تاريخ، فلسفو ۽ سياست

جديد عالمي سياست

ڪتاب ”جديد عالمي سياست“ اوهان اڳيان پيش آهي. هن ڪتاب جو ليکڪ قومپرست سياستدان ۽ ڏاهو ليکڪ سائين جي ايم سيد آهي. هي ڪتاب 1978ع ۾ . سنڌي اديبن جي ڪوآپريٽو سوسائٽي لميٽڊ حيدرآباد پاران ڇپايو ويو.
  • 4.5/5.0
  • 4821
  • 2476
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • جي ايم سيد
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جديد عالمي سياست

اوائلي تشريح

جنھن وقت اسان ھتي ھندوستان ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد ۽ اُن جي نتيجي ۾ وقت به وقت مليل آئيني سڌارن جا تجربا ڪري رھيا ھئاسون، ان وقت يورپ ۽ ايشيا جي مکيه ملڪن ۾ ڇا وھي واپري رھيو ھو، ان وقت انھن ڳالھين جو اسان جي ملڪي مسئلن تي ڪھڙو اثر پيو ٿي: پڙھندڙن جي معلومات لاءِ ان جو ڪجھ ذڪر ھيٺ ڪجي ٿو.
ھندوستان دنيا جي وڏن مکيه ملڪن مان ھڪ آھي. سندس ماضي نھايت شاندار ٿي گذريو آھي. منجھس ماڻھن ۽ مال جي ڪمي نه پئي رھي آھي. اُن جي گذشته تاريخ ۾ ڪيئي لاھا چاڙھا پئي رھيا آھن. ليڪن اُن وقت ڌاري، بين الاقوامي حالات کان متاثر ٿي، انگريزي دورِ حڪومت جي عرصي ۾ خانه جنگيءَ ۽ بيروني حملن کان آزاد رھي، ھندوستان ترقيءَ جي راھ تي گامزن ٿيندو نظر آيو ٿي.
پھرينءَ مھاڀاري لڙائيءَ وقت ھندوستانين انگريزي حڪومت جو ساٿ ڏيئي، پيسي، لشڪر ۽ سامان رسد ذريعي جرمنيءَ ۽ انھن جي ساٿين تي فتح حاصل ڪرڻ ۾ اُن جي گھڻي مدد ڪئي ھئي.
اُنھيءَ جنگ جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اتحادين يورپ جي ننڍين قومن کي آزادي ڏياري ھئي، ليڪن ايشيا ۽ آفريڪا ۾ سندن پنھنجي سامراج ھيٺ آيل ملڪن کي آزاد ڪرڻ لاءِ سندن ڪوبه ارادو ظاھر ڪونه ٿي ڏٺو. جنھنڪري اُنھن محڪوم ملڪن ۾ پنھنجي پنھنجي آزاديءَ لاءِ ھلچلون شروع ٿي ويل ھيون، جن کي سختيءَ سان دٻائڻ ۾ ھُنن ھر ڪا ڪوشش پئي ڪئي.
انھيءَ وقت ۾ سامراجي ملڪن جي چنبي مان آزاد ٿيڻ لاءِ ايشيا ۽ آفريڪا جي مختلف خِطن ۾ آزاديءَ لاءِ جيڪا جدوجھد ٿي رھي ھئي ۽ اُن کي دٻائڻ لاءِ انگلنڊ، فرانس، اسپين، ھالنڊ، اٽلي وغيره سامراجي حڪومتن جيڪي طريقا اختيار ڪيا ھئا؛ خود مھاڀاري لڙائيءَ جي نتيجي ۾ دنيا جي سياسي طاقتن ۾ جيڪا تبديلي واقع ٿي ھئي؛ ۽ اتحادين شڪست کاڌل طاقتن ۽ حڪومتن سان جيڪو رويو اختيار ڪيو ھو؛ ان جي ردعمل طور دنيا ۾ ڪيترا نوان سياسي نظريا وجود ۾ آيا ھئا، جن جو ماڻھن تي گھڻي قدر اثر پوڻ لڳو ھو.
