اقليتن وارا حصا جرمنيءَ جي حوالي ڪرڻ جو مشورو ڏنائون. ڪمزور زيڪوسلويڪيا مجبور ٿي، اھو فيصلو قبول ڪيو. اِنھيءَ طرح ھٽلر جيڪي گھريو ٿي، سو بنان جنگ جي کيس ملي ويو.
اُن کان پوءِ ھٽلر جو وچ يورپ جي ملڪن تي ڌاڪو ويھجي ويو، ۽ اتحادين جي ڪمزور ۽ ڦلھڙي پاليسي سڄيءَ دنيا تي ظاھر ٿي ويئي.
ٻئي سال جي مارچ مھيني ۾، ھٽلر بنان سبب جي اڳتي وڌي، سڄي زيڪوسلويڪيا تي قبضو ڪري ورتو ۽ پولينڊ جي ميمل ايراضيءَ کي به پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.
آخر ۾ جرمنيءَ جي وڌندڙ حرص ملڪ گيريءَ کان خوفزده ٿي، انگلنڊ ۽ فرانس پولينڊ کي آئنده ڪنھن اھڙي صورتحال ۾ مدد ڪرڻ جو وعدو ڪيو.
اُنھيءَ ڳالھ کي منھن ڏيڻ لاءِ جرمنيءَ، اٽليءَ جپان ۽ اسپين جي چئن فسطائي نظريي ۾ اعتقاد رکندڙ حڪومتن پاڻ ۾ متحده محاذ قائم ڪيو. جلد ئي جرمنيءَ ۽ اٽليءَ ھڪ قدم اڳتي وڌائي، پاڻ ۾ ملٽري پئڪٽ ڪيو.
ساڳئي سال ۾، 23 آگسٽ 1939ع تي، جرمنيءَ ۽ رشيا جي حڪومتن، پاڻ ۾ جنگ نه ڪرڻ جو عھدنامو ڪيو.
انھن ڳالھين کان متاثر ٿي، آمريڪا جو پريزيڊنٽ، مسٽر روزويلٽ، پولينڊ ۽ جرمنيءَ جي وچ ۾ صلح ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر جرمني پنھنجي تقاضائن کي گھٽائڻ لاءِ تيار نه ٿي. ان ڪري ڪوبه سمجھوتو ٿي نه سگھيو.
جنھن کان پوءِ جرمنيءَ، پولينڊ جي ورھاڱي لاءِ پنھنجي 16 نڪتن واري تجويز، 31 آگسٽ 1939ع تي، ظاھر ڪئي، ۽ ٻئي ڏينھن يعني پھرين سيپٽمبر 1939ع تي وڌي اُن تي حملو ڪري ڏنو. ۽ اِئين زوران زوريءَ اُن جو ڊانزنگ وارو سامونڊي بندر پنھنجي قبضي ۾ آڻي ڇڏيو.
3 سيپٽمبر 1939ع تي، انگلنڊ ۽ فرانس، مجبور ٿي، جرمنيءَ سان جنگ جو اعلان ڪيو، ۽ اِئين ٻاويھن سالن جي انڌي منڊي صلح کان پوءِ، يورپ ۾ ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ جي شروعات ٿي.