لوڪ ادب، لساني ۽ ادبي تحقيق
پانڌي ۽ پروڙ
نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي.ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
- 0/5.0
- 3355
- 704
- 3 سال اڳ
- 0
سنڌ سلامت پاران
سنڌ سلامت ڊجيٽل بوڪ ايڊيشن سلسلي جو نئون ڪتاب ”پانڌي ۽ پروڙ“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب نامياري شاعر ۽ ليکڪ ادريس عاجز عباسي جي ادبي، تحقيقي، تنقيدي ۽ تاثراتي مضمونن جو مجموعو آهي. الطاف اثيم لکي ٿو:”ويجهڙائي ۾ سنڌ جي تاريخي ۽ محَقق ضلعي خيرپور ميرس مان گهڻي تيزيءَ سان ڪاغذن کي قلم زد ڪندڙ اسان جي باصلاحيت نوجوان ليکڪن مان ادريس عاجز به هڪ آهي. ٿورڙي عرصي اندر ڪيترن ئي ادبي، تاريخي، سماجي ۽ ثقافتي عنوانن تي لکي پاڻ کي قلم قبيلي اندر نروار ڪري چڪو آهي. جيئن ته سندس مضمونن جي زير نظر مجموعي جو نالو پاڻ تجويز ڪيو اٿئين تنهن مان ظاهر ٿئي ٿو، ته هن پاڻ کي پروڙ واري منزل جو پانڌيئڙو بڻائي ڇڏيو آهي.
ادريس عاجز پنهنجي هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون رکيا آهن تن کي پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته وٽس ”موضوع“ جي اهميت آهي ۽ هن پنهنجي وت آهر مطالعي ۽ مشاهدي کان ڪم وٺڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.“
هي ڪتاب 2014ع ۾ نئون نياپو اڪيڊمي، سچل ڳوٺ، ڪراچيءَ پاران ڇپايو ويو. ٿورائتا آهيون نئون نياپو اڪيڊمي جي سرواڻ انعام عباسيءَ جا جنهن ڪتاب جي ڪمپوز ڪاپي موڪلي سنڌ سلامت ۾ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
اوهان سڀني دوستن، ڀائرن، سڄڻن، بزرگن ۽ ساڃاهه وندن جي قيمتي مشورن، راين، صلاحن ۽ رهنمائي جو منتظر.
محمد سليمان وساڻ
مينيجنگ ايڊيٽر ( اعزازي )
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sulemanwassan@gmail.com
www.sindhsalamat.com
books.sindhsalamat.com ڪتاب جو مطالعو ڪريو
ڪتاب تي آيل ريٽنگ ۽ رايا
ھيستائين ڪابہ ريٽنگ ناھي مِلي
ڪتاب تي راءِ ڏيڻ لاءِ مھرباني ڪري لاگ ان ڪريو.
- ليکڪ ادريس عاجز عباسي
- ڇپيو ويو 2014
- ڇپائيندڙ نئون نياپو اڪيڊمي سچل ڳوٺ
- ڇاپو پھريون
- عالمي ڪتاب نمبر
- آن لائين ٿيو 29/Apr/2017
- ترجمو آھي؟ جي نہ
- ٽيڪسٽ ۾ آھي؟ جي ھا
- لاٿو ويو 704 ڀيرا