جنگ پوري ٿيڻ کان پوءِ، شروع ۾، اتحادين لڙائيءَ جي ٿڪاوٽ ۽ ان ۾ ٿيل نقصان جي پورائيءَ لاءِ ڪجھ نرم برتاءُ اختيار ڪيو ھو. پر آھستي آھستي ٿي، ھُو پنھنجي پنھنجي تسلط ھيٺ آيل ملڪن جي عام راءِ کي ٺوڪرون ھڻي، عام دٻاءَ جا طريقا اختيار ڪرڻ لڳا ھئا.
ليگ آف نيشنس، جيڪا نيڪ ارادن سان برپا ڪئي ويئي ھئي، تنھن کي ھو پنھنجي سامراجي مفادن لاءِ اوزار ڪري ڪتب آڻڻ لڳا ھئا. سندن اھڙيءَ روش ڪري يورپ جي شڪست کاڌل ملڪن ۾ ھڪ طرف ۽ ايشيا ۽ آفريڪا جي سندن مقبوضه ملڪن ۾ ٻئي طرف، سخت ردعمل پيدا ٿي چڪو ھو.
دنيا کي معلوم ٿي ويو ھو ته اتحادي طاقتور بيشڪ ھئا، پر جھڙي طرح ھنن جنگ جي وقت ظاھر ڪيو ٿي ته ھي ننڍين قومن جي آزاديءَ لاءِ لڙندڙ جمھوري سرشتي حڪومت جا روح روان، دنيا ۾ امن آڻڻ جا خواھشمند، حق ۽ ايمان جا حامي ھئا؛ اُھي سندن جملي دعوائون تجربي جي آڌار تي غلط ثابت ٿيون ھيون.
دنيا کي پتو پئجي ويو ھو ته ھُنن سامراجي طاقتن جڏھن ننڍين قومن جي آزاديءَ جو نالو ورتو ٿي، ته اُن مان سندن مقصد صرف سندن پنھنجن مخالف حڪومتن جي ماتحت قوميتون ھو. پر ايشيا ۽ آفريڪا جا ملڪ، جي خود سندن قبضي ھيٺ ھئا، انھن کي آزاد ڪرڻ جو ھنن جو ڪوبه ارادو ڪونه ھو. بلڪ انھن ملڪن ۾ ھلايل آزاديءَ جي تحريڪن کي ڪچلڻ لاءِ ھنن وسان نٿي گھٽايو.
سندن اھڙيءَ روش ڪري دنيا ۾ سندن اخلاقي اثر گھٽجي ويو ھو. ليگ آف نيشنس، جا دنيا جي مختلف ملڪن جي وچ مان اختلافن کي باھمي گفتگوءَ ذريعي فيصل ڪرڻ جي ارادي سان قائم ڪرايل ھئي، سا سندن سياسي منصوبن جو آکاڙو بڻجي پيئي ھئي. ان ۾ جن کي وڻين ٿي، ميمبر ٿيڻ جي اجازت ڏنائون ٿي؛ جن کي پسند نٿي ڪيائون، تن کي انھيءَ جماعت جو ميمبر به ڪرڻ نٿي ڇڏيائون.
جيتوڻيڪ عام راءِ کي راضي رکڻ لاءِ ليگ طرفان ڪي ٺھراءَ پاس ڪيا ويا ٿي، پر جي اُھي ٺھراءَ اتحادين مان ڪن جي ملڪي مفاد جي خلاف ھئا، ته انھن کي عمل ۾ آڻڻ لاءِ ڪابه ڪوشش ڪانه ٿي ڪئي ويئي، بلڪ ڪن حالتن ۾ اُنھن جي خلاف ورزي ڪئي ويئي ٿي.
ليگ آف نيشنس کي عملي طرح پنھنجي ڪنھن فيصلي مڃائڻ لاءِ اڳيئي ڪوبه اختيار ڪونه ھو؛ ان جي فيصلن کي صرف عام راءِ، اخلاقي اثر ۽ اتحادين جي طاقت تي آڌار ھو. پر جڏھن خود ااتحادين ان کي حَق ۽ انصاف لاءِ ڪتب نٿي آندو، ته آھستي آھستي ٿي، عام ماڻھن ۽ ملڪن جو ان جي افاديت مان اعتبار ٽٽندو ويو. ڪي ملڪ ان کي بيڪار سمجھي، اُن مان نڪري ويا. ڪن اُن جي ڳالھين ۾ دلچسپي وٺڻ ڇڏي ڏني. ان وقت ڌاري ماڻھن جي عام راءِ جي ترجماني ڪندي، ڊاڪٽر شيخ محمد اقبال ليگ لاءِ ھيٺينءَ طرح اظھار خيال ڪيو ھو:
من ازين پيش ندانم ڪه ڪفن دزد چند،
بھرِ تقسيمِ قبور انجمني ساختند
[ مون کي (ليگ آف نيشنس بابت) ھن کان وڌيڪ معلوم نه آھي ته رڳو قبرن جي ورھاست لاءِ ڪفن چورن ھڪ جماعت ٺاھي آھي.]
دنيا ۾ اھڙين حالتن پيدا ٿيڻ سبب، گذريل مھاڀاريءَ لڙائيءَ ۾ يورپ جي شڪست کاڌل ملڪن ۾ بي آرامي ۽ بي چيني پيدا ٿي پيئي، ۽ اُنھن پنھنجي حالت درست ڪرڻ، وڃايل طاقت ٻيھر حاصل ڪرڻ ۽ ساڻن ٿيل ظلمن جي علاج لاءِ نئين سر منظم ٿي، ڪوششون ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيون. اُن کان سواءِ ايشيا ۽ آفريڪا کنڊن ۾ به اتحادين جي تسلط ھيٺ آيل ملڪن ۾ آزاديءَ لاءِ جدوجھد به تيز ٿي چڪي ھئي.
اُنھيءَ وقت ڌاري يورپ ۽ ايشيا ۾ ڪن مکيه ليڊرن جي اڳواڻيءَ ھيٺ نيون تحريڪون شروع ٿيون ھيون، جن ماڻھن کي خاص نظرين، مقصدن ۽ پروگرامن مطابق منظم ڪري، طاقت ۾ آڻڻ گھريو ٿي.
اِھو سوال جدا آھي ته قومن جي بيداريءَ ۽ اُنھن جي طاقتور بڻجڻ جو مکيه ڪارڻ ليڊر ٿين ٿا، يا جڏھن ڪن خاص حالتن ھيٺ ڪي قومون بيدار ٿي، پنھنجن حَقن جي حفاظت لاءِ تيار ٿيڻ ٿيون، ته اُنھن جي رھبريءَ لاءِ، حالتن جي تقاضا ڪري، ڪي قابل ماڻھو پيدا ٿي اچيو سندن اڳواڻيءَ جون واڳون وٺن. بھرحال اِھا حقيقت آھي ته جڏھن باھ لڳڻ لاءِ مواد ڪٺو ٿئي ٿو، ته ڪونه ڪو اچيو ان کي تيلي لڳائڻ جو ڪم سرانجام ڪري.
ھي سمورو دؤر(1918ع – 1939ع) دنيا جي مکيه ليڊرن، اُنھن جي تحريڪن ۽ اُنھن جي رد عمل ۽ عام تصادم ڪري، ٻيءَ مھاڀاري لڙائيءَ لڳڻ جي سببن ۽ واقعن سان ڀريو پيو آھي. تنھنڪري بين الاقوامي حالتن کي پوريءَ طرح سمجھڻ لاءِ دنيا جي مکيه ملڪن، اُنھن ۾ پيدا ٿيل تحريڪن ۽ انھن جي مکيه اڳواڻن جو سمجھڻ ضروري ٿيو پوي. ان ڪري يورپ ۽ ايشيا جي چند مکيه اڳواڻن ۽ سندن خيالن ۽ ڪارنامن جو مختصر احوال ھيٺ ڏيان ٿو.