غني غمدل جي شاعريءَ تي هڪ نظر
نئين ٽهيءَ جا نوجوان شاعر سٺو ٿا لکن پر سندن لکڻين ۾ فني ۽ فڪري کوٽ ڪافي حد تائين محسوس ٿئي ٿي، اهو ان ڪري جو نوجوان پنهنجون لکڻيون ڪنهن سينيئر کي نٿا پڙهائين ( اصلاح نٿا وٺن). مون سنڌو ڊائجسٽ ۾ غني غمدل جي شاعري پڙهي آهي، هي شاعر محنت ڪندي اڳتي اڀرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
آئون سندس شايع ٿيل شاعريءَ تي بحث ڪرڻ چاهيان ٿو ته جيئن شاعر جي اصلاح ٿي سگھي.
وائي
نيٺ ته ملندي هوءَ، ڄامشوري جي پل تي
هٿڙو ڏئي هٿ ۾
مون سان گھمندي هوءَ،
ڄامشوري جي پل تي،
گلابن جا گل اڄ
مون کي هڻندي هوءَ،
ڄامشوري جي پل تي،
غمدل تنهنجو چاهه مان،
نالو کڻندي هوءَ،
ڄامشوري جي پل تي
وائيءَ جي باري ۾ جيڪي روايتون ملن ٿيون، انهن مطابق اهو هندي لفظ ”واڻي“ يا ”ٻاڻي“ مان نڪتل آهي ، يا پراڪت لفظ ” وايا“ يا سنسڪرت جي لفظ ”ورت“ يا عربي جي لفظ ”واءِ“ مان ورتو ويو آهي، جنهن جي معنيٰ آهي، ”ڳالهه ٻولهه“ جيئن سنڌيءَ ۾ چيو ويندو آهي ”چڱي وائي ڪر“
مخدوم طالب الموليٰ جي چوڻ مطابق ” وائي“ بيت، مدح يا سنڌي قصيدن مان ٺهي آهي، ڇو ته انهن ٽنهي صنفن جو گھاڙيٽو ساڳيو آهي.
غني غمدل پنهنجي مٿين وائيءَ ۾ ”ڇوڪري“ کي موضوع بڻايو آهي. وائي ۾ تمام سطحي قسم جون سوچون لکيون اٿائين، جيئن هوءَ مون سان ڄامشوري پل تي گڏجي گھمندي سو به هٿ هٿ ۾ ڏئي، گلابن جا گل هڻندي ۽ منهنجو نالو چاهه مان کڻندي سڄي وائي پڙهڻ بعد معلوم ٿئي ٿو ته هي شاعر زلف جي قيد ۽ بند کان اڃا تائين آجو نه ٿيو آهي ۽ تڏهن ئي ته سندس وائيءَ ۾ ڪي به ڇرڪائيندڙ احساس سمايل نه آهن.
غزل
بهار آيو نه يار آيو، اسان جي دلڙي رڙي پئي آ
سکن اسان کان ڦٽائي ياري، اسان جي دلڙي ڀري پئي آ
اڙي زمانا ميار توتي، اسان جي ناهي خدا ٿو ڄاڻي،
ڏکن مٿان جي ها ڏکڙا آيا، اسان جي دلڙي ڏري پئي آ،
وفا اوهان ۾ رهي نه آهي، اوهان تي ڪائي ميار ناهي،
نه باهه هاڻي وسامي سگھندي، اندر ۾ جيڪا ٻري رهي آ،
ميار ڪهڙي اوهان تي آهي، ميار ڪهڙي ڏجي انهن کي،
نه ڳار ايڏو تون ڳڻتين ۾ اڳيئي دلڙي ڳري پئي آ.
مٿئين غزل ۾ غمدل ابتا سبتا حوال ڪري قافين جي پورائي ڪئي آهي ۽ هروڀرو ساڳيون ڳالهيون ورجايون آهن. غزل جي شروعاتي هيٺين سٽ ۾ چيو اٿائين ته ”دل ڀري پئي آ“ واضح نه ڪيو اٿائين ته دل خوشين سان ڀريل آهي يا غمن سان، ساڳئي غزل ۾ هڪ ٻي وڏي ڪچائي هيءَ به آهي ته ميار ناهي، ميار ڪهڙي ، ميار ڪهڙي ڏجي، وارو جملو هر هر ۽ هروڀرو ورجايو آهي. جنهن مان شاعر جي ذهني وسعت ظاهر ٿئي ٿي. غمدل جو هڪ ٻيو غزل پڙهون ٿا، جيڪو پڻ ڇپيل آهي:
غزل
ڌاڙيلن جا يار هزارين
چورن جا سردار هزارين
دل جو گل ڪوماڻيل آهي،
ڇا پو ڪندا بهار هزارين،
سنڌو ۾ جو پاڻي ناهي،
اس تي پيا هن ڄار هزارين،
ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن،
روئندا وتن ٿا ٻار هزارين.
هن غزل ۾ ”غني غمدل“ ديس جي درد جي ڪٿا بيان ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. فڪري حساب سان هي غزل ايترو سٺو ڪونهي، ڇاڪاڻ ته غزل ۾ ڏنل تشبيهون تمام ساديون ۽ بي مقصد آهن، مثال سنڌوءَ ۾ جو پاڻي ناهي اس تي پيا هن ڄار هزارين، شاعر سنڌوءَ ۾ پاڻي ناهي جي ڳالهه ڪندي احساس ڏياريندي چوي ٿو ته اس تي ڄار پيا آهن، هيءَ ڪا ڇرڪائيندڙ تشبيهه ڪانهي، ڄار اس تي چوڻ بجاءِ ڌرتي اڃاري ڏيکاري ها، پوکون سڪندي سڙندي ڏيکاري ها، مال متاءُ اڃ مرندي ڏيکاري ها، ته پڙهندڙن کي سنڌوءَ جي سڪڻ جو احساس به ٿئي ها. ”غمدل“ ڄار اس ۾ پيل ڏيکاريا آهن، اها ڪا دل کي ڇهندڙ تشبيهه ته ڪانهي.
ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن،
روئندا وتن ٿا ٻار هزارين.
شاعر ڪونڌر ڪسجي وڃڻ بعد ٻارن کي روئندو ڏيکاريو آهي. ٻارن جو روئڻ ۽ کلڻ فطري عمل آهي، اڃ بک، سيءَ تپ ۾ به ٻار روئندا آهن، هونئن به ” روئندا وتن ٿا ٻار هزارين“ سٽ گردان ۾ وڌي ٿي وڃي، تنهن ڪري هنن سٽن کي هينئن لکجي ته:
ڪيئي ڪونڌر ڪسجي ويا هن
ٻاڪارن ٿا ٻار هزارين
غزل جي شروعات واري تشبيهه به غلط آهي. سٽون ٻيهر لکون ٿا:
ڌاڙيلن جا يار هزارين
چورن جا سردار هزارين.
مٿين سٽن ۾ هيٺين سٽ چورن جا سردار هزارين ڪا خاص معنيٰ نٿي ڏئي، جيڪڏهن هينئن لکجي ته بهتر ٿيندو. مثال
ڌاڙيلن جا يار هزارين،
چورن پاٿاريدار هزارين.
جيڪڏهن نئين ٽهيءَ جي شاعرن جي لکڻين تي جائزو تنقيد/ اصلاح نه ٿي ته سندن لکڻين ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي فني ۽ فڪري ڪوتاهيون رهجي وينديون. پوءِ ائين ئي ٿيندو ته اڳتي هلي سندن سموري ڪمائي نيٺ ” پاڻي ولوڙڻ“ ثابت ٿيندي.
***