درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم صاحبان جو ذڪر
رياست خيرپور جي هڪ تاريخي شهر کهڙا تعلقي گمبٽ ۾ مخدوم صاحبان جو خاندان صدين کان آباد آهي. هن خاندان جو سلسلئه نصب رسول اڪرم صلي الله عليه وآلهِ وسلم جن جي چاچي سيدنا عباس رضي الله عنه سان ملي ٿو، چون ٿا ته مخدوم صاحب کهڙن وارن جو وڏو ڏاڏو سيدنا ابراهيم سنه 228 هجريءَ ۾ عباسي خليفن جي دور ۾ اسلامي تبليغ ۽ شرعي حڪمن جي رواج ڏيارڻ لاءِ سنڌ ملڪ ۾ آيوهو ۽ اچڻ شرط نيرون ڪوٽ (حيدرآباد) جي شمالي جبل ڪوهه ڪلور ۾ اچي سڪونت اختيار ڪيائين. ماڻهو کيس سيدنا ڪلور والا سڏيندا هئا. آخر گهڻي استعمال ۽ بي علم ماڻهن جي غلطيءَ ڪري ڪلور مان ڪلهوڙه نالي سان مشهور ٿيو. گهڻي مدت کان پوءِ اتي ئي سنه 348 هجري ۾ چورن هٿان جام شهادت پيتائين. جنهن کان پوءِ سندس فرزند سيدنا عبدالله صاحب دستار ٻڌي. اهڙي طرح سندس ئي اولاد شرعي مسند تي ويهندي آئي. اهڙي طرح مخدوم احمد عباسي هاشمي پڻ مسند شريعت تي اجلاس فرمايو ۽ پرڳڻي حيدرآباد ۽ ٺٽي ۾ قاضي مقرر ٿيو ۽ سنه 870 هجريءَ ۾ وفات ڪئي. جنهن بعد مخدوم اسدالله مسند شرعي تي مسند نشين ٿيو، اڪثر وقت رياضت ۽ عبادت خدائي ۾ مشغول هوندو هو ۽ سندس چهري مبارڪ مان هيبت اسم ذاتي ظاهر ٿيندي هئي. بادشاهه محمد همايون سان عمرڪوٽ ۾ ملاقي ٿيو جنهن کانئس دعا گهرائي هئي. بادشاهه همايون ربيع الاول سنه 962 هجريءَ ۾ ڏاڪڻ تان ڪري فوت ٿي ويو ۽ سندس وفات بعد همايون جي فرزند محمد جلال الدين اڪبر 14 سالن جي ڄمار ۾ تخت نشين ٿيو جو مخدوم اسد الله رحه جن سان دوستي ۽ دعا طلبي جو رستو گهڻو هوندو هو ۽ مخدوم صاحب شرعي احڪام جاري ڪرڻ لاءِ پروانا پڻ جاري ڪيا هئا. چون ٿا ته مخدوم اسد الله اسلامي ڪمن ۾ ايتري ڪوشش ورتي هئي جو هزارين ڪافرن کي سنئين راهه تي آڻي مسلمان ڪيو هئائين. ان وقت جي بادشاهه محمد جلال الدين اڪبر، مخدوم اسدالله جن کي سنڌ جو قاضي مقرر ڪري هڪ رقم شرعي احڪامن جي رواج ڏيارڻ بابت عطا ڪئي هئي، جنهن بعد مخدوم صاحب اڃان به اسلامي ڪمن ۾ روز بروز گهڻي ڪوشش ٿي ورتي ۽ آسپاس جي علائقن ۾ ديني تبليغ لاءِ دورو ۽ گشت ڪرڻ شروع ڪري ڏنائين. سکر ۽ بکر طرف تبليغ ۽ دورو ڪندا ٿي ويا. ان تبليغ دوران راهه ۾ پپري شهر ۾ سڪون پذير ٿيا، پپريءَ جو شهر ان وقت چڱي حيثيت ۾ هو ۽ کهڙن کان ٻن ميلن جي فاصلي تي آهي.
مخدوم صاحب پپريءَ ۾ هڪ مسجد تعمير ڪرائي ۽ سنه 966 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.
مخدوم اسدالله پپريءَ واري جي وفات کان پوءِ سندس فرزند جمال الدين محمد رحه رونق افروز ٿيو جنهن پڻ حسب دستور تعليم تدريس ۽ شرعي ڪمن ۾ گهڻي ڪوشش ورتي ۽ سنه 1027 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. ان جي وفات بعد سندس فرزند مخدوم يحيٰ مسند نشين ٿيو ۽ بدرالدين جي لقب سان مشهور ٿيو. سندس تصنيفات اساس المصليٰ ۽ رساله توحيد مشهور آهن. سنه 1041 هجريءَ ۾ وفات ڪري ويو. سندس مزار شريف پير شاهه جاڙيو ۾ آهي. هن بزرگ جي وفات بعد سندس فرزند قاضي عبدالخالق مسند نشين ٿيو ۽ پپري شهر مان ڪوچ ڪري شهر کهڙن ۾ اچي رهيو جتي سن 1062 هجري ۾ وفات ڪيائين سندس مزار شريف پڻ کهڙا شريف ۾ آهي. مخدوم عبدالخالق جي وفات بعد سندس فرزند قاضي عاقل مسند تي رونق افروز ٿيو. پاڻ روحانيت جو صاحب هو. چون ٿا ته کيس حضور صلعم جن طرفان ڪيتريون ئي بشارتون مليون هيون. پاڻ 1092 هجريءَ ۾ وفات ڪيائون. سندس مزار پڻ کهڙا شريف ۾ آهي.
مخدوم قاضي عاقل جي وفات بعد مخدوم محمد رحه صاحب مسند نشين ٿيو. مجدد دين نبوي، مبدع قوانين، شرع محمدي، قاطع رسومات غير شرعي وغيره سندس لقب هئا. پاڻ 1122 هجري ۾ وفات ڪيائون. سندس مزار شريف پڻ کهڙا ۾ آهي.
مخدوم محمد رحه سان شاهه لطيف رحه جي ملاقات:
مخدوم محمد رحه جن جي وقت ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي پڻ سير ڪندي کهڙن جي شهر ۾ فقير ميان چنيهه اڄڻ جي کوهه تي اچي منزل انداز ٿيو. چون ٿا ته شاهه ڀٽائي سان گڏ ڪجهه خليفا ۽ گويا به طنبورن سميت گڏ هئا. مخدوم صاحب جي خليفن شاهه سائين کي ڪونه سڃاتو ۽ طنبورا هٿن ۾ ڏسي غير شرعي روش محسوس ڪري ڪي قدر ناراضگي به ڪئي هئائون. مخدوم صاحب ڳالهه مان سمجهي ويو ته اهو شخص شاهه عبداللطيف رحه آهي پوءِ کيس دعوت ڪرڻ لاءِ پنهنجو خاص ماڻهو موڪليائين. شاهه صاحب هڪ ٺڪريءَ تي ڪوئلي سان هيٺيون جواب لکي موڪليو:
اڄ نه آيس آءُ، سڀان ايندس سپرين،
توتي جنهن جو نانءُ کڻي بار کهين جو (شاه)
چون ٿا ته شاهه ڀٽائي کهڙن ۾ مخدوم صاحب وٽ هڪ رات رهيا. مخدوم محمد رحه جن جي وفات بعد مخدوم عبدالرحمان گادي نشين ٿيو. مخدوم عبدالرحمان شهيد ۽ سندس ڀاءُ مخدوم عاقل شهيد پڻ دين اسلامي ڪمن ۾ دل و جان سان ڪوشش ڪندا هئا. مخدوم عبدالرحمان ۽ مخدوم عاقل سميت 222 ماڻهن کي سن 1145 هجريءَ ۾ سنڌ جي حاڪم ميان نور محمد ڪلهوڙي جي اشاري تي مسجد اندر مراقبي جي حالت ۾ شهيد ڪيو ويو. ٻڌايو وڃي ٿو ته شهيدن جا لاش ٻه ٽي ڏينهن مسجد شريف ۾ پيل هئا. پوءِ گهوٽڪي واري پير موسيٰ شاهه کي خواب ذريعي ارشاد ٿيو ته کهڙن ۾ وڃي شهيد ٿيلن جا لاش دفنائي اچ جنهن بعد ٽئين ڏينهن پير صاحب کهڙن ۾ پهچي مخدوم عبدالرحمان ، مخدوم عاقل، ميان حاجي شاهه ۽ ٻيا حافظ سيد قبي ۽ صفحي واري جاين تي دفن ڪرايا باقي ٻين شهيدن جا لاش اتي ئي هڪ کوهه ۾ وجهي ان کي لٽائي ڇڏيائين پوءِ پير موسيٰ شاهه ڪجهه مهينا هن درگاه تي رهيو.
سچل سرمست ۽ پير صالح شاهه راڻيپور جو هن درگاه تي اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو. سن 1232 هجريءَ ۾ درگاهه کهڙا شريف جي مخدوم محمد عاقل جي وفات تي سندس جنازي نماز وقت پير صالح شاهه، پير احمد شاهه جيلاني ۽ پير محمد راشد روضي ڌڻي ۽ فقير ميان سچيڏنو (سچل سرمست) موجود هيا. ان مان ثابت ٿئي ٿو ته صوفي بزرگ شاعر سچل سرمست ۽ شاعر بزرگ پير صالح شاهه جيلانيءَ جن جو پڻ هن درگاهه تي اچڻ وڃڻ ٿيندو هيو.
پير محمد راشد روضي ڌڻيءَ جو هن درگاهه سان تعلق:
پير صاحب محمد راشد هڪ وڏو فاضل بزرگ ۽ اڪمل ٿي گذريو آهي. سندس پيءُ جو نالو سيد محمد بقا هيو جيڪو اصل سائدي (تعلقي گمبٽ) جو رهاڪو هيو، پير محمد راشد 14-15 سالن جي ڄمار ۾ کهڙا شريف ۾ مخدوم محمديءَ صاحب وٽ ديني تعليم حاصل ڪندو هو. چون ٿا ته هن درگاهه تي ننگر جو سمورو ڪاروبار سندس هٿ هيٺ رهندو هيو. پير صاحب روضي ڌڻي 29 رجب جمع ڏينهن سنه 1233 هجري ۾ وفات فرمائي.
مخدوم محمد اسماعيل پريالوئيءَ سان کهڙا شريف جي مخدومن جو تعلق:
مخدوم محمد اسماعيل لقب عبدالرسول ذات جوڻيجو اصل ويٺل ٽڳڙ ضلع لاڙڪاڻو پوءِ اُتان هجرت ڪري پريالوءِ شهر (خيرپور) ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو. وڏو ڪامل خدا رسيده بزرگ هيو ۽ هزارين مريدن جي رهبري ڪري کين فيض پهچايو هئائين. کيس قلمي قرآن لکڻ جو ڏاڍو شوق هوندو هيو. پاڻ 8 ربيع الاول سنه 1174 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين. سندس مقبرو پريالوءِ ۾ آهي. مخدوم پريالوئي جي نياڻي سان مخدوم عاقل کهڙائي شادي ڪئي هئي. اهڙي طرح ان رشتي سان کهڙا جي مخدومن جو رابطو ظاهري توڙي باطني طرح مخدوم پريالوئي سان جڙي ويو.
احمد شاهه ابداليءَ جي مخدومن صاحبن سان ملاقات:
احمد شاهه، نادر شاهه ايراني وٽ ابدالي قوم جو سپهه سالار هيو، سن 1160 هجري ۾ نادر شاهه جي شهادت کان پوءِ احمد شاهه ابدالي جنگيون ڪري فتحياب ٿيو ۽ مال خزانا هٿ ڪري قنڌار ۾ پهچي تخت سلطنت تي قيام فرما ٿيو ۽ پاڻ کي ابداليءَ مان ڦيري درانيءَ سان مشهور ڪرايائين. ڪجهه ڀيرا ملڪ هندستان تي حملو ڪري فتحمند رهيو. هن بادشاهه سن 1180 هجري ۾ وفات ڪئي. ٻڌايو وڃي ٿو ته احمد شاهه ابدالي دهلي ڏي وڃڻ وقت پنهنجي شاهي لشڪر سميت کهڙا شريف ٻاهران اچي منزل انداز ٿيو هو ۽ درگاهه کهڙا شريف جي گادي نشين مخدوم محمد رحه بن عبدالرحمان شهيد جو نالو ٻڌي ساڻس مسجد شريف ۾ اچي مليو، مخدوم محمدي صاحب جن جي شخصيت کان متاثر ٿي کين ڪجهه جاگيرن جا پروانه لکرائي مهر هڻي سندس خدمت ۾ تحفي طور پيش ڪيا هيائين، جن ۾ احمد شاهه پاران ڏنل ديهه مرزانپور، موسيٰ پور، منعم آباد وغيره ۾ اچي وڃي ٿي. مٿين جاگيرن واريون سندون مخدوم محمديءَ جي وفات کان پوءِ سندس ڀاءُ مخدوم احمد جي نالي تي جاري رهيون، جن جو ثمر مخدوم صاحبن جي پوين کي ملندو رهي ٿو.
ان کان سواءِ احمد شاهه ابداليءَ کهڙن ۾ هڪ وڏي مسجد پڻ جوڙائي. بعد ۾ احمد شاهه رحه جي پٽ تيمور شاهه، شاهه زمان، محمود شاهه ۽ شاهه شجاع الملڪ پڻ هن درگاهه سان پڻ عقيدت واري سلوڪ سان پيش ايندا هئا. انهن سڀني افغاني ۽ ايراني مغل بادشاهن جا پروانا ۽ فرامين وغيره اڄ به درگاهه شريف جي قطب خاني ۾ موجود آهن.
جامع مسجد ۽ مخدوم شهيدن جو مقبرو
جامع مسجد مخدوم صاحبان کهڙا شريف جي تعمير جي شروعات سنه 1157 هجريءَ ۾ ٿي ۽ سنه 1190 هجري ۾ جڙي راس ٿي. مخدوم شهيدن جو مقبرو پڻ ساڳي ٻارهين صديءَ ۾ مسجد شريف کان پوءِ ٺهيو آهي. مسجد شريف جي مرمت لاءِ مير علي مراد خان ٽالپر پڻ رقم ڏني هئي. ان کان سواءِ سنڌ جي قديم درسگاهه کهڙا جي عمارت پڻ هتي موجود آهي. هن ڦٽل عمارت جي مڪمل مرمت 1994ع ۾ ٿي.
حوالا:
جنت السنڌ مولائي شيدائي
تاريخ و تذڪره بزرگان سنڌ